روزيتا پٿر

روزيتا پٿر

روزيتا پٿر

روزيتا پٿر (Rosetta Stone): قديم تهذيبن جا ڪيئي اسرار آهن، جن مان ڪي ظاهر ٿين ٿا تہ ڪي باوجود ڪوششن جي بہ معمو بڻيل آهن. اهڙن اسرارن مان سڀ کان اهم راز مختلف تهذيبن جون اڃا تائين نہ پڙهي سگهجندڙ لکتون آهن. مثال طور: سنڌو تھذيب جي لکت. اڃا مڪمل طور پڙهجي نہ سگهي آهي. اهڙين تهذيبن جي ٻوليءَ، تاريخ تي پردا پيل آهن.
روزيتا، نيل درياھہ جي اولھہ واري ڪيٽيءَ جو هڪ ماڳ آهي، جتان نيپولين جي مصر تي ناڪامياب ڪاھہ کان موٽندي، ڪن فرينچ سپاهين کي 1799ع ۾ ڪاري رنگ جي بسالٽ پٿر جي هڪ تختي هٿ آئي، جنهن تختيءَ جي ڊيگهہ ٽي فوٽ ۽ 9 انچ ۽ ويڪر ٻہ فوٽ ساڍا چار انچ هئي. هيءَ تختي ظاهري طرح ٽن لکتن تي ٻَڌل هئي، پر انهن جو مواد ساڳيو هو. لکت قديم مصري هيروگليفي، سادي مصري ٻولي (Demotic) ۽ يوناني ٻولين ۾ هئي. ان جو مواد 196 ق. م ۾ ميمفس جي پادرين جي هڪ جماعت جي فيصلي تي مشتمل هو، جنهن موجب هنن تالمي (Ptolemy) پنجين کي مصر جو حقيقي حاڪم ظاهر ڪيو هو. هن تختيءَ جي پڙهڻيءَ جي مک ڪنجي ان وقت جي يوناني لکت هئي. لکت جي پڙهائيءَ ۽ سلجهاءَ جو ڪم Jean Fancois Champollion (1832-1790) نالي هڪ ذڪي فرانسيسي زباندان، 1822ع ڌاري ڪيو ۽ ان سان مصر جي تھذيب جي سائنسي نموني ڪم جي شروعات ٿي. ان وچ ۾ ٿورو ڪم لنڊن جي زباندان Andrew Young بہ ڪيو هو. هيءَ تختي 1802ع کان لنڊن جي British Museum ۾ رکيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو