رنگيلو

رنگيلو

رنگيلو

رنگيلو: پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جي نامور مزاحيہ اداڪار رنگيلي جو اصل نالو محمد سعيد خان هو. هن پهرين جنوري 1937ع تي ’ننگر هارا‘ افغانستان ۾ جنم ورتو. سندس تعلق پٺاڻ خاندان سان هو ۽ سندس وڏا هجرت ڪري پاڪستان آيا هئا.
رنگيلي نوجوانيءَ ۾ قدم رکندي ئي ’باڊي بلڊنگ‘ ۾ گهري دلچسپي ورتي. جڏهن روزگار خاطر لاهور آيو تہ اتي فلمي سائن بورڊ پينٽ ڪرڻ وارو ڪم شروع ڪيائين. ابتدا ۾ کيس هڪ فلمي شوٽنگ دوران هڪ مزاحيہ اداڪار جي غير حاضريءَ جي ڪري فلم جي هدايتڪار، ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا هن قبول ڪري ورتي.
سندس پهرين فلم 1958ع ۾ ايم. جي. رانا جي فلم ’جٽي‘ هئي. ان کان پوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ هن فلمي دنيا ۾ پنھنجي سڃاڻپ ڪرائي ورتي.
هن ذاتي پروڊڪشن تحت ڪيتريون ڪامياب فلمون بہ ٺاهيون. ڪيترين ڪامياب فلمن جي ڊائريڪشن، پروڊڪشن ڪئي، گانا ۽ اسڪرپٽ لکيا. 1969ع ڌاري هدايتڪار طور سندس پهرين فلم ’ديئا اور طوفان‘ ڪامياب فلمن مان هئي. ستر جي ڏهاڪي ۾ رليز ٿيندڙ ’رنگيلا‘ ۽ ’دل اور دنيا‘ باڪس فيس تي لاڳيتي ڪاميابي ماڻيندڙ فلمون هيون.
رنگيلو هڪ منفرد گلوڪار بہ هو. ’ديا اور طوفان‘ ۾ سندس ڳايل گانو ’ميري منوا گاتا جائي ري‘ ڏاڍو مقبول ٿيو. هن هير رانجها، دوستي، بسيرا، دو رنگيلي، احساس ۽ امرائو جانِ ادا فلمن ۾ بھترين پرفارم ڪيو آهي. 1973ع ۾ رنگيلا پروڊڪشن تحت رليز ٿيندڙ فلم ’ڪبڙا عاشق‘ (جيڪا هن انٿونيءَ ڪُئين جي فلم ’هنچ بئڪ آف نوٽرڊئم‘ کان متاثر ٿي ٺاهي) ڪامياب فلمن ۾ شمار ٿئي ٿي. هن 1974ع کان 1977ع تائين منجي ڪٿي ڊاوان، پردہ تو اٺائو، بي ايمان، فرض اور ممتا، جت ڪڙيان تو ڊر دا مارا ۽ مس سنگاپور فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ سندس سموريون فلمون ڪامياب هيون.
رنگيلي ظاهري طور مزاحيہ ڪردار طور ڪم ڪيو، پر کيس پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جو تخليقي صلاحيتون رکندڙ اداڪار تسليم ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جي ڪامياب ترين پنجابي فلم ’مولا جٽ ۾‘ رنگيلي اهم مزاحيہ ڪردار نڀايو، جنهن فلم تي بعد ۾ پابندي لڳائي وئي.
رنگيلي جون سوَن جي تعداد ۾ فلمون آهن.، جن فلمن ۾ هن اداڪاريءَ کان سواءِ ڊائريڪشن بہ ڪئي آهي. 1993ع جي ’خوبصورت شيطان‘ فلم، ڊائريڪٽر طور سندس آخري فلم هئي، جنهن ۾ سندس پٽ سلمان ۽ اداڪارہ نشو جي ڌيءَ صاحبہ فلمي دنيا ۾ پهريون ڀيرو جلوہ گر ٿيا. 1999ع ۾ نمائش لاءِ پيش ٿيندڙ فلم ’اڪ اور لو اسٽوري‘ اداڪار طور سندس آخري فلم هئي. هن چاليھہ سال فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ ان دوران مجموعي طور ڇھہ اوارڊ حاصل ڪيا. رنگيلي 24 مئي 2005ع تي وفات ڪئي.
رنگيلي ٽي شاديون ڪيون، جن مان کيس ڇھہ پٽ ۽ اٺ نياڻيون ٿيون. مسلم ليگ (ن) جي ايم. پي. اي فرح ديبا، رنگيلي جي ڌيءُ آهي، جنهن فنڪارن جي فلاح ۽ بھبود لاءِ ’رنگيلا فائونڊيشن‘ نالي هڪ تنظيم قائم ڪئي آهي. سنڌ جي ڪيترن اداڪارن تي رنگيلي جي فن جو گهرو اثر آهي.


لفظ رنگيلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.01.01  عيسوي

پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جي نامور مزاحيه اداڪار رنگيلي جو اصل نالو محمد سعيد خان هو. هن پهرين جنوري 1937ع تي ’ننگر هارا‘ افغانستان ۾ جنم ورتو.


2005.05.24  عيسوي

رنگيلي 24 مئي 2005ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيلاني سيد ڪرم ﷲ شاھہ
پوپ بينيڊيڪٽ 16هون پوپ
انور ڏنگڙائي
حضور بخش گوپانگ
رونالڊ ريگن
بھادر خان علياڻي
خسرو بيگ مرزا
صالح گوپانگ ڊاڪٽر
ڀانيرا بابا پيارا سنگهہ
پيرزادو شاهنواز مولائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون