روحل گائنچو

روحل گائنچو: نامور لوڪ شاعر روحل گائنچي ولد ادو فقير 1878ع ڌاري هالار جبل جي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ قائم باجڪ، ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. هيءُ پنھنجي دور جو مشھور شاعر ٿي گذريو آهي. روحل، نواب غيبي خان چانڊيي وٽ ملازم هو. روحل ڪا تعليم ڪانہ ورتي هئي. اڻپڙهيل هو، پر عقل ۽ ذهانت سبب نواب غيبي خان چانڊئي وٽ سندس ڪافي عزت هئي. نواب غيبي خان چانڊيي جو درٻاري شاعر ٿي رهيو. هميشہ درٻار ۾ شريڪ ٿي موقعي ۽ مناسبت سان شعر چوندو هو ۽ اعليٰ پايي جو شاعر هو. سندس گهڻو ڪلام ضايع ٿي ويو. هن 11 آگسٽ 1938ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ کڏي جي مقام باجڪ (ضلعي قمبر- شھدادڪوٽ) ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو