رهمڪي بازار: رهمڪي بازار، سنڌ جو ڄاتل سڃاتل بندرگاهه هو، جنهن کي گذريل اٺن ڏهن صدين ۾ درياهي بندر جي حيثيت حاصل رهي آهي. هي بندر، هن وقت ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلي ۾ ڪڇ جي رڻ جي ڪنڌيءَ تي هڪ ڳوٺڙي جي صورت ۾ 24.31756 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 69.15398 ڊگريون اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي سمنڊ جي سطح کان 3 ميٽر اوچو آهي. سندس ڀرسان ’پراڻ‘ درياهه جي وهڪري جا نشان موجود آهن.
قديم شهر راهمن جو هو، جيڪا ذات اڄ به لاڙ ۽ ٿر ۾ موجود آهي. ’رهمڪي بازار‘ کي ڪن ماڻهن ’رحمڪي بازار‘ به لکيو آهي. سنڌ ۾ ’بازار‘ جي نسبت سان اها واحد بستي آهي، جڏهن ته ٻيا شهر ’وسينء‘، ’ڳڙهه‘ يا ’ڪوٽ‘ وغيره جي ترڪيب سان مروج آهن.
قديم زماني کان وٺي سنڌو ندي پنهنجا وهڪرا پئي بدلايا آهن. مسٽر آر. جي. بئنرجيءَ بهاولپور کان وٺي کيرٿر جبلن جي قطار تائين جملي ارڙهن هنڌن تي سنڌو نديءَ جي وهڪرن جا رخ معلوم ڪيا، جن مان ’پراڻ‘ به هڪ وهڪرو هو. وري پُراڻ جي نالي سان به ٻه ڍورا نظر اچن ٿا: هڪڙو اڀرنديو پراڻ ڍورو، جيڪو ضلعي ٿرپارڪر مان ڪُنري، فضل ڀنڀري ۽ نئين وٽ کان ڦرندو، ٿر جي ڪنار سان وهي، ونگي پتڻ وٽان لنگھي، رهمڪي بازار وٽان وهندو، ڪڇ جي رڻ مان ٿي، وهي وڃي سمنڊ جي کوري ۽ نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
ٻيو الهنديون پراڻ ڍورو، جيڪو جھُڏي شهر، محراب جي ڳوٺ، بدين ضلعي ۾ باغ جي شهر (قديم ٻُنگار شهر)، ڏيئي، جرڪس اولياء جي درگاهه وٽان لنگھي، ٽنڊي شهر جا اتريان پٽ پسائيندو ونگي پتڻ کان هيٺ اڀرندئين پراڻ ڍوري سان وڃي گڏبو هو. ان بعد ٻئي ڍورا پڪي وهڪري جي صورت ۾ ڪوري ۽ نار ۾ وڃي پوندا هئا. پراڻ جو اهو ئي وهڪرو هو، جنهن جي پاڻيءَ تي ڪڇ جي رڻ واري ايراضيءَ ۾ آبادي ۽ لکپت ۾ ساريال جي پوک ٿيندي هئي. اهو سڄو علائقو پراڻ جي پاڻيءَ تي سرسبز ۽ آباد هو.
ڪوري نار کان وٺي ونگي پتڻ تائين، پراڻ تي ٽي مشهور بندر هئا. علي بندر، رهمڪي بازار ۽ سنڌڙي. پراڻ جي هڪ ڇاڙ تي سومرن جو مشهور تختگاهه وڳهه ڪوٽ به آباد هو، جيڪو رهمڪي بازار کان پنج ميل پري هو. دراصل ڪڇ جي رڻ وارا بندر ۽ بستيون ڄڻ ته سرحدي چونڪيون هيون، اتي ڪوٽ اڏيل هئا، جن ۾ سنڌ يا ڪڇ جا سرحدي محافظ موجود هوندا هئا. ڪڇ جو علائقو اڪثر سنڌ جي حڪومت ۾ شامل هوندو هو، پر جيڪڏهن ڪنهن راءِ يا راجا، ڪڇ جي خودمختياري جو قصد ڪيو هوندو ته، به سنڌ جي حڪومت جو ڏن ڀرو ٿي رهيو ٿي.
انهن چؤنڪين جي اها به ذميواري هئي ته سامونڊي توڙي درياهي رستي کان ٻاهران ايندڙ مال تي محصول جي وصولي ڪن. رهمڪي بازار اهڙي ئي هڪ سرحدي چؤنڪي هئي، پر ٻئي ڪنهن نالي سان، جيڪو ’ڪوٽ‘ يا ’ڳڙهه‘ جي عرفيت سان ئي ٿي سگھي ٿو ۽ بازار جي نالي سان مشهور آهي.
گمان آهي ته انهيءَ سرحدي چؤنڪي (ڪوٽ يا ڳڙهه) جي ويجھو يا ان سان لاڳو هڪ نئين بستي وجود ۾ آئي، جنهن جو مقصد صرف تجارتي هو، جنهن ۾ ٻاهران آيل سوداگر ۽ واپاري ڏيهي تاجرن سان مال جي خريد فروخت ڪندا هئا. انهيءَ لحاظ سان ان نئين بستيءَ جو نالو ئي بازار پئجي ويو، ۽ اڳتي هلي ’رهمڪي بازار‘ مشهور ٿيو.
رهمڪي بازار جو اوج ارڙهين صديءَ جي اڌ تائين قائم رهيو، جيستائين سنڌو درياهه رخ نه بدلايو. ميان غلام شاهه جي وقت ۾ درياهه پنهنجو رخ بدلائي ٻئي گس سان وهڻ لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ پراڻ وارو وهڪرو بند ٿي ويو. ٻيو ته مير مراد علي ٽالپر جي وقت ۾ کوسن ۽ واگهيلن هن شهر کي ڦري تباهه ڪيو هو.