رمضان ڪنڀر: نامور شاعر رمضان ڪنڀر، ميرن جي حڪومت جي آخري سالن ۾ ٽلٽيءَ (تعلقي سيوهڻ) ويجهو ’ڳنڀيرن‘ جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. زندگيءَ جو گهڻو حصو ڪنڀارڪي ڪم ۽ هارپي ۾ صرف ڪيائين. جيتوڻيڪ هو علم پرائي نہ سگهيو، پر هميشہ علم وارن جي صحبت ۾ رهيو. انهيءَ دؤر ۾ سيوهڻ علم جو مرڪز هو. رمضان ڪنڀر ميان عبدالرئوف ، ميان محمد يوسف، ميان غلام محمد ۽ ميان محمد جمن جهڙن بزرگن جي صحبت ۾ رهي گهڻو ڪجهہ سکيو.
هن شاعر جو ذڪر ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي پنھنجي ڪتاب ’سرها گل‘ ۾ ڪيو آهي. ان کان سواءِ لطف ﷲ بدويءَ جي ’تذڪره لطيفي‘ (جلد ٽئين) توڙي ٻين ڪتابن ۾ سندس ذڪر پڻ ملي ٿو. ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ’سرها گل‘ ۾ رمضان ڪنڀر جي شاعر ٿيڻ جي روايت بيان ڪندي لکيو آهي تہ: ”کيس اشارو ٿيو تہ رمضان اٿي ڪجهہ چئه، پوءِ هن ڪافيون ۽ ڪلمات چيا.“ رمضان ڪنڀر جو سڄو ڪلام رسول ڪريم صلعم جي محبت سان معمور آهي.
رمضان ڪنڀر 1889ع ڌاري وفات ڪئي.
سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
خاوند ڏيھہ خلقيا، جملي جهانا،
تنهن پڻيءَ مان پيدا ڪيا، موليٰ مخلوقا،
اٺئي پھر ﷲ جي، ڪن وحدت واکاڻا،
ڪي تائب تعريفن ۾، ڪي ڦريا فرمانا،
ڪي مابه عالم اولياءِ، ڪي اُچا انسانا.