رمز علي فقير

رمز علي فقير: ’صوفي شاھہ عنايت شھيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، ڄاڻائي ٿو تہ ”فقير رمز علي ڪاڪا ويٺل ڳوٺ ڀَليڏِنو ڪاڪا، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ جو هو. هُو محمد فقير جو ٻالڪو ۽ طالب هو. سدائين سير سفر ۾ رهندو هو. هي صوفي صفت درويش هميشہ خدمت خلق ۾ مصروف هوندو هو. پنھنجي دؤر جو چڱو شاعر بہ هو. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
منهنجو آهين تون ئي تون، مالڪ مک مظهر جو!
اسم عاشق امام اوهان جو، عالم تون اظهر جو . . .
ڏئين دام دلاور دم جا، داتا دولھہ در جو . . .
خلق خضر خود خادم تون، خالق خاص خبر جو . . .
رمز علي جي راز جا رهبر، سانگ ڪري آيون سرور جو.


لفظ رمز علي فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو