
روس
روس (Russia): هن ملڪ جو سرڪاري نالو رشين فيڊريشن (Russian Federation) آهي. هن کان اڳ روس مختلف رياستن سان گڏ هڪ سوشلسٽ ريپبلڪ جو حصو هو، جنهن کي سوويت يونين (USSR) سڏيو ويندو هو. سوئيڊش قبيلن هن ملڪ کي روس جو نالو ڏنو، ان کان پوءِ هيءُ ملڪ ان نالي سان ڄاتو ويو. روس اوڀر يورپ ۽ اتر ايشيا جو وڏو ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ آرڪٽڪ سمنڊ، اوڀر ۾ پيسفڪ سمنڊ، ڏکڻ ۾ چين، منگوليا، قازقستان، آزربائيجان، جارجيا ۽ يوڪرائن، اولھہ ۾ بيلار، لسٽويا، اسٽونيا، پولينڊ ۽ فن لينڊ آهن.
روس ايراضيءَ جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. جنهن جي ڪل پکيڙ 17075400 چورس ڪلوميٽر (6591100 چورس ميل) آهي ۽ آبادي 14 ڪروڙ 59 لک 5 هزار آهي. روس جي گاديءَ جو هنڌ ماسڪو (Moscow) آهي. روس جي سرڪاري ٻولي روسي آهي. هن ملڪ ۾ گرمي بہ ٿيندي آهي تہ شديد برفباري بہ ٿيندي آهي.
روس جي مکيہ زرعي پيداوار ۾: ڪڻڪ، ڪپھہ، چقندر، پٽاٽا، ميوا، ڀاڄيون، سورج مکي، رائي ۽ مڪئي آهن ۽ هتي جي مکيہ صنعتن ۾: فولاد، مشينري، هٿيار، جھاز ٺاهڻ، گاڏيون، ڪيميائي شيون، سيمينٽ، ٽيڪسٽائيل، ڪاغذ، بجليءَ جو سامان، اليڪٽرانس شامل آهن.
1991ع جي وچ ڌاري سوويت يونين ٽٽي ويو ۽ سوويت يونين ۾ شامل رياستن جھڙوڪ تاجڪستان، ترڪمانستان، قازقستان، ازبڪستان، ڪرغيزستان، آذربائيجان، بيلارس، يوڪرائين، مالدووا، جارجيا، اسٽونيا، لٿوانيا ۽ لٽويا آزاديءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو. 12 جون 1991ع تي بورس يلسن، روس جو صدر ٿيو. روس جي انقلاب جو ڏينهن 15 مارچ 1917ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) ۾ هن مُلڪ جي ميمبرشپ 24 آڪٽوبر 1945ع کان آهي.
روس جي مکيہ ٻولي روسي آهي. روسي ٻولي سليوان خاندان جي ٻولين جي هڪ اهم شاخ آهي، جيڪا هند يورپيائي ٻولين جي گروھہ سان تعلق رکي ٿي. روسي ٻوليءَ کي سوويت يونين جي مکيہ ٻولي ۽ اقوام متحدہ جي 5 اهم ٻولين مان هجڻ سبب عالمي اهميت حاصل آهي. روسي ٻوليءَ جو نظم توڙي نثر وڏو شاهڪار آهي، ان جو سبب هيءُ آهي تہ ٽالسٽاءِ، گورڪي، چيخوف، پشڪن وغيرہ جهڙن عظيم ليکڪن پنھنجي لکڻين ذريعي هن ٻوليءَ کي شاهوڪار بڻايو آهي.