رند، حضور بخش ’حقير

رند، حضور بخش ’حقير

رند حضور بخش حقير

رند، حضور بخش ’حقير‘: سنڌي ۽ سرائيڪي ٻوليءَ جو شاعر، حضور بخش حقير ولد رئيس دريا خان رند، 20 آگسٽ 1966ع تي ڳوٺ سهجو رند، تعلقي شھدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ پرايائين. ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي آهي. سنڌ گرئجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ شاهپور چاڪر جو ٻہ ڀيرا صدر رهي چڪو آهي. مقامي سطح تي سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو رهيو آهي. غريبن جي مدد ۽ فلاح لاءِ ’مهراڻ بلڊ بئنڪ‘ قائم ڪئي اٿائين، جتان هزارين ضرورتمندن کي فائدو پهچي چڪو آهي. شاهپور چاڪر ۾ ’ڀٽائي اسپورٽس ڪلب‘ جو سرپرست بہ پڻ آهي. سندس نوجوانن لاءِ قائم ڪيل شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”مٺا مئين ويندا وليا“ (2009ع) ۾ دريا خان اڪيڊميءَ طرفان شايع ٿيو آهي. سندس ڪلام ٽي. وي ۽ ريڊيو جي اڪثر فنڪارن ڳايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.08.20  عيسوي

سنڌي ۽ سرائيڪي ٻوليءَ جو شاعر، حضور بخش حقير ولد رئيس دريا خان رند، 20 آگسٽ 1966ع تي ڳوٺ سهجو رند، تعلقي شهدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيوت سنگهہ صوفي
سڪندر سرواڻ
شبير هاليپوٽو
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
بلبل رئيس شمس الدين
درگاهي ميراڻي
پلي عبدالڪريم
بسمل ٽکڙائي
چتر ڀڄ
آصف مٺياڻوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون