روحل فقير
روحل فقير: سنڌ جو ناميارو صوفي ۽ ويدانتي شاعر، روحل فقير ذات جو زنگيجو هو. سندس پيءُ شاهو فقير زنگيجو ڪلهوڙن جي دور ۾ عمرڪوٽ ويجهو پدمات جي پَٽ (ڳوٺ) ۾ رهندو هو، جتي کيس 34-1733ع ڌاري روحل فقير ڄائو. شاهو خان زنگيجو نورمحمد ڪلهوڙي وٽ ملازم هو. هن پنهنجي پٽ روحل کي سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ جي سٺي تعليم ڏياري. جيئن ته عمرڪوٽ جون حدون راجسٿان سان ملن ٿيون، ان ڪري روحل فقير کي راجسٿاني ۽ هنديءَ جي پڻ ڪافي ڄاڻ حاصل ٿي. روحل فقير پيءُ جي وفات کان پوءِ جوانيءَ ۾ نور محمد ڪلهوڙي جي سرڪاري ملازمت ۾ گهڙيو ۽ ميان غلام شاهه جي حڪومت ۾ ترقي ڪري وزير جي عهدي تي پهتو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومت ۾ مير بهرام ۽ راڄو ليکيءَ کي وڏي اهميت حاصل هئي. راڄو ليکي دورانديش شخص هو ۽ روحل فقير جي ساڻس گهڻي لڳندي هئي. ميان غلام شاهه ڪهلوڙي، روحل فقير جي طبيعت ۽ علميت کان متاثر ٿي کيس توشه خاني جو ناظر مقرر ڪيو. روحل فـقيـر جو غلام شاهه جو اهم درٻاري هئڻ سبب جوڌپور طرف سفارتي ڪم ڪار سان اڪثر وڃڻ ٿيندو هو. اتي جي ويدانتي بزرگ ڏونگر سي راءِ سان سندس ڪافي صحبت رهي. جوڌپور جو راجا ڀڳت سنگهه، روحل فقير جي شاعريءَ ۽ علمي حيثيت کان متاثر ٿي سندس معتقد بڻيو. جـڏهن 1772ع ڌاري غـلام شـاهه گـذاري ويـو ۽ سـندس فـرزنـد ميان سرفراز ڪلهوڙي حڪومت جون واڳون ورتيون، ته روحـل فـقيـر به سرفراز ڪلهوڙي جي درٻار سان واڳجي ويو، اڳتي هلي جڏهن سرفراز ڪلهوڙي، مير بهرام خان خلاف منصوبو سٽيو ته روحل فقير هٿ ۾ استعيفا جو ڪاغذ کڻي ميان سرفراز جي درٻار ۾ پهتو. هن سندس سياسي حڪمت عملين کي درست نه ٿي سمجهيو، ان ڪري پاڻ کي درٻار ۽ سرڪار کان پري رکڻ جو فيصلو ڪيائين. روحل فقير جي دل ست رنگيءَ دنيا کان اڳ ئي بيزار هئي. هُو نالي ۽ نمود کان ونءُ ويندو هو، ان ڪري هن فقيري رنگ اختيار ڪيو. سير سفر سان گڏ وسيع مطالعو ڪيائين. پدمات جي پَٽ تي اچي گوشي نشين ٿيو. ٿوري وقت جي گوشي نشينيءَ کان پوءِ روحل فقير جهوڪ ميرانپور روانو ٿي ويو ۽ شاهه عنايت شهيد جي سجاده نشين شاهه عزت الله جي حلقي ۾ شامل ٿي ويو. روحل فقير پورا پنجويهه سال جهوڪ ۾ رهيو ۽ پوءِ مرشد جي حڪم موجب سفر تي نڪري پيو. سنڌ جي مختلف هنڌن جو سير ڪيائين. خاص ڪري ٿرپارڪر جو ڳوٺ ڳوٺ گهميو. عمرڪوٽ ويجهو واهه به کوٽايائين. پدمات جي پَٽ وارو سندس ڳوٺ اڳتي هلي روحل فقير جي نالي سان روحل واءِ سڏيو ويو، جيڪو اڄ به اِن نالي سان قائم آهي. روحل فقير پنهنجي دور جو وڏو عالم، فاضل، سنڌي، هندي، عربي، فارسي ۽ راجسٿانيءَ جو ڄاڻو ۽ بلند پايي جو شاعر هو. جوڌپور جي سوامي ڏونگر سين ۽ ٻين بزرگن سان رهاڻيون ڪيائين. جوڌپور ۽ جيسلمير ۾ اڄ به روحل جي ٻاڻي وڏي چاهه سان ڳائي وڃي ٿي. جڏهن جهوڪ ميرانپور مان پنهنجي روحاني اڃ اجهائي روحل فقير پنهنجي وطن موٽيو هو ته ڪِن منصوبي بازن سرفراز ڪلهوڙي جا ڪَن ڀريا ۽ ميان سرفراز، روحل فقير کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سپاهين کي سندس ڳوٺ موڪليو. شاهي حڪم موجب سپاهي پدمات جي پَٽ تي وڃي پهتا، جتي روحل فقير جو آستانو هو. فقير صاحب کي گرفتاريءَ جي حڪم کان آگاهه ڪيو ويو. جنهن ڪنڌ جهڪائي جواب ڏنو ته بابا سڀاڻي هلنداسين. پر اتفاق اهڙو ٿيو جو ٻئي ڏينهن صبح جو خبر پهتي ته مير بهرام جي شهادت کان پوءِ ميان سرفراز ڪلهوڙو تخت تان دستبردار ٿي چڪو آهي. سرڪاري ماڻهن کي جڏهن اها خبر پئي ته هو فقير کي پنهنجي حال تي ڇڏي پوئتي موٽي ويا. روحل فقير پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو سير سياحت ۾ گذاريو. جوڌپور ۽ بيڪانير طرف خوب سير ڪيائين. هر هنڌ ماڻهو هن جي روحاني فيض مان سيراب ٿيندا رهيا. هو مريدن کي اڪثر جوڳ جي پاکر ڏيندو هو. هن جوڌپور جي راجا بجيا سنگهه کي پنهنجي تصنيف ’آگم وارتا‘ ڏني، جنهن ۾ ويدانت بابت ڄاڻ ڏنل هئي. سندس علميت ۽ روحاني ڪمال کي ڏسي راجا سندس معتقدن ۾ شامل ٿي ويو. هن مٿس زور ڀريو ته هو اتي رهي پوي، پر هن مستقل سڪونت اختيار ڪرڻ پسند نه ڪيو. روحل فقير جون ٻه شاديون هيون. پهرئين گهر مان کيس ٻه پٽ شاهو فقير ۽ غلام علي فقير ٿيا، جيڪي به شاعر هئا. کيس پوئين گهر مان ٻه پٽ ٿيا، جيڪي دريا خان ۽ خدا بخش فقير هئا، جيڪي پڻ شاعر ٿي گذريا آهن. روحل فقير پنهنجي دور جو وڏو صوفي ۽ ويدانتي شاعر هو. هن جي هندي شاعريءَ جا چار ڪتابَ: (1) من پرٻوڌ، (2) اڌ ڀت گرنٿ، (3) سرٻ گيان، ۽ (4) آگم وارتا، مشهور آهن. هن سنڌي ۽ سرائيڪيءَ ۾ به ڪافي ڪلام چيو، جيڪو هنديءَ جي مقابلي ۾ ٿورو آهي، پر نهايت عمده آهي، جنهن جي زبان سادي ۽ فصيح آهي. سندس ڪلام ۾ سادگي ۽ تصوف بابت باريڪ نگاهي موجود آهي. هن صوفي مسلڪ شاعر جي ڪلام جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا: ڪهڻي تان هرڪو ڪهي، پر رهڻي اوکي بات، پڌري ٿيندي ذات، رهڻيءَ مان ’روحل‘ چوي. روحل تعصب ۽ مذهبي متڀيد جي خلاف ۽ هندو مسلم ايڪتا جو وڏو پرچارڪ هو، تڏهن ته هن چيو هو ته: ڪفر ۽ اسلام ۾، ٿا ڀرن اُبتا پير، هڪ هندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير، انڌن اوندهه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير، روحل راهه پرينءَ جي، گھڙي ڏٺو سين گھيڙ، ته رب مڙني ۾ هيڪڙو، تنهن ۾ ڦند نه ڦير، سا ڪاڏي ڪندي پير، جا ستي ڪعبي وچ ۾. روحل فقير پنهنجي سنڌي توڙي هندي ڪلام ۾ چوي ٿو ته: ”انسان نه پنهنجي ڪرمَ کان وڏو آهي نه ڌرم کان. اُهو تڏهن وڏو آهي، جڏهن سندس خيال نيڪ ۽ ارادا مضبوط آهن. ضمير جو آواز اهو آهي ته انسان اوچ نيچ جو فرق نه رکي: جنم جنم ڪا دک مٽا، اور جنم جنم ڪا پاپ، سڀ تن پاون هو رهيا، جب درسيو آتم آپ. جي تون صحيح سڃاڻين پاڻ، اٿئي قيمت سندو قطرو، ڪوري ڪڍ قلوب مان، مدائيءَ جو ماڻ، پري نهارڻ پِر کي سندو ڄَٽن ڄاڻ، نت سائين تو هي ساڻ، راتيان ڏينهان روحل چئي. روحل فقير سرائيڪي زبان ۾ به شاعري ڪئي آهي، جيڪا سندس گهر جي ۽ مادري زبان هئي. سندس سرائيڪي بيت ۽ ڪافيون حقيقت ۽ مجاز جي رنگ ۾ رچيل آهن. سندس لفظ لفظ تصوف جو اظهار ۽ ذات حقيقيءَ جي عشق سان معمور آهي. هو سرائيڪي ڪافيءَ ۾ چوي ٿو ته: نينهن لگامن پياري دا، پياري دا ڪلنگي واري دا! ٻنهان لوڪان نون موت مريندا، عاشق قتل اشاري دا، چنڊ کڙيا سارا عالم ڏيکي، مين ويکان رُخ پياري دا، هر دم جهان وچ کل رهيا هي، هڪوئي گل هزاري دا، روحل رين هجر دي ڳئي، ڍونڍ لڌا گھر پياري دا. روحل فقير حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ دنيا جي هنگامن کان بيزار ٿي سڄي اهل عيال سميت ڪوٽڏيجيءَ ڀرسان ڪوٽلي جي ننڍيءَ بستيءَ ۾ وڃي رهيو، جتي سندس معتقد وڏي تعداد ۾ ايندا رهندا هئا، جيڪا ڳالهه اتان جي مقامي زميندار کي پسند نه آئي. دولتمند ۽ فقير جي وچ ۾ تصادم ٿي پيو. فقير جو صلح ڪل ٿئي ٿو، سو هن وير ۽ وروڌ کي ڪٿي ٿو برداشت ڪري سگهي. روحل فقير نقل مڪاني ضروري سمجهي، وقت جي حاڪم مير صاحب کيس گهڻو ئي روڪيو، پر فقير صاحب جو فيصلو اٽل هو. هو اهل عيال کي وٺي خدا تي توڪل ڪري، بنا ڪنهن مقام ۽ منزل جي اڳتي وڌيو. چون ٿا ته جڏهن موجوده ڪنڊڙي (تعلقي روهڙي) ڳوٺ وٽ آيو ته اهو علائقو ان وقت جهنگ ۽ غيرآباد پَٽ هو. هن جي چادر جو هڪ پلئه هڪ ننڍڙي ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ اٽڪي پيو. فقير صاحب هن معمولي روڪ کي خدائي حڪم سمجهي لڏي لاهڻ جو حڪم ڏنو. جلد ئي جهنگ صاف ڪري جهوپڙيون اڏي هڪ ننڍڙي بستي آباد ڪئي وئي، جنهن جو نالو ڪنڊڙي رکيو ويو. درياهه جي ڀر تي هي آستانو فقير صاحب جي دلي راحت جو سبب بڻيو. روحل فقير هن ننڍڙي بستيءَ جو وڏيءَ حب ۽ پيار سان ذڪر ڪيو آهي. ڪنڊڙيءَ ۾ ڪلتار ڏٺو سي، رانجهو رمزن وارو يار، في انفسڪم افلا تبصرون، مخفي هي اسرار، رمز رندن جي ڪو ڪو پرکي، برهه جو باري بار، وحدت واري واٽ وٺج تون، وٿي نه آڻج وار، روحل رهجان رمز انهيءَ ۾، ٻي سڀ ڪوڙي ڪار. ڪانن جون جهوپڙيون ۽ ڪکن جون ڇتيون، حق جي طالبن لاءِ زيارتگاهه بنجي پيون. ملڪ جي هر حصي کان ارادتمند فقير پنهنجي روحاني اڃ اجهائڻ لاءِ هتي اچي ٿي گڏ ٿيا. صبح ۽ شام وحدت جو واپار پئي هليو، جتي هندو ۽ مسلمان هڪ هنڌ پئي گڏ ٿيا. تڏهن ته روحل جي هڪ طالب ڌرمون مل ’انور‘ پنهنجي ستگر جي ساراهه هن ريت ڪئي آهي: ڪنڊڙي ڪنڊڙي ناهه، تحقيق آهي ڪاسي، روحل رام وسي اٿاهين، جنهن لائي سماڌ ابناسي، اهي وڃي ٿيا واسي، ’انور‘ امر پد نرٻاڻ ۾. سنڌ جي هن آزاد صوفيءَ، 1804ع ڌاري هن دنيا کان موڪلايو. روحل فقير جي شاعري، ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام ڪتاب ۾ لطف الله بدويءَ شامل ڪئي آهي. ان کانسواءِ نياز همايونيءَ، خان فقير'>دريا خان فقير جي ڪلام ’آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه‘؛ صوفي شفيع محمد سومري ’روحل فقير جون رمزون‘ ۽ ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ پنهنجي ڪتاب ’صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘ ۾ به ڏني آهي. روحل فقير جو هندي ڪلام ڪجهه سال اڳ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ، هنديءَ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.