رقعات غلامي (قلمي)

رقعات غلامي (قلمي)

رقعات غلامي قلمي

رقعات غلامي (قلمي): هي قلمي بياض آخوند غلام محمد تخلص ’غلامي‘ جو لکيل آهي، جنهن جو موضوع انشاءَ بردازي آهي. هن ۾ خط لکڻ جا طريقا ۽ ان کانپوءِ 51 خط مختلف نمونن جا سمجهائڻ لاءِ ڏنل آهن. ڪتاب موضوع جي لحاظ کان بھترين آهي، ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
”بعون ايزد و بياوري سلطان ابد اين
نسخه بہ يد غلام محمد در تاريخ ششم
ماھہ ربيع الآخر 1311ھہ تمام شد جهت
ياد آوري نوشته شد...“
۽ اختتام هيئن ٿو ٿئي:
”... هر آنچه از خدا خواستم زاين قياس
خدا داد برداده کردم سپاس“
61 صفحن تي مشتمل هي قلمي نسخو خود مصنف غلام محمد غلاميءَ جو ڪتابت ڪيل آهي، جيڪو خط شڪستہ ۽ خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي. هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو