رند، نواز علي خان: ملھہ پهلوان نواز علي رند 1948ع ڌاري ڳوٺ الهڏني رند، تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان آهي. هن جو چاچو محمد اسماعيل رند بہ ملھہ پهلوان هو، جنهن کي ملاکڙن ۾ ملھہ وڙهندو ڏسي، هن کي بہ شوق ٿيو. سندس تربيت بہ چاچي ڪئي، جنهن کيس ملھہ جا مڪمل انگ سيکاري شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌو ۽ ملاکڙن ۾ ملھہ وڙهڻ جي اجازت ڏني. هن ٽئين جوڙ کان ملھہ وڙهڻ جي شروعات ڪئي، ٽئين جوڙ ۾ هي پهلوان پنھنجي ڳوٺ جي ويجهڙائيءَ وارن ملاکڙن ۾ ملھہ وڙهندو رهيو، ٻن سالن بعد سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شھر جي ملاکڙي ۾ ويو ۽ ٻئي جوڙ جي ناليوارن ملھہ پهلوانن سان مقابلا ڪري نالو ڪڍيائين، ٻئي جوڙ ۾ ٽي سال رهڻ بعد ترقي ڪري پهرئين جوڙ ۾ پهتو. پهرئين جوڙ ۾ شامل ٿيڻ بعد سنڌ کان سواءِ پنجاب ۽ بلوچستان جي ملاکڙن ۾ شريڪ ٿي سوڀ ماڻيائين. سنڌ جي بھترين ملهن سان سندس مقابلا ٿيا ۽ ڪافي انعامي ڪپ حاصل ڪيائين. نواز علي رند هميشہ لاڙ جي ملهن جي طرف کان وڙهندو هو. هن وقت وڏيءَ عمر سبب ملھہ وڙهڻ ڇڏي ڏني اٿس، پر ڏسڻ جو شوق جاري رکيو اچي.