رواج

رواج (Norms): هر سماج يا معاشري ۾ ڪي قاعدا، قانون، معيار ۽ هلت جا طريقا هوندا آهن ۽ انهن تي گهڻو ڪري سماج جا سڀ فرد عمل ڪندا آهن. ڇاڪاڻ تہ اهي سماج کي هڪ مناسب طريقو ڏين ٿا. انهن قاعدن، قانونن، هلت جي طريقن ۽ معيارن کي معمول يا ’رواج‘ (Norms) چئبو آهي. هر گروھہ ۾ الڳ الڳ ۽ ڪٿي وري هڪجهڙا رواج بہ هوندا آهن. جيئن شادي، موت، خوشي، غم، ڄم ۽ ڪيترين ئي رسمن جا الڳ الڳ رواج ٿيندا آهن.
رواج لفظ رائج سان تعلق رکي ٿو. اها شيءِ جيڪا سماج ۾ هلي پئي،سماج پاران تصديق ۽ تسليم شده هجي ۽ سماج ۾ رائج يا مروج هجي. رواج جي وضاحت سماجي ماهرن هن ريت بہ ڪئي آهي تہ: ”اهي قاعدا يا معيار جيڪي ماڻهن کي ٻڌائن تہ ڪنهن پيش آيل صورتحال ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي يا ڇا نہ؟ قاعدا قانون جيڪي سماج ۾ رائج هوندا آهن، انهن کي رواج چئبو آهي.“
ٿلهي ليکي رواج کي ٽن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي:
لوڪ ريت (Folk Ways): لوڪ ريت جي معنيٰ آهي. عام لوڪن ۾ رائج عادتون يا سٺي هلت. دراصل لوڪ ريت ۾ اهڙا بہ رواج اچي وڃن ٿا، جيڪي سماج پاران هونئن تہ تسليم شده آهن، پر تصديق موجب مذهبي ۽ اخلاقي لحاظ کان ايترا اهم نہ آهن ۽ انهن جي ڀڃڪڙيءَ جي صورت ۾ ڪو خطرناڪ يا خوفناڪ نتيجو بہ نٿو نڪري.
طور طريقا (Mores): موريس لاطيني زبان جو اکر آهي، جنهن جي معنيٰ آهي رسم رواج ۽ سماجي طور طريقا. دراصل هي اُهي رواج آهن، جيڪي ڪنهن سماج ۾ مذهبي توڙي اخلاقي لحاظ کان اهميت رکندا آهن ۽ انهن جي ڀڃڪڙيءَ جي صورت ۾ سماج تي گهڻو اثر پوندو آهي.
قانون (Laws): هي اهي رواج آهن، جيڪي سماج پاران تسليم شده ۽ تصديق شده هوندا آهن، پر ڀڃڪڙيءَ جي صورت ۾ عدالت ۽ حڪومت هلچل ۾ ايندي آهي ۽ اهي رواج لاڳو ڪرائيندي آهي.


لفظ رواج ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو