
رهاڻ هيرن کاڻ8
رهاڻ هيرن کاڻ8 (ڪتاب) جلد اٺون: هيءُ ڪتاب ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ جي سري هيٺ تحقيقي سلسلي جي اٺين ڪڙي آهي، جنهن ۾ نامور عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ جي ماڻهن ۽ راڄن جي رهڻي، ڳالھہ ٻولھہ، سرت سمجهہ، دانائي، خوشطبعي جا من موهيندڙ مثال دستاويزي صورت ۾ آڻي سنڌ جي عام زندگيءَ جا نقش نشان محفوظ ڪيا آهن. هيءُ ليکڪ جي پنجاھہ سالن واري دؤر ۾ ٿيل رس رهاڻين جو يادگار مسودو آهي. هن ڪتاب کي جدا جدا عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾: تاريخ، سنڌ جي تاريخي آثارن جي حفاظت، سورهيه صبغت ﷲ شاھہ پاڳاري شھيد جي انگريز سامراج سان جنگ، روزاني ڪم کي ڪاميابيءَ سان پوري ڪرڻ لاءِ سورهيه صبغت ﷲ شاھہ راشدي جو ڪيل تاڪيد، مانائتيون مايون، رسالي جي رهاڻ، 1857ع ۾ انگريز گورنر جنرل جو فارسي ۽ سنڌي ۾ پڌرنامو، غلام محمد خان ڀرڳڙي ۽ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن، دڙي جا بخاري، سادات، هالا ڪنڊي جا ڀٽي بزرگ، ويا سي وينجهار، ظرافت ۽ مزاح خوش طبعي، سنڌ جو مشھور مال: مينهُون، عوامي فيلسوف خميسو ميتلو، سنڌ ۾ ڍنڍ جي ولين ۽ ٻوڙن جو ڏٿ، پيئڻ بلا، فقير غلام محمد ٽالپر ۽ مولاداد فقير، سنڌ جا نسب ناما ۽ قبيلا ۽ ڪڇ جي ڪچهري وغيرہ شامل آهن. 150 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز هن ڪتاب کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري جي تڏهوڪي ڊائريڪٽر شوڪت حسين شوري، اپريل 2008ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.