رميش تلوڪچند جئسنگهاڻي

رميش تلوڪچند جئسنگهاڻي: مشھور فنڪار ۽ موسيقار رميش تلوڪچند جئسنگهاڻيءَ جو جنم 6 فيبروري 1939ع تي ڳوٺ طيب، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هو ڏھہ درجا تعليم پرائي سگهيو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان هليو ويو، جتي سندس لاڙو گائڪيءَ طرف ٿيو. هن قواليون، ويدانتي ڀڄن، گيت وغيرہ ڳائي هند ۾ خوب نالو ڪمايو آهي. سندس ڪيترائي گيت آل انڊيا ريڊيو تان وقت بوقت نشر ٿيندا رهن ٿا.
هن هندستان ۾ رهندي بہ ڪڏهن پنھنجي جنم ڀوميءَ سنڌ کي وساريو نہ آهي ۽ پنھنجي آواز ذريعي هميشہ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پنھنجي بي پناھہ محبت جو اظهار ڪندو رهيو آهي. سندس هڪ ڪتاب ’ڀڄن مالها‘ (1977ع) ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.02.06  عيسوي

مشهور فنڪار ۽ موسيقار رميش تلوڪچند جئسنگهاڻيءَ جو جنم 6 فيبروري 1939ع تي ڳوٺ طيب، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀائو در محمد ٻرڙو
آغا بدر الدين گهنيو
پيٽن رائوس
سر شاهنواز خان ڀٽو
لڇمڻ سنگهہ سوڍو
فيض بخشاپوري
تيرٿ داس گيلاني سائين
ڪوشي لالواڻي
ظھير عباس
صبح صادق کوسو مير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون