رمضان واڍو: سنڌ جو نامور تعليم يافتہ سگهڙ ۽ شاعر رمضان واڍو ولد شھمير لاکو 1270ھہ/1852ع ڌاري يا ان کان ڪجهه عرصو اڳ ڄائو هو. هو سنڌ جي لاکن مان هو ۽ رمضان واڍي پنهنجو نسب لاکي ڦلاڻيءَ سان وڃي ملايو آهي. ان بابت هن پنھنجي ڪتاب ’شجرة الانساب‘ ۾ پنهنجو شجرو هن ريت ڄاڻايو آهي: رمضان پٽ شھمير پٽ محمد صالح پٽ شھمير پٽ محمود پٽ سالڪ پٽ حافظ پٽ ليمو پٽ شھمير پٽ هٻو، پٽ عيسو پٽ موسو پٽ دين محمد پٽ دائم پٽ قائم پٽ حاجي هاشم پٽ حاجي قاسم پٽ ڦل ناهر پٽ ڄام لاکو پٽ ڦل.
رمضان واڍي پنھنجي شاعريءَ ۾ بيت، ڪافيون، مداحون، معجزا، مولود ۽ غزل مطلب شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس ۽ اهڙيءَ ريت هن نظم توڙي نثر ۾ لڳ ڀڳ اسي ڪتاب لکيا. ان کانسواءِ هن کي فن تاريخ گوئي (قطعه تاريخ) ۾ پڻ وڏي مهارت حاصل هئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ رمضان واڍي جي تصنيفات بابت لکي ٿو تہ: ”رمضان واڍي جي لکيل اسي ڪتابن مان اسان کي صرف هي ڪتاب هٿ لڳا آهن: (1) عام معلوماتي ڪتاب (1299ھہ/1882ع)، (2) مولود ۽ مناجات، (3) معجزو نبي صلعم جو ، (4) رسالو رمضاني ڪيڏارو حسين عليہ السلام، (5) قرة العين في مناقب الحسين عليہ السلام، (6) مناقب غوث اعظم ۽ مولود، (7) تحفة الاخوان، (8) ڪتاب، ڪافيون ۽ غزل، (9) ڪتاب عليما، (10) داستانو پکي ڪبوتر خبر وارو، (11) سنڌي قواعد قرآن، (12) تفسير سورتن مبارڪن جو، (13) مدح تفسير سورة الرحمٰن، (14) ڪبت ولايت، (15) ڪتاب مشرق ۽ مغرب جي درياهن بابت، (16) نقوش خطاطي، (17) عربيءَ ۾ منظوم ڪريما، (18) ڪتاب حق چراغ، (19) ڪتابچو وائيءَ جو، (20) گنج العلوم، (21) ســجـعـون ۽ تـاريـخــون، (22) قرآن جون آيتون ۽ عربي شعر، (23) ديوان رمضان (غزلن جو مجموعو)، (24) ڪتاب جانورن ۽ پکين جو، (25) ڪتاب طب، (26) رسالو رمضان، (27) سيـفـلنـامو، (28) موسيقي، (29) ڪتاب يد ضاربة، (30) ڪتاب بحر اوزان رموز رمضان، (31) علم موسيقي (پهريون)، (32) علم موسيقي (ٻيو)، (33) تفسيرات المخلوقات، (34) ڪـتاب ســوال جــواب قـرآن بابت، (35) رسـالو واقعہ ڪربلا ميدان، (36) ڪتاب تعويذ ۽ وظيفا، (37) ڪتاب شجر الانسات.
سنڌ جي هن نامور شاعر ۽ ليکڪ 1330ھہ/ 1912ع تي وفات ڪئي.