روزو: اسلام جي بنيادي پنجن رڪنن مان روزو هڪ اهم رڪن آهي. رمضان مهيني جا روزا مسلمانن تي فرض ڪيا ويا آهن. ﷲ تعاليٰ جو فرمان آهي تہ: ”اي انسانو! جن ايمان آندو آهي، توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن، جهڙيءَ ريت توهان کان اڳين نبين جي پوئلڳن تي فرض ڪيا ويا هئا. ان مان اميد آهي تہ توهان ۾ پرهيزگاريءَ جي صفت پيدا ٿيندي. ڪجهه مقرر ڏينهن جا روزا آهن. جيڪڏهن توهان مان ڪو بيمار هجي يا سفر ۾ هجي تہ ٻين ڏينهن ۾ انهن جو تعداد پورو ڪري ۽ جيڪي ماڻهو روزي رکڻ جي طاقت رکندا هجن، پوءِ بہ نہ رکن تہ پوءِ فديو ڏين. هڪ روزي جو فديو هڪ مسڪين کي کاڌو کارائڻ آهي، پر جيڪڏهن پنھنجي خوشيءَ سان وڌيڪ ڀلائي ڪري تہ اهو ان لاءِ بهتر آهي. پر جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا تہ توهان جي حق ۾بهتر اهو ئي آهي تہ روزا رکو. رمضان اهو مهينو آهي، جنهن ۾ قرآن شريف نازل ڪيو ويو، جيڪو انسانن لاءِ سراسر هدايت ۽ اهڙي واضح تعليمات تي مشتمل آهي، جيڪا سڌي واٽ ڏيکاريندڙ ۽ حق ۽ باطل ۾ فرق کولي ٻڌائڻ واري آهي. تنهنڪري هاڻي کان اڳتي جيڪو شخص هن مهيني کي لهي، ان تي لازم آهي تہ هن مهيني (رمضان) جا سڀئي روزا رکي ۽ جيڪڏهن ڪو بيمار هجي يا سفر ۾ تہ اهو ٻين ڏينهن ۾ ڇڏيل روزن جو تعداد پورو ڪري. ﷲ تعاليٰ توهان سان نرمي ڪرڻ گهري ٿو، سختي ڪرڻ نہ ٿو چاهي. ان ڪري توهان کي اهو طريقو ٻڌايو پيو وڃي تہ جيئن اوهان روزن جو تعداد پورو ڪري سگهو ۽ جنهن هدايت تي ﷲ تعاليٰ توهان کي سرفراز ڪيو آهي، ان تي ﷲ تعاليٰ جي ڪبريائيءَ جو اظهار ۽ اعتراف ڪريو ۽ شڪر گذار ٿيو.“ (البقره 183 کان 185).
اسلام جي اڪثر حڪمن وانگر روزو بہ فرض طور آهستي آهستي لاڳو ٿيو. رسول پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جن شروع ۾ مسلمانن کي هر مهيني ۾ صرف ٽي روزا رکڻ جي هدايت ڪئي، پر اهي روزا فرض نہ هئا. سن ٻي هجريءَ ۾ رمضان جي روزن جو هي حڪم نازل ٿيو، پر ان ۾ صرف ايتري رعايت رکي وئي هئي تہ جيڪي ماڻهو روزي جي طاقت رکڻ جي باوجود روزو نہ رکن تہ اهي هڪ روزي جي بدران هڪ مسڪين کي کاڌو کارائين. بعد ۾ ٻيو حڪم نازل ٿيو ۽ اها رعايت بہ ختم ڪئي وئي. پر بيمار، مسافر ۽ پيٽ واريءَ يا ٿڃ پياريندڙ عورت ۽ اهڙن پوڙهن ماڻهن لاءِ، جن ۾ روزي رکڻ جي طاقت نہ هجي، تن لاءِ انهيءَ رعايت کي قائم رکيو ويو ۽ کين حڪم ڏنو ويو تہ بعد ۾ جڏهن عذر باقي نہ رهي، تڏهن جيترا رمضان جا روزا انهن کان گسي ويا هجن، اوترا قضا جا روزا رکي سگهن ٿا.
روزا ڇھن قسمن جا آهن:
(1) فرض، (2) واجب، (3) سنت، (4) نفل، (5) مڪروھہ ۽ (6) حرام. سڄي سال ۾ مسلمانن تي فقط رمضان جا ٽيھہ روزا فرض آهن. جيڪي روزا پاڻ سڳورن رکيا يا جن جي رکڻ جي ترغيب ڏنائـون، سي سنت آهن: (1) عاشوره يعني نائين ۽ ڏهين محـرم جا ٻہ روزا، (2) يوم عرفه يعني ذوالحج جي نائين تاريخ جو روزو، (3) ايام ابيض يعني هر مهيني جي تيرهين، چوڏهين ۽ پندرهين تاريخ جا روزا سنت ۾ شامل ٿين ٿا.
ماھہ شوال جا ڇھہ روزا، سومر ۽ جمعي جا روزا، شعبان جي پندرهين تاريخ جو روزو ۽ ذوالحج جي پهرئين ڏهاڪي جا اٺ روزا نفلي روزن ۾ شمار ٿين ٿا. صرف ڇنڇر يا آچر جي ڏينهن روزو رکڻ، فقط عاشوري جو روزو رکڻ، ڪنهن عورت جو پنھنجي مڙس جي اجازت کانسواءِ روزو رکڻ ۽ وچ ۾ وقفي ڪرڻ کانسواءِ لڳاتار روزا رکڻ مڪروھہ روضن ۾ شامل آهن. عيدالفطر جي ڏينهن، عيدالاضحيٰ جي ڏينهن، ايام تشريق 11 ذوالحج ۽ 13 ذوالحج جا روزا رکڻ حرام آهن. روزا رکڻ ۽ افطار جي وقت ۽ ڪن ٻين مسئلن ۾ سُني ۽ شيعه فرقن ۾ ٿورو گهڻو فرق آهي.