رهنما
رهنما (رسالو): ’رهنما‘ سنڌي ادب جو اهم رسالو هو، جنهن جي سائيز ۽ نمونو ’فردوس‘ رسالي جهڙو هو. رهنما رسالي جو ايڊيٽر مشھور شاعر عبدالرحمان ’انجم‘ هو. هي رسالو، بزم رهنما نوابشاھہ پاران نڪرندو هو. هن رسالي جو سرپرست عمر راڄپر هو. هن رسالي سنڌي ادب جي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.