رودڪي (شاعر): نامور ايراني شاعر ’رودڪيءَ‘ جو اصل نالو ابو عبدالله جعفر رودڪي بن محمد بن حڪيم بن عبدالرحمــٰن بن آدم عبدالڪريم بن محمد سمحاني هو، جيڪو ايران ۾ ڄائو. کيس ايراني ’شاعرن جو استاد‘ چيو وڃي ٿو. رودڪي اٺن سالن جي عمر ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيو، هن قرائت جو فن بہ سکيو هو. کيس شعر چوڻ ۾ ڪمال حاصل ڪيو. هو موسيقيءَ جي ڪري بہ گهڻو مقبول ٿيو. ڪجهہ ليکڪن جو چوڻ آهي تہ رودڪي تيرهن لک شعر ۽ ڇھہ سؤ مثنويون لکيون هيون. ان کان سواءِ هن جي شعرن جو هڪ ديوان بہ هو. رودڪيءَ کي قصيدي ۾ منفرد سڃاڻپ حاصل رهي آهي. ڪيترائي شاعر کيس قصيدي جو استاد مڃين ٿا. هو فارسي ۾ رندانه شاعريءَ جو موجد آهي. رودڪي 329 ھہ/941ع ۾ وفات ڪئي.