روحل واءِ

روحل واءِ (ڳوٺ): روحل واءِ، ضلعي عمرڪوٽ جو مشھور علمي، ادبي ۽ تاريخي حيثيت وارو ڳوٺ آهي، جيڪو عمرڪوٽ شھر کان اوڀر طرف هڪ ميل جي پنڌ تي واقع آهي. هن ڳوٺ تي هي نالو صوفي شاعر روحل فقير جي نسبت سان پيو، جيڪو هن ڳوٺ ۾ ڀٽ تي اچي رهيو. هن اتي رياضتون ڪيون ۽ چلا ڪاٽيا هئا. هن ڳوٺ کي ’پدمات جا پَٽ‘ بہ چوندا آهن، جنهن کي روحل فقير ۽ مراد فقير سميت ڪيترن بزرگ شاعرن ڳايو آهي. هي ڳوٺ آباديءَ وڌڻ سبب هن وقت عمرڪوٽ شھر کي ويجهو پئجي ويو آهي. ان کانسواءِ شھر جي آبادي وڌڻ سبب شھر جون حدون پڻ ڳوٺ طرف وڌيون آهن. هن ڳوٺ ۾ ساند، مڱريا، ڀيل، مهر، بجير، اوڏ، مڱڻهار ۽ ٻيون ذاتيون آباد آهن. سنڌ جي مشھور انقلابي شاعرن حليم باغي، جمن دربدر، حاجي ساند ۽ اسحاق ساند جو تعلق بہ هن ڳوٺ سان ئي آهي.


لفظ روحل واءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو