رودرا ويڻا

رودرا ويڻا

رودرا ويڻا

رودرا ويڻا (ساز): هيءُ سارنگي ونش جو تار وارو ساز آهي، جيڪو هندستان جي ڪرناٽڪي موسيقيءَ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. يورپي موسيقيءَ جا ماهر هن کي قديم ساز ليوٽ مان نڪتل ڄاڻائين ٿا. ويڻا جا شڪل ۽ ڀڻڪار سبب ڪيترا قسم آهن، جيئن: وچتر ويڻا، ردرا ويڻا، موهن ويڻا، سرسوتي ويڻا وغيره.
اصل ۾ ويڻا ويدڪ دؤر کان اڳ جو ساز آهي، جنهن جي تاريخ 2500 ق. م ۾ دنيا جي مختلف ماڳن مان ملندڙ تصويرن ۾ ملي ٿي. اهي تصويرون ويڻا ساز جون ابتدائي صورتون آهن. عالمن جو چوڻ آهي ته شڪاري دؤر ۾ ماڻهو شڪار لاءِ ڪمان استعمال ڪندا هئا. تير هلائڻ مهل ڪمان جي ڇڪ سبب ان مان مختلف آواز نڪرندا هئا ۽ خود ڪمانن جون مختلف شڪليون هونديون هيون.
تير ڇڏڻ مهل ڪمان جي تار، جيڪا چمڙي يا جانورن جي آنڊي مان ٺهيل هوندي هئي، لرزش ۾ ايندي هئي، جنهنڪري ان مان خاص قسم جو آواز پيدا ٿيندو هو. ان زماني جا لوڪ هڏين مان بانسري ۽ گاهن مان پوپريون ٺاهي ساز طور استعمال ڪندا هئا. وڻن جي ڇوڏن يا وڻن جي پورن خولن تي کل يا اوجهري چاڙهي ان کي ساز طور استعمال ڪندا هئا. اهڙي نموني ويڻا ساز قديم زماني ۾ وجود ۾ آيو. شروعات ۾ هن ساز کي ٿوريون ڳٽيون (frets) هونديون هيون، پر هن دؤر ۾ هن کي گهڻيون ڳٽيون آهن. جن ۾ تارون ڇڪيل هونديون آهن، تارن کي ڇڪي مختلف سُرن تي بيهاري وڄايو ويندو آهي.
رودرا ويڻا ۾ هڪ ڊگهي ڪاٺي هوندي آهي، جنهن جي ڇيڙن تي ڪدوءَ يا ڪاٺ جا وڏا تنبا لڳل هوندا آهن، جيڪي گونجاري جو ڪم ڏيندا آهن. ڪاٺي گهڻو ڪري بانس جي هوندي آهي، جنهن جي ڊيگهه 54 کان 62 انچ هوندي آهي. ڏانڊيءَ جي مٿان 24 بند فولاد جا ٺهيل هوندا آهن. ڪڏهن 19 به وجهبا آهن. اهي سرن وڄائڻ لاءِ هوندا آهن، اتي آڱريون رکبيون آهن. ڊگهي ڪاٺيءَ تي ڪل ست تارون ڇڪي لڳايل هونديون آهن، جن مان ٽي سرن وڄائڻ لاءِ هونديون آهن، جڏهن ته چار تارون آس جون هونديون آهن. اهي تارون ٻنهي گونجارن جي مٿان وري ستن ستن ڳٽين ۾ وڪوڙبيون آهن، انهن ڳٽين کي اڳتي پوئتي ڪرڻ سان تارون ڇڪبيون يا ڍريون ڪبيون آهن. هي ساز ڪلهي تي رکي يا پٽ تي رکي ٻن مضرابن سان وڄائبو آهي. ويڻا جو هي قسم سربهار جي اچڻ کان پوءِ گهٽ استعمال ۾ اچي ٿو. هن ساز مان مٺو ۽ گهرو آواز نڪري ٿو. اسد علي خان هن ساز جو استاد مڃيو وڃي ٿو. ان کانسواءِ بهاءُالدين ڊگر ۽ بينيڪار سوويرا مشرا، هن ساز جا خاص وڄوت مڃيا وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو