روبينا قريشي

روبينا قريشي

روبينا قريشي

روبينا قريشي: گائڪيءَ جي دنيا ۾ روبينا قريشيءَ جو نالو اهم آهي. سندس جنم 19 آڪٽوبر 1940ع تي صدر، حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو الاهي بخش شيخ آهي. روبينا قريشيءَ جو اصل نالو عائشہ شيخ هو. هن جو وڏو ڀاءُ عبدالغفور شيخ بہ ڳائيندو هو، پر روبينا قريشيءَ ۾ ڳائڻ وارو شوق اسڪول جي ماحول ۾ پيدا ٿيو. پرائمري اسڪول ۾ پڙهائيءَ دوران روبينا کي دادي ليلان وتيءَ جهڙي سٻاجهي ۽ هوشيار استاد ملي، جنهن سندس تربيت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ حمد، نعت ۽ دعائن سان گڏ قومي نغما بہ ڳائيندي هئي ۽ ڊرامن ۾ حصو وٺندي هئي، جنهن کانپوءِ گورنمنٽ گرلس ڪاليج جي پرنسپال آپا شمس عباسي ٿي، جنهن پڻ روبينا قريشيءَ جي همت افزائي ڪئي. 17 آگسٽ 1955ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو بنياد رکيو ويو تہ ريڊيو طرفان حيدرآباد جي سمورن اسڪولن ۽ ڪاليجن کي خط اماڻيا ويا تہ باصلاحيت شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ريڊيو تي موڪليو وڃي. جڏهن روبينا قريشي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وئي، تڏهن هوءَ نائين درجي ۾ پڙهندي هئي، ريڊيو تي سندس ملاقات مشھور پروڊيوسر ايم. بي (محمد بخش) انصاري ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر ماسٽر محمد ابراهيم سان ٿي، جن سندس آڊيشن وٺي کيس ٻين فنڪارن سان گڏ ڪورس ۾ ڳارايو. ڪجهہ عرصي کانپوءِ روبينا قريشي اڪيلي سِر ڳايو، هن پهريون ڪلام ’پيرين پوندي سانءِ، چوندي سانءِ، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾‘ ڳايو، جنهن کانپوءِ هن شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جا ڪلام ۽ ڪيترائي لوڪ گيت ڳايا. روبينا قريشي گهڻي قدر ماسٽر محمد ابراهيم، استاد محمد جمن، استاد نظر حسين جي موسيقيءَ ۾ ڪلام ڳايا. ريڊيو پاڪستان تي سندس گهڻي ۾ گهڻا ڪلام ايم. بي. انصاري ۽ خواجا امداد عليءَ رڪارڊ ڪيا. روبينا قريشي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، ڪراچي، لاهور ۽ ڍاڪا تي بہ ڳائي مڃتا ماڻي. پاڪستان ٽيليويزن تي کيس عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. هن سنڌي فلمن مان سسئي پنهون، گهونگهٽ لاھہ ڪنوار، جا گانا پڻ ڳايا. روبينا قريشي جيتوڻيڪ ماسٽر محمد ابراهيم ۽ استاد محمد جمن کان سکيا ورتي، پر باقاعدي تربيت لاهور ۾ استاد ڇوٽي غلام علي کان ورتائين. هن اردو، سنڌي، سرائيڪي، بلوچي، پشتو، پنجابي ۽ بنگاليءَ ۾ ڳايو. روبينا قريشي انڊونيشيا، چين ، ترڪي، ڀارت، برطانيہ ۽ آمريڪا ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري مڃتا ماڻي. شروع ۾ هن ريڊيو پاڪستان تي پروگرام ڪرڻ دوران اعتراضن کان بچڻ لاءِ عائشہ مان نالو تبديل ڪري روبينا رکيو ۽ پوءِ ان ئي نالي سان سڃاتي وئي، جڏهن تہ 1970ع ۾ پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جي تمام وڏي اداڪار مصطفيٰ قريشيءَ سان شادي ٿيڻ کانپوءِ هوءَ روبينا مان روبينا قريشي بڻجي وئي. ان زماني ۾ مصطفيٰ قريشي ريڊيو پاڪستان جو پروڊيوسر هو. انهيءَ سال (1970ع) ۾ ئي غلام مصطفيٰ قريشي، پنھنجي ونيءَ سميت لاهور هليو ويو، جتي روبينا، ڇوٽي غلام عليءَ کان راڳ جي سکيا ورتي. سندس هڪ آڊيو البم پڻ رليز ٿيو. هوءَ روزانو ٻہ ڪلاڪ رياض ڪندي هئي ۽ راڳڻين ۾ ڀيروي ۽ ملهار کي پسند ڪندي هئي. روبينا قريشي 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي مسلم هسٽريءَ ۾ ڪئي 1967/1968ع ۾ حمايت الاسلام اسڪول حيدرآباد ۾ سيڪنڊري ٽيچر پڻ رهي. عملي زندگيءَ ۾ روبينا قريشي سماج سڌارڪ پڻ رهي ۽ بلائينڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن ليڊيز ونگ جي اڳواڻ هئي. 1996ع ۾ کيس قلندر لال شھباز اوارڊ ۽ خواجہ غلام فريد اوارڊ مليا، کيس ’بلبل سنڌ‘ ۽ ‘ڪوئل سنڌ’ جا لقب مليا. روبينا قريشيءَ کي هڪ نياڻي اربيلا ۽ هڪ پٽ محمد عامر جو اولاد ٿيو. سنڌ جي هن ليجنڊ وڏو عرصو بيمار رهڻ بعد 13 جولاءِ 2022ع تي وفات ڪئي.


لفظ روبينا قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.10.19  عيسوي

گائڪيءَ جي دنيا ۾ روبينا قريشي جو نالو اهم آهي. سندس جنم 19 آڪٽوبر 1940ع تي صدر، حيدرآباد ۾ ٿيو.


2022.07.13  عيسوي

روبينا قريشي 13 جولاءِ 2022ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد پريل سومرو
الحاج سيد حاجي عبدالرحيم شاھہ
غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي
ٻلديو گرمکسنگهہ گهنشاڻي
بلاول بيلجم
گاجي شاھ1
پير آغا عبدالله جان سرهندي
آسر فقير
چنا محمد عالم
شھمير شاھہ شھيد سيد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون