رمضان مگسي

رمضان مگسي: ملھہ پهلوان رمضان مگسي ڳوٺ سوڀي خان مگسي، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ جو رهاڪو هو. پنهنجن وڏن جي روايت کي برقرار رکڻ خاطر هن ملھہ سکڻ شروع ڪئي. هن پهرين محمد ابراهيم مگسي کان سکيا حاصل ڪري ملھہ جا ڪافي ڏانوَ سکيا ۽ استاد کيس شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌي ملاکڙن ۾ ملھہ وڙهڻ جي اجازت ڏني. هو ٻن سالن تائين ٽئين جوڙ ۾ ملھہ وڙهيو ۽ پوءِ ٻئي جوڙ ۾ شامل ٿيو. ٻئي جوڙ لاءِ هن استاد محمد حسن مگسيءَ کان سکيا ورتي. ان کانپوءِ هن سڄيءَ سنڌ جي ملاکڙن ۾ ملھہ وڙهڻ شروع ڪيو ۽ وڏن وڏن پهلوانن سان مقابلا ڪري ڪاميابي ماڻي. کيس ملھہ جي دنيا ۾ وڏي شھرت حاصل ٿي. اٽڪل ويھہ سال ملھہ وڙهڻ کانپوءِ پنھنجي فن کان رٽائر ٿيو.


لفظ رمضان مگسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو