رمضان ڪنڀر

رمضان ڪنڀر: نامور شاعر رمضان ڪنڀر، ميرن جي حڪومت جي آخري سالن ۾ ٽلٽيءَ (تعلقي سيوهڻ) ويجھو ’ڳنڀيرن‘ جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. زندگيءَ جو گهڻو حصو ڪنڀارڪي ڪم ۽ هارپي ۾ صرف ڪيائين. جيتوڻيڪ هو علم پرائي نه سگھيو، پر هميشه علم وارن جي صحبت ۾ رهيو. انهيءَ دؤر ۾ سيوهڻ علم جو مرڪز هو. رمضان ڪنڀر ميان عبدالرئوف ، ميان محمد يوسف، ميان غلام محمد ۽ ميان محمد جمن جھڙن بزرگن جي صحبت ۾ رهي گھڻو ڪجهه سکيو.
هن شاعر جو ذڪر ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي پنهنجي ڪتاب ’سرها گل‘ ۾ ڪيو آهي. ان کان سواءِ لطف الله بدويءَ جي ’تذڪره لطيفي‘ (جلد ٽئين) توڙي ٻين ڪتابن ۾ سندس ذڪر پڻ ملي ٿو. ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ’سرها گل‘ ۾ رمضان ڪنڀر جي شاعر ٿيڻ جي روايت بيان ڪندي لکيو آهي ته: ”کيس اشارو ٿيو ته رمضان اٿي ڪجهه چئه، پوءِ هن ڪافيون ۽ ڪلمات چيا.“ رمضان ڪنڀر جو سڄو ڪلام رسول ڪريم صلعم جي محبت سان معمور آهي.
رمضان ڪنڀر 1889ع ڌاري وفات ڪئي.
سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
خاوند ڏيهه خلقيا، جملي جھانا،
تنهن پڻيءَ مان پيدا ڪيا، موليٰ مخلوقا،
اٺئي پهر الله جي، ڪن وحدت واکاڻا،
ڪي تائب تعريفن ۾، ڪي ڦريا فرمانا،
ڪي مابه عالم اولياءِ، ڪي اُچا انسانا.


لفظ رمضان ڪنڀرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو