رمضان ساريو

رمضان ساريو: مشھور سماجي ڪارڪن، رمضان ساريي ولد محمد وريام، 1960ع ڌاري ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد مسجد جو پيش امام هو ۽ ڳوٺ ۾ ٻارن کي مفت قرآن شريف جي تعليم ڏيندو هو. رمضان ساريو صرف پرائمري تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو. پڙهڻ جو شوق تمام گهڻو هئس، پر غربت سبب تعليم اڌ ۾ ڇڏي پيءُ جو ننڍڙو دڪان هلائڻ لڳو. رمضان ساريو، نج عوامي ماڻهو آهي ۽ هر پل عوامي ڀلائيءَ جا ڪم ڪندو رهي ٿو. 1980ع ۾ جڏهن نامياري اديب انور پيرزادي ۽ ٻين گڏجي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾، ڳوٺ سڌار سنگت جو بنياد وڌو تہ رمضان ساريو ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ دوستن سان گڏجي ڳوٺ ۾ ڪيترا ترقياتي ڪم ڪرايائين. انور پيرزادي ۽ هن جي ڪوششن سان ڪيترا علمي، ادبي پروگرام منعقد ٿيا، جن ۾ هن بہ خوب نڀايو. رمضان ساريو 1991ع ۽ 1997ع ۾ ديھہ ابڙاپور لوڪل زڪوات ڪميٽيءَ جو چيئرمئن ٿيو ۽ عوامي ڀلائيءَ جا ڪيترا ڪم ڪيائين. مستحقن کي گهر ويٺي زڪوات جا چيڪ پهچائيندو هو ۽ ڳوٺ جي غريب ماڻهن جي علاج وغيرہ ضلعي عملدارن سان رابطي ۾ اچي سندس هر ممڪن مدد ڪندو هو.
بلدياتي چونڊن ۾ ٻہ ڀيرا يونين ڪائونسل لاءِ بيٺو هو. پاڻ غربت سبب تہ پڙهي نہ سگهيو، پر 2005ع ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان نياڻين جي تعليم لاءِ اسڪول قائم ڪرايائين، جنهن لاءِ پنھنجي گهر جا ٽي ڪمرا ڏنائين. هن وقت ان اسڪول ۾ 150 ٻار ۽ ٽي استاد مقرر آهن. ان کان سواءِ کيس سنڌ جي نامور ليکڪن جا فائيل ٺاهڻ جو بہ شوق آهي. سوڀي گيانچنداڻي، انور پيرزادي، زلف پيرزادي، محمد علي پٺاڻ ۽ ٻين جا مڪمل فائيل ترتيب ڏئي چڪو آهي. وڏيءَ عمر جي باوجود سماجي ڪم ڪندو رهي ٿو.


لفظ رمضان ساريوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو