رنگ ڪوري

رنگ ڪوري (Color Blindness): رنگ ڪوري اکين جي هڪ موروثي بيماري آهي، جنهن ۾ مبتلا انسان ڳاڙهي، سائي ۽ پيلي رنگن ۾ فرق محسوس نہ ڪري سگهندا آهن. رنگ نہ ڏسڻ جي حقيقت بہ انهي متي جي تائيد ٿي ڪري تہ اک ۾ برابر ٽن قسمن جون تندون آهن، جي ڌار ڌار ڳاڙهو، پيلو ۽ نيرو رنگ کڻن ٿيون. ڳاڙهي احساس واريون تندون ڪنهن کي نہ هونديون تہ ڳاڙهو رنگ ائين ڏسڻ ۾ ايندو جيئن جهڪو نيرڙو ۽ سائيرڙو رنگ. هيءَ بيماري اهڙي ’مغلوب جين‘ جي ڪري ٿيندي آهي، جيڪا ڪروموزوم سان مليل هوندو آهي. ان ڪري هيموفيليا وانگر هيءَ بيماري عورتن جي مقابلي ۾ مردن ۾ گهڻي ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ هيءَ بيماري مهلڪ نہ آهي، پر اهڙي ماڻهوءَ کي دنيا جو نظارو ائين معلوم ٿيندو آهي، جيئن ڪو جهڪي نظر جو ماڻهوءَ آسمان شيشن مان ڏسي ٿو. نائين صديءَ جي سائنسدان جان ڊئلٽن کي بہ هن قسم جي بيماري هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو