روحانيت

روحانيت(Spirituality) : ’روحانيت‘ اسم جون ٻه وصفون ڪري سگهجن ٿيون:
(1) روح جو هئڻ هڪ حقيقت آهي، جيڪو مادي (matter) کان جدا هڪ وجود رکي ٿو.
(2) عقيدي جو هڪ نظام يا مذهبي نظريو، جنهن جو واسطو غير مادي حقيقت/ حق سان آهي. هن نظريي مطابق انسان ان حقيقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ اندروني يا باطني راهه ذريعي پنهنجي وجود جـي جـوهــر کـي ڄاڻي سگهي ٿو. اهـڙي باطني قوت حاصل ڪرڻ لاءِ کيس مراقبو (meditation)، عبادت ۽ غور ۽ فڪر (contemplation) ڪرڻا پوندا آهن. جنهن کانپوءِ هو ’پاڻ سڃاڻڻ‘ ذريعي ڪنهن ’مطلق حقيقت‘ کي سڃاڻي سگهندو ۽ سندس تعلق پاڻ جهڙن ٻين انسانن يعني انسانيت، فطرت ۽ ڪائنات سان ۽ الاهي دنيا (divine realm) سان جُڙندو. اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته روحانيت سان زندگيءَ ۾ هڪ قسم جو اتساهه پيدا ٿئي ٿو.
تاريخي طور تي ’مذهبيت‘ ۽ ’روحانيت‘ کي اڪثر هڪ ڪري سمجهيو ويندو رهيو آهي، پر وقت گذرڻ سان ’روحانيت‘ کي انفرادي تجربي ۽ خيال جي دنيا سان لاڳاپيل ۽ ’مذهبيت‘ کي اجتماعي حيثيت ۾ ڪنهن مذهبي اداري سان لاڳاپيل سڏيو ويو. پر روايتي طور اڪثر مذهبن ۾ روحانيت کي مذهبي تجربي جو درجو حاصل آهي، جنهن کي ’مذهبي روحانيت‘ چيو ويندو آهي. جديد دؤر ۾ ’سيڪيولر روحانيت‘ جو اصطلاح به گهڙيو ويو آهي، جنهن جو بنيادي زور انسانيت ۽ اخلاقي قدرن تي آهي، جن ۾ پيار، همدردي، صبر، سهپ، معافي ۽ ٻين انسانن لاءِ ڳڻتيءَ جا قدر شامل آهن؛ جن جو تعلق انسان جي اهڙن پهلوئن ۽ تجربن سان آهي، جيڪي دنيا جي مادي تصور کان مٿانهان سمجهيا وڃن ٿا ۽ انهن جو ڪنهن به هڪ مذهبي عقيدي سان ڪو واسطو ڪونهي. اهڙي روحانيت، هر مذهب ۾ ٿي سگهي ٿي، ان ڪري، روحانيت جي جديد وصف هن ريت ڪئي وڃي ٿي: ”جڏهن به اسين پنهنجي زندگيءَ جي معاملن کي ڪائنات جي وسيع تر رٿا ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ۽ ڪو به جواب ذهن کي مطمئن نه ڪندو آهي، ته پوءِ اهڙي روحانيت وجود ۾ ايندي آهي؛ خاص ڪري جڏهن سوچبو آهي ته زندگي ڇا آهي، ڪائنات ڇو ۽ ڪيئن وجود ۾ آئي، اسين دنيا ۾ ڇو آيا آهيون ۽ مرڻ کانپوءِ ڪيڏانهن وينداسين يا پوءِ ڇا ٿيندو، ته روحاني ٿي پوندا آهيون، جڏهن اسين دنيا ۾ سونهن، پيار ۽ نيڪيءَ (حسن، عشق ۽ خير) کي ڏسندا آهيون يا تخليق جي عمل تي غور ڪندا آهيون ته اهڙي تجربي مان گذرندا آهيون، جيڪو ڪنهن اڻ ڏٺل قوت يا هستيءَ جي باري ۾ سوچڻ تي مجبور ڪري ته اها ئي زندگيءَ کي هلائيندڙ قوت آهي ته اهڙي تجربي کي به ’روحانيت‘ جو نالو ڏنو ويندو آهي.“
صوفي مت سان روحانيت جو ويجهو تعلق آهي، پر اهي ٻئي هڪ نظريو ڪونه آهن. صوفي مت ۾ خدا جو تصور چٽو آهي، جنهن جو تجربو صوفيءَ کي ٿئي ٿو. جڏهن ته روحانيت هڪ قسم جو مجموعي اندروني تجربو آهي، جنهن جي ذريعي مذهبي، سيڪيولر توڙي صوفي ماڻهو پنهنجي پنهنجي اندروني سفر سان خدا يا اڻ ڏٺي قوت سان تعلق جوڙي سگهن ٿا.
روايتي منظم مذهبن جي نفي ڪندڙ ماڻهو به روحاني هئڻ جي دعويٰ ڪري سگهن ٿا. امريڪا ۾ هن وقت 33 سيڪڙو ماڻهو پاڻ کي ’غير مذهبي پر روحاني‘ (spiritual but not religious) سڏائين ٿا.
ڪي ماڻهو ’روحن جي علم‘ (spiritualism) ۽ ’روحانيت‘ (spirituality) کي پاڻ ۾ منجهائي هڪ سمجهندا آهن. روحانيت، انسان جي اندروني سفر جي ذريعي ڪنهن مطلق هستيءَ جي وجود جي حقيقت ڳولڻ جو نالو آهي، جڏهن ته روحن جي علم جو تعلق سڌو سنئون مذهبي عقيدي سان آهي، جنهن موجب انسان جو روح ٿئي ٿو ۽ اهو ئي اصل حقيقت آهي، جيڪو موت کانپوءِ به زندهه هوندو آهي. ان ڳالهه کي بنياد بنائي ڪيترا ماڻهو روحن جي نظر اچڻ، انهن سان ڳالهائڻ، کانئن موت کانپوءِ جي حقيقت معلوم ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ماڻهن کي گمراهه ڪندا آهن ۽ ’عمليات‘ ذريعي انهن سان رابطي جي دعويٰ ڪندا آهن، پر ان کي ’روحانيت‘ نٿو چئي سگهجي.
روحانيت‘ اهو باطني رستو آهي، جنهن جي ذريعي پنهنجي پاڻ کي سڃاڻي، پنهنجي هئڻ جي معنيٰ ۽ مقصد کي سڃاڻجي، ان ذريعي ڪنهن اڻ ڏٺي طاقت يا قوت جو ادراڪ ڪجي. ان باطني رستي کي ڪڏهن تپسيا ۽ جوڳ، ڪڏهن مراقبو ۽ استغراق، ڪڏهن اعليٰ انساني قدرن جي حاصلات جي وسيلي طور استعمال ڪري، انسان هڪ اعليٰ ۽ ارفع ماڳ ماڻي، پنهنجي وجود جي اصلي جوهر کي حاصل ڪري سگهي ٿو.


لفظ روحانيتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو