روح ﷲ بکري

روح بکري: بکري'>روح بکري، بکر جو رهاڪو ۽ منقول ۽ معقول علمن جو ماهر هو. سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مٿس وڏو اعتقاد هو ۽ سدائين دعائون گهرندو رهندو هو. مير علي شير قانع ٺٽويءَ لکيو آهي تہ: ”1166ھہ ۾ منهنجي ملاقات مخدوم روح ﷲ بکريءَ سان محمد آباد ۾ ٿي، جتي پاڻ ميان نور محمد ڪلهوڙي کي دعا ڪرڻ لاءِ آيو هو. مون کي هو ڪمالات جو مالڪ نظر آيو. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن شعر ۽ شاعريءَ ڏانهن بہ ڌيان ڏيندو هو. مخدوم صاحب فرمايو تہ ڪنهن شاعر نادر شاھہ جي تخت نشينيءَ جي تاريخ ’الخير فيما وقع‘ (نادر شاھہ جي تخت نشيني ڀلائيءَ واري آهي) فقري مان 1148ھہ ڪڍي هئي، پر مون چيو تہ ’لاخير فيما وقع‘ (ان ۾ ڪا ڀلائي ڪونهي) هن فقري يا جملي مان بہ 1148ھہ تاريخ نڪري ٿي.“
صوفي شاھہ عنايت شھيد (شهادت 1130ھہ) جو لکيل هڪ خط بہ مليو آهي، جيڪو هن مخدوم روح ﷲ کي لکيو هو، جنهن مان بہ سندس علميت ۽ اهميت جو اندازو ٿئي ٿو. مخدوم صاحب ٻارهين صدي هجريءَ جي پوئين اڌ ۾ وفات ڪئي، کيس اولاد نہ ٿيو. البت ٽي ڀائر هئس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو