رمضان سخيراڻي: سنڌ جو مشھور ڍولڪ نواز محمد رمضان ولد رانجهو سخيراڻي، 1978ع ڌاري ڦلجي اسٽيشن دادوءَ ۾ ڄائو. هن ابتدا ۾ موسيقيءَ جي تعليم پنھنجي والد کان ورتي. جلد ئي سنڌ جي تمام وڏي ڍولڪ نواز محمد بچل جي شاگردي ورتائين. هن وقت پاڪستان جو ڪوبه اهڙو مشھور راڳي نہ آهي، جنهن سان رمضان سخيراڻي ڍولڪ نہ وڄائي هجي.
محمد رمضان سخيراڻي پاڪستان جي مشھور گائڪن: مهدي حسن، غلام علي ۽ ٻين سان بہ ڍولڪ وڄائي چڪو آهي. هن ڪافي عرصو سنڌ جي مشھور فنڪار منظور سخيراڻيءَ سان بہ ڍولڪ وڄائي. آل پاڪستان ميوزڪ ڪانفرنس ۾ کيس ڪافي مڃتا ملي. کيس آل ميوزڪ ڪانفرنس اوارڊ ۽ استاد بخاري اوارڊ ملي چڪا آهن. محمد رمضان سخيراڻي دبئي، جرمني، بيلجيم ۽ برطانيہ وغيرہ ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. ڍولڪ وانگر طبلي تي بہ اوتري ئي دسترس رکي ٿو ۽ ان کانسواءِ گهڙو ۽ نال بہ سٺو وڄائڻ ڄاڻي. هن وقت هي دادو ۾ رهائش پذير آهي.