رهمڪي بازار ڪوٽ (ماڳ): هتي هڪ ڊٺل ڪوٽ جا آثار آهن. هتي رهمڪي بازار نالي هڪ قديم شھر آباد هو، جيڪو هاڪڙي درياھہ، پراڻ جي ڪناري تي هڪ وڏو واپاري بندر هو. هيءُ شھر ڪڇ جي ماتحت بہ رهيو آهي. چيو وڃي ٿو تہ راجا ڏيسر نالي هڪ هندو راجا 1718ع-1751ع دوران پنھنجي دؤر ۾ حڪومت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ لشڪر جي رهڻ لاءِ ڀڄ، موندرا، انجار، رابر، اوکا نالي شهرن ڪوٽ ٺهرائڻ سان گڏ رهمڪي بازار ۾ بہ ڪوٽ ٺهرايو.
محققن جو چوڻ آهي تہ هن هنڌ تي اڳ ۾ ڪوٽ تعمير ٿيل هو، جنهن جي پراڻي ٿي وڃڻ تي هاڻوڪو ڪوٽ راجا ڏيسر پراڻي ڪوٽ جي مٿان تعمير ڪرايو هو. هيءُ شھر ٽالپرن جي دؤر ۾ بہ موجود هو. مير مراد علي ٽالپر جي حڪومت ۾ واگهيلن ۽ کوسن هن شھر کي ڦُريو هو. پنھنجي وقت ۾ هن شھر کي واپاري بندر طور وڏي اهميت حاصل هئي. هن وقت هن ڪوٽ جا فقط ڊٺل آثار ئي بچيا آهن.