
رميش مهتا
رميش مهتا: مشھور ڀارتي سنڌي اداڪار، ڊائريڪٽر ۽ ليکڪ، رميـش اتـمـچـند مهتا جو جنم، 18 مئي 1929ع تي ڪراچيءَ سنڌ ۾ ٿيو. ورهاڱي بعد هندستان هليو ويو. کيس ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ جو شوق هو. هن ڪيترن مشھور ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي ۽ ڪيترا ڊراما بہ لکيا. رميش مهتا پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر بہ رهيو.
سندس مشھور سنڌي ڊرامن ۾: ’لنگڙو ڊاڪٽر‘ (1950ع)، ’بمبئي بينڊ‘ (1956ع)، ’ڊاڪٽر مان ڪين تون‘ (1957ع) ۽ ’ملي وئي نوڪري‘ (1960ع) شامل آهن. هو هڪ اداڪار، هدايتڪار، پروڊيوسر کان سواءِ سٺو فنڪار بہ هو.
سندس ڳايل گيت ’پکيئڙا پڃري جا‘ ڪافي مقبوليت ماڻي. کيس مڃتا طور ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا، جن ۾ ’انسان ۽ آتما‘ تي بھترين اداڪار اوارڊ (1969ع)، ’گهر جمائي‘ تي بھترين اداڪار اوارڊ (1972ع)، ’هاءِ منهنجي دل‘ تي مزاحيہ اداڪار اوارڊ (1975ع)، ’ڪاڪو ڪلو مل‘ تي بھترين اداڪار اوارڊ (1985ع) ۽ ڊرامن کي هٿي ڏيارڻ تي سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا طرفان اوارڊ (2002ع) شامل آهن.
1929.05.18 عيسوي
مشهور ڀارتي سنڌي اداڪار، ڊائريڪٽر ۽ ليکڪ، رميـش اتـمـچـند مهتا جو جنم، 18 مئي 1929ع تي ڪراچيءَ سنڌ ۾ ٿيو.