
رنگين رباعيون
رنگين رباعيون (ڪتاب): هي ڪتاب مشھور عالم ۽ شاعر، ڊاڪٽر هـرو مل سدارنگاڻي ’خادم‘ جي رباعين جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو انتساب سدارنگاڻي صاحب، شاھہ عبداللطيف جي قدمن ۾ هيٺئين شعر سان ڪيو آهي:
ميدان سخن جا شاھہ، اي شاھہ شھمير!
عرفان جي عالم ۾ نہ جھڙوڪ ڪبير!
سائل جو ڀرين معنيٰ جي موتين سان جهول،
ڪهڙو نہ سخي آهين، ڪهڙو نہ امير!
ڪتاب جي مهاڳ ۾ سدارنگاڻي صاحب، رباعيءَ جي فني سٽاءَ ۽ پنھنجي رباعين بابت تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. هن پنھنجي رباعين کان پهريان رباعيءَ جا مشھور 24 وزن/ بحر ڏنا آهن. هن مجموعي ۾ سدا رنگاڻي ’خادم‘ جون 194 رباعيون شامل آهن. ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب ميلارام واسواڻيءَ، سُندر پرنٽنگ پريس، اجمير مان ڇپايو ۽ ڊاڪٽر سدارنگاڻي، لجپت نگر، نئين دهليءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي ڇپائيءَ جو سال 1959ع ۽ ان جي قيمت هڪ روپيو آهي.