رند 1 (ذات): ايس. ايم. چنا، پنهنجي ڪتاب Indian Tribes and Castes ۾ لکيو آهي ته رند، بلوچن جو اهم قبيلو آهي، جيڪو هاڻي گهڻن ٻين بلوچ قبيلن ۾ گڏجي ويو آهي. اهي سنڌ، مڪران، ڪچي جي علائقي شوران ۾ رهن ٿا. ڪي ديري غازي خان، پنجاب ۾ به رهن ٿا. رند اصطلاح ٽن نمونن سان استعمال ٿي رهيو آهي.
عام طور نجا بلوچ پاڻ کي خالص بلوچ ثابت ڪرڻ لاءِ هي اصطلاح استعمال ڪن ته جيئن گڏيل رت وارين بلوچ ذاتين کان پاڻ کي الڳ ڪري سگهجي. اهي بلوچ، جيڪي مختلف هنڌن تي الڳ الڳ حيثيت ۾ رهن ٿا، کين پنهنجي ذات بابت مڪمل يا ڀروسي جهڙي معلومات ناهي، يا کين پنهنجا شجرا ڪونه آهن، اهي به پاڻ کي رند سڏائين ٿا. اهي خاص طور پنجاب ۾ آهن.
ٽي قبيلا پاڻ کي رند سڏائين ٿا. (1) لنڊ، (2) کوسا ۽ (3) رند. انهن ۾ لنڊ وري پاڙن ۾ ورهايل آهن.
رند پاڻ کي مير شهڪ خان جو اولاد سڏرائين ٿا. عام طور شهڪ خان کي رند جو پٽ چيو وڃي ٿو. هي چاڪر خان جي نسبت رکن ٿا، جنهن لاشارين سان ٽيهه سال جنگ ڪئي، جنهن بابت کوڙ قصا مشهور آهن. چاڪر خان جو قلعو سبيءَ ۾ آهي، جيڪو چوڏهين صديءَ عيسويءَ جو ٺهيل چيو وڃي ٿو. هن ذات وارا دادو، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي رهن ٿا. عبدالڪريم بلوچ، هارون بلوچ، اداڪار ساقي ۽ مشهور ڪهاڻيڪار علي بابا به هن ذات سان تعلق رکن ٿا. رند، بلوچ قوم جو هڪ اعليٰ ۽ ممتاز قبيلو آهي، جيڪي خالصاً عربي نسل مان آهن. حلب کان اچي بلوچستان، ڪيچ مڪران، سيوي، ڍاڍر ۽ ڪڇيءَ ۾ ديرا ڄمايائون، جتان ڪجهه قبيلا هجرت ڪري اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن. رندن بابت ڪجهه محققن جا رايا هيٺ ڏجن ٿا: مرزا قليچ بيگ، ڪتاب ’قديم سنڌ، اُن جا مشهور شهر ۽ ماڻهو‘ ۾ لکيو آهي ته هي بلوچ ’رند‘ جو اولاد آهن. مير خان رند'>چاڪر خان رند سندن مورث اعليٰ هو، جيڪو بلوچستان کان پنجاب ويو ۽ ’سنگهري‘ ۾ وفات ڪيائين. ان جي اولاد مان رند، ڊوميڪي، جکراڻي، لغاري، کوسا ۽ جمالي آهن. م. ک. پيڪولين، ڪتاب ’بلوچ‘ ۾ لکي ٿو ته ’رند‘ پنج سئو سالن تائين مڪران ۾ رهيا ۽ 16 صديءَ ڌاري هجرت ڪيائون. ان وقت بليدي، جمالي، کوسا، لاشاري، چانڊيا، ڪهيري، لغاري، هوت ۽ نوتڪاڻي رندن کان الڳ ٿي ويا ۽ وڃي پنهنجي آزاد قبيلي جي نالي سان پاڻ کي سڏايائون، باقي رندن ۾ 53 پاڙا رهيا، جن پاڻ کي ’رند‘ سڏايو. ايس. صادق علي، ڪتاب The muslman Races found in Shindh, Balochistan and Afghanistan جي صفحي 17 ۽ 18 تي رندن جي احوال ۾ لکيو آهي ته رندن جو هڪ سردار گهر پنجاب جي شهر ’ستگهرا‘ آهي ۽ ٻيو سردار گهر قلات جي شوران ڳوٺ وارو آهي، جنهن مان سردار امام بخش خان رند، سردار يار محمد خان رند، سردار بهاول خان رند ٿي گذريا آهن. هن وقت رندن جو سردار، سردار يار محمد خان رند سيوهڻ وارو آهي. شيخ صاحب رندن جا 70 پاڙا لکيا آهن. رحيمداد مولائي شيدائي، ڪتاب ’تاريخ بلوچستان‘ (ڇاپو 1941ع) ۾ ص 23 کان ص 37 تائين رندن جو احوال لکيو آهي، جنهن ۾ هن رندن کي شجاع، بهادر، ايماندار ۽ جنگجو ڪري لکيو آهي.
راءِ بهادر هتورام، ڪتاب ’تاريخ بلوچستان‘ (ص 4 ۽ ص 5)، مير خدابخش خان بجاراڻي، ڪتاب ’بلوچستان صدين کان‘ (ص 46) ۽ مولانا نور احمد خان فريدي ڪتاب ’بلوچ قوم اور اُس ڪِي تاريخ) ۾ صفحي 201 تي رند بلوچن تي ڪافي ڪجهه لکيو آهي. مسٽر هينري پاٽينجر، سنڌ ۽ بلوچستان جو اٺن تي چڙهي سير ڪيو هو ۽ هر هڪ ڳوٺ ۾ وڃي قومن، قبيلن ۽ ذاتين جي معلومات ورتي هئي. ان بعد هن هڪڙو ڪتاب ’بلوچستان جو سير سفر'>سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر‘ لکيو هو، جنهن ۾ هن رندن کي شجاع قوم لکيو آهي ۽ هنن جا 28 پاڙا لکيا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جامع سنڌي لغات ۾ رندن جا 29 پاڙا لکيا آهن. ڊاڪٽر غلام حيدر ٻرڙي، ڪتاب ’سنڌ جو چند ذاتيون‘ ۾ لکيو آهي ته مير جلال خان بلوچ کي پنج پٽ: رند، لشار، قرائي، جتوئي ۽ هوت هئا. پيءَ جي وفات کان پوءِ ننڍي پٽ هوت ميريءَ تي قبضو ڪري حڪومت ڪئي. ان بعد مير خان رند'>چاڪر خان رند ۽ مير گهرام خان لاشاري حڪومت ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ٻئي سردار، گوهر جتڻيءَ جي دام زلف ۾ ڦاسي پيا، جنهن تي ٻنهي سردارن جي وچ ۾ جنگ لڳي، جيڪا ٽيهن سالن بعد رندن کٽي، بلوچ قوم جي ڪمزوري ڏسي شاهه بيگ ارغون ڪڇيءَ تي قبضو ڪيو، جنهن سبب رند ۽ ٻيا بلوچ قبيلا سنڌ ۾ هجرت ڪري آيا، ان وقت رندن جا 65 پاڙا آهن. مٿين ليکڪن کان سواءِ مسٽر اي. ڊبليو. هگس، ايس. آر. جي. ايس، لانگس ورٿ ۽ ٻين ڪيترن، رندن تي روشني وڌي آهي.
مجموعي طور رند بلوچن جا خاص پاڙا هيٺيان آهن:
(1) آسڪاڻي ، (2) ارزي، (3) ايزدي، (4) اتماڻي، (5) آلکاڻي، (6) اسفاني، (7) بوزدار، (8) بجيراڻي، (9) باگراڻي، (10) ابراهاماڻي، (11) بلفت، (12) بگٽي، (13) بليدي، (14) بابراڻي، (15) ٻگهدار، (16) ٻگهلاڻي، (17) پوزهي، (18) پوگهه، (19) جکراڻي، (20) جلالاڻي، (21) جمالي، (22) جلباڻي، (23) جروار، (24) جمالاڻي، (25) جسڪاڻي، (26) جاوداڻي، (27) جتوئي، (28) ڄاماڻي، (29) چاڪراڻي، (30) چانگ، (31) چاچري، (32) چوٽاڻي، (33) چولاڻي، (34) حيدراڻي، (35) حسناڻي، (36) حسلاڻي، (37) جنگلاڻي، (38) خشڪ، (39) خاراڻي، (40) دريشڪ، (41) ديناري، (42) داٻيا، (43) دينڻ، (44) ڊومبڪي، (45) رند، (46) ريحاڻي، (47) رخشاڻي، (48) رستماڻي، (49) راهيجا، (50) رنداڻي، (51) زودراڻي، (52) ڊوئانڪي، (53) سارنگاڻي، (54) سندراڻي، (55) سياهه آف، (56) سارنگاڻي، (57) سندراڻي، (58) سهرياڻي، (59) سياهڦد، (60) رڏ، (61) رميزئي، (62) شاهييا، (63) شنباڻي، (64) شهڪاڻي، (65) شاهلزئي، (66) شهاڻي، (67) شهپات، (68) عالماڻي، (69) عمرزه، (70) عمر نوحاڻي، (71) عبداڻي، (72) علي حاني، (73) عباساڻي، (74) عمراڻي، (75) دشتي، (76) غلام بولڪ، (77) فيروزئي، (78) فروزائي، (79) ڦتڙ، (80) ڦيا، (81) قيصراڻي، (82) ڪولاچي، (83) ڪلوئي، (84) ڪلمتي، (85) ڪهيري، (86) ڪچائي، (87) ڪچڪ، (88) کوسا، (89) کيئازئي، (90) گودري، (91) گورچاڻي، (92) گشڪوري، (93) گورگيج/ گُرگيز، (94) گاڏهي، (95) گوپانگ، (96) گڏتري، (97) گبچاڻي، (98) گيچاڻي، (99) گلوئي، (100) گورخ، (101) لغاري، (102) لنجواڻي، (103) لنڊ، (104) لوٿاڻي، (105) لورد، (106) لشڪاڻي، (107) لشڪراڻي، (108) مروزائي، (109) مشوري،
(110) مستــوئــي، (111) ميــراڻــي، (112) مـيــردادي، (113) محمداڻي، (114) مريـداڻي، (115) مــزاري، (116) مـراڻـي، (117) مسـتـي خانـزئـي، (118) مــندواڻي، (119) مائوندستري، (120) ميروزئي، (121) مـدواڻي، (122) عيـساڻـي، (123) ميــرواڻي، (124) ملوخاڻي، (125) مجيــداڻــي، (126) نــوحاڻي، (127) نــوتڪــاڻي، (128) نــونڌاڻــي، (129) نظاماڻي، (130) نـنـدواڻي، (131) نـوشيــرواڻي، (132) نٿـواڻــي، (133) نـکيــزئــي، (134) ننــداڻي، (135) هيـسبـاڻي، (136) هئبـتــاڻي، (143) بشـڪـالي، (144) بخــشالي، (145) ڪـلـمـاڻـي، (146) مــلاڙي، (147) حـلـمبـاڻــي، (148) پز، (149) رند، (150) چاڪراڻي، (151) بجاراڻي، (152) ابراهيمـاڻي، (153) عالياڻي، (154) جنگلاڻي، (155) زيد، (156) پندراڻي، (157) دشتي وغيره.