رماند: سونارن جي آسڻ جو ٻُهر، سون ڳارڻ ۾ ڪم آيل ۽ بٺيءَ جو ڦلهيار سونارا هڪ هنڌ گڏ ڪندا ويندا آهن. ان ڪچري کي سونارن جي ٻوليءَ ۾ ’رماند‘ چئبو آهي. اهو بُهر سڄو سال گڏ ٿيندو رهندو آهي. جنهن کي سال ۾ ٻه ڀيرا صاف ڪرڻ وارو ’رماندي‘ ايندو آهي. رمانديءَ کي ’ڌوڙ ڌويو‘ يا ’ڌوڙيو‘ ڪري چوندا آهن.
’رماندي‘ سونارن جي گڏ ڪيل ٻُهر کي ناڻي تي وٺندو آهي، ڪي سونارا رمانديءَ کي پئسا ڏئي، پنهنجو رماند صاف ڪرائيندا آهن. ان رماند ۾ جيڪي سون جا ذرڙا، گهاڙ يا ڳار وقت ضايع ٿيندا آهن، سي ’ڌوڙ ڌويو‘ الڳ ڪندو آهي ۽ انهن کي ڳاري خالص سون هٿ ڪندو آهي. هو ڪچري يا رماند سان ٿلها ڪاغذ گڏي ساڙيندو آهي ۽ ڦلهيار گڏ ڪري ساڳيءَ ريت ساڙيندو آهي. اهو عمل هو مسلسل ڪندو رهندو آهي، ڪچرو ساڙي تغاريءَ ۾ ڳاريل مال وجھندو آهي، جنهن کي پسائي، رماندي، گپ ۽ ميري پاڻيءَ کان صاف ڪندو آهي. هو پاڻيءَ جي پورت لاءِ اڳواٽ وڏو ڊرم ڀري رکندو آهي. هو ڪم جي مرحلي کي اڳتي وڌائيندي ميرانجھڙو پاڻي هر هر هاريندو ويندو آهي، جيڪو رنگ ڇڏيندو ويندو آهي. اهڙيءَ ريت هر هر پاڻي وجھڻ ۽ هارڻ سان خام مواد واريون شيون ختم ٿي وينديون آهن.
انهيءَ حالت کانپوءِ هيٺ رڳو ڳرا ڌاتو وڃي بچندا آهن، انهن ڌاتن کي گڏ ڪري ڳاربو آهي. ڳارڻ وقت رماندي جيترو ڪچرو ڪٿيندو آهي، اوتري ڪچري سان شيهو گڏيندو آهي. شيهو ۽ بچيل ڪچرو گڏي کرڙ (لوهه، سون، چاندي، ٽامي ۽ ٻين ڌاتن جو گڏيل مواد) جڙندو آهي، جيڪو ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي. کرڙ رمانديءَ جي محنت جو آخري ڦل هوندو آهي. پوءِ کرڙ مان سون حاصل ڪرڻ جو طريقو ڪم آڻيندو آهي. جيترو گھڻو کرڙ هوندو، سون به انهيءَ حساب سان نڪرندو. رماندين (صفائي ڪندڙن) کي پتي وارو (نج) سون هٿ ايندو آهي.