رنوير سنگھه

رنوير سنگھه

رنوير سنگهه

رنوير سنگهه: بالي ووڊ جي مشھور فلمي اداڪار ۽ پروڊيوسر، رنوير سنگهه ڀاوناڻيءَ جو جنم 6 جولاءِ 1985ع تي مهاراشترا، ممبئيءَ ۾ ٿيو. هن جو واسطو هڪ سنڌي خاندان سان آهي، اهو خاندان ورهاڱي کانپوءِ حيدرآباد مان لڏي بمبئيءَ ۾ رهيو. کيس ننڍپڻ کان ئي اداڪاري ڪرڻ جو شوق هو. ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران هن ڪاليجي سطح جي اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي. بي. اي آرٽس بلوميگٽن يونيورسٽي، انڊيا مان ڪرڻ بعد اداڪاريءَ ۾ باقاعدي پير پاتو. هن سڀ کان پهريائين 1991ع ۾ پنھنجي ڏاڏي جي چوڻ تي هڪ سالگرھہ پارٽيءَ ۾ گاني تي ڊانس ڪئي. رنوير سنگهه شروع ۾ ڪجهه عرصو اشتهارن جي شعبي ۾ ڪم ڪيو، جنهن بعد هن اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ذميواريون سنڀاليون. هيءُ بالي ووڊ جو باصلاحيت نوجوان اداڪار آهي، جنهن ڪيترين فلمن ۾ ڏکيا ۽ چئلينج وارا ڪردار ادا ڪري پاڻ مڃرايو آهي. سندس مشھور اردو فلمن ۾ ’بينڊ باجا بارات‘ 2010ع ۽ ’ورسز رڪي بهيلا‘ 2011ع رام ليلا 2013ع، گنڊي 2014ع باجي رائو مستاني 2015ع،بي فڪري 2016ع، پدماوت 2018ع قابل ذڪر آهن.سندس پهرين فلم بينڊ، باجا، بارات ’فلم فيئر‘ اوارڊ حاصل ڪيو. هن ڪيترا اوارڊ حاصل ڪيا آهن، جن ۾: فلم ’تي اسپرا فلم اينڊ ٽيليويزن پروڊڪشن گلڊس اوارڊز طرفان بھترين اداڪار جو اوارڊ، لاين گولڊ اوارڊس طرفان بھترين اداڪار جو اوارڊ، اسٽار اسڪرين اوارڊس طرفان اوارڊ، اسٽار ڊٽس طرفان بھترين مزاحيہ اداڪار اوارڊ وغيرہ شامل آهن.


لفظ رنوير سنگههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1985.07.06  عيسوي

بالي ووڊ جي مشهور فلمي اداڪار ۽ پروڊيوسر، رنوير سنگھه ڀاوناڻيءَ جو جنم 6 جولاءِ 1985ع تي مهاراشترا، ممبئيءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چارلي نور محمد
شھناز ڀٽي
انور
عبدالرب نشتر سردار
انور الدين شيخ
ڄام نندو خان ٽالپر
شيخ محمد حاجن پروفيسر
شيخ جيئو
ريحانه لغاري
عبدالواحد هاليپوٽو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون