روح الاعظم

روح الاعظم (ڪتاب): روح الاعظم، فولاد علي فقير جو سنڌي ادب ۽ تصوف بابت بيمثال ڪتاب آهي. فولاد علي فقير عربيءَ ۽ فارسيءَ جو مستند عالم هو. هيءُ ڪتاب تصوف بابت هڪ اهم ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ فقر ۽ فقيريءَ کانسواءِ عالم شريعت، عالم طريقت، عالم حقيقت ۽ عالم معرفت جي تشريح ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ اسم اعظم جي ذڪر جا طريقا، طلب الطالب ۽ مطلوب جون منزلون قرآن ۽ حديث ۽ مثنوي مولانا روميءَ جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيون ويون آهن. ڪتاب جي عنوانن ۾ هادي پاڪ جي گفتار، الوهيت جا راز، شاھہ منصور جي حقيقت، روميءَ جي رهاڻ، وحدانيت جي واکاڻ، سھڻا سخن، چند طالبن جا احوال وغيرہ شامل آهن. 580 ڊيمي سائيز جي صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي. هي ڪتاب فقير عطا فولادي سهيڙيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو