روحل کوسي جو قبو

روحل کوسي جو قبو: روحل کوسي جو قبو ضلعي دادوءَ جي شھر جوهيءَ کان ٿوري پنڌ تي اولھہ طرف آهي. روحل خان کوسو جوهي جي کوسن جو سردار هو. جوهي ۽ آسپاس ۾ سندس اثر هو. هن پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي جوهيءَ ڀرسان پنھنجي لاءِ قبو تعمير ڪرائي، ان ۾ پڪي قبر ٺهرائي ڇڏي هئي. 1782ع ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي ۽ مير فتح علي خان ٽالپر جي وچ ۾ جنگ لڳي، تہ روحل خان کوسو پنھنجي لشڪر سميت ميان عبدالنبي ڪلهوڙي پاران ميرن سان جنگ وڙهيو هو. روحل کوسي، پنهنجو لشڪر وٺي هالا واري پاسي مير فتح علي خان ٽالپر جي لشڪر سان مقابلو ڪيو ۽ وڙهندي مارجي ويو. سندس لاش نہ مليو. هن جنگ ۾ ميرن، ڪلهوڙن کي شڪست ڏني ۽ روحل جو قبو خالي رهجي ويو، جنهن ۾ سندس ٺهرايل خالي مزار آهي.


لفظ روحل کوسي جو قبوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو