رهڙو شريف: سنڌ جو هي قديم ڳوٺ ’رهڙو شريف‘ تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾، ميهڙ شھر کان اتـر طرف پڪي روڊ جي اوڀر ۾ ٽن ميلن (5 ڪلوميٽرن) جي مفاصلي تي واقع آهي. هن شھر ۾ صدين کان هڪ وڏي ديني درسگاھہ قائم هئ، جتان ايران عراق، بلوچستان، افغانستان، هندستان ۽ سنڌ جي لاڙ طرف جا طالب العلم اچي علم جي اڃ اجهائيندا هئا. مدرسي جي مسجد جريب کن ۾ هئي، جا هينئر شھيد ٿي وئي آهي. هينئر هڪ ننڍي مسجد اترئين حصي ۾ اڏيل آهي. باقي بچيل ڏاکڻي ايراضي مقام طور استعمال هيٺ آهي، جنهن ۾ بزرگن ۽ عالمن سڳورن جون مزارون آهن.
تاريخي لحاظ کان معلوم ٿئي ٿو تہ هي ڳوٺ ديري غازي خان شھر سيتپور جي هڪ راهرو بزرگ ۽ درويش مولانا مفتي عبدالله ولد ميان حبيب ﷲ مهيسر ’ڪاجو فقير‘ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ 1132ھہ/ 1719ع ۾ آباد ڪيو هو. ڪاجو فقير وڏو عابد، زاهد ۽ نهايت متقي انسان ۽ خدا رسيدہ بزرگ هو. عقلي خواه نقلي علمن ۾ ڪمال حاصل هئس. ڏينهن جو قرآن پاڪ پڙهندو هو ۽ رات جو ﷲ تبارڪ و تعاليٰ جي آڏو سر بسجود رهندو هو ۽ هن مدرسي مان سٺ کن طالب سيراب ٿيا، جن مان ڪيترن دستار فضيلت ٻڌي.
هن شھر جا هيٺيان عالم ڪاجو فقير جا شاگرد رهي چڪا آهن:
عبدالله مهيسر (1202ھہ/1788ع- 1286ھہ/ 1869ع)، مولانا محمد مبارڪ مهيسر (12 صفر 1241ھہ/ 26 سيپٽمبر 1825ع- 1285ھہ/ 1868ع)، مولانا غلام عمر مهيسر 1277ھہ/1860ع- 1317ھہ/ 1899ع) ۽ مولانا محمد عثمان مهيسر (1272ھہ/ 1855ع).
هنن عالمن مدرسي جي سرپرستي پڻ ڪئي. رهڙي شريف جي تذڪري ۾ مفتي غلام عمر ولد محمد صادق جتوئيءَ جو نالو اهم آهي، جنهن رهڙي شريف ۾ ڪيتري عرصي تائين طالبن کي تعليم ڏني. ان کانپوءِ ڳوٺ سوني جتوئيءَ ۾ پنهنجو مدرسو آباد ڪيائين. هن ڪيترائي ڪتاب تحرير ڪيا، جن مان فتويٰ ۽ تحريرات افضل ڄاتا وڃن ٿا.