رنگپور

رنگپور (Rangpur): سنڌو تھذيب سان لاڳاپيل ماڳ رنگپور، هندستان جي گجرات ضلعي ۾ 22° 26' ڊگريون اترويڪرائي ڦاڪ ۽ 71° 55' ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي کنڀات راس ۽ رڻ ڪڇ جي وچ تي موجود آهي. مشھور ماڳ لوٿل هن ماڳ جي اتر اولھہ ۾ آهي. هن ماڳ کي آرڪيالاجيءَ جي مشھور ماهر ايم. ايس. واٽس، 1935ع ۾ کوٽي ظاهر ڪيو ۽ ان کانپوءِ مسٽر گهري (Ghurye) 1939ع ۾، ۽ ايـس. آر. رائـو 56-1953ع تائين کوٽائي ڪري نتيجا مڪمل ڪيا. ايس. آر. رائو هتان ملندڙ وٿن کي چئن دورن ۾ ورهايو آهي. اهي چارئي دؤر سنڌو تھذيب جا ڄاڻايا ويا آهن. پهريون دؤر ننڍڙن پٿرن جي اوزارن جو 3000 ق. م، ٻيو دؤر 2000 کان 1500 ق. م ٽيون هڙپائي دؤر، جيڪو 1500 ق. م کان 1100 ق. م جو، جڏهن تہ چوٿون دؤر 1000 کان 800 ق. م جو آهي. هتان ملندڙ وٿن ۾ اهڙيون ٿالهيون بہ آهن، جن جا ڪَنا گولاوان آهن ۽ ٿانون ڪلها ٻاهر نڪتل آهن، مٿن ڳاڙهي تر تي ڄاتل سڃاتل ڪاري رنگ جو سنڌوءَ وارو ليڪو آهي، ڪن ٿانون جا منهن ڊگها آهن. هتان ڪوڏين (Shells) ۽ سپين مان زيور ٺهندا هئا. پڪين جاين جا آثار بہ ملن ٿا. اهڙا آثار بہ ملن ٿا تہ ماڻهو ڇتين ۾ ٻٻر جون ڪامون استعمال ڪندا هئا. هتان ٻاجهري ۽ چانورن جا ٻج بہ مليا آهن، جنهن مان لڳي ٿو تہ هتي اها پوک بہ ٿيندي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو