رميش هيرانند ڪرناڻي

رميش هيرانند ڪرناڻي: مشھور اداڪار رميش هيرانند ڪرناڻي 8 آگسٽ 1941ع تي پڊعيدن، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. سندس تعليم بي. ايس. سي آهي. کيس ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ جو شوق هو. هن ڪيترن ڊرامن ۽ ناٽڪن جھڙوڪ: گهر جمائي، ڏيس پئَي جا رنگ، تنهنجو ئي آڌار، شڪار ۽ پريم پکيئڙا وغيرہ ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن.
سندس سنڌي راڳ سان پڻ گهرو لاڳاپو رهيو آهي. لاڏا ڳائڻ ۾ دلچسپي اٿس. ورهاڱي بعد هندستان لڏي ويو، جتي بمبئيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو.


لفظ رميش هيرانند ڪرناڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.08.08  عيسوي

مشهور اداڪار رميش هيرانند ڪرناڻي 8 آگسٽ 1941ع تي پڊعيدن، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عمراڻي گل محمد
جوڻيجو جان محمد
سيد خيرالدين گيلاني
عظميٰ گيلاني
جعفر خواجو
رستم علي ٻرڙو
ڄام ڪانڀو خان
اعجاز علي خواجہ
خادم حسين انڙ
قيصر خان نظاماڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون