روشني1

روشني1

روشني1

روشني1 (Light): روشني هڪ قسم جي توانائي آهي، جنهن کي برقي مقناطيسي (Electromagnetic) شعاع سڏجي ٿو. روشني سج، ٻرندڙ بلب ۽ ليزر وغيره جهڙن جسمن مان خارج ٿئي ٿي. روشني جڏهن ڪنهن مٿاڇري سان اچي لڳي ٿي ته اها منجهس جذب ٿي، موٽ کائي يا مڙي وڃي ٿي.
برقي مقناطيسي شعاع توانائيءَ جا اهڙا ڪرڻا ۽ ڌارائون آهن، جيڪي طاقت ۾ گهٽ وڌ ٿين ٿيون، جن جي ماپ برقي مقناطيسي اسپيڪٽرم/ پٽي رستي ڪئي وڃي ٿي. انساني اک برقي مقناطيسي پٽيءَ جي هڪ تمام ننڍڙي حصي لاءِ حساس ٿئي ٿي يا ان کي ڏسي سگهي ٿي ان کي ’روشني‘ سڏجي ٿو. ڏسڻ ۾ ايندڙ روشنيءَ جي لهرن جي ڊيگهه جو ماپو (Wave Lengths) 360 يا 400 نينوميٽرن (nm) کان اٽڪل 750 يا 800 نينوميٽرن تائين ٿئي ٿو. عام طور روشنيءَ جي اصطلاح جو مطلب پٽيءَ جي انهيءَ ويجهي لهري ڊيگهه جو به ورتو وڃي ٿو، جيڪا انساني اک پسي نه ٿي سگهي، جنهن ۾ انفرا ريڊ شعاع ٿين ٿا، جن جو تعداد (Frequency) ڏسڻ ۾ ايندڙ روشنيءَ کان گهٽ ۽ الٽرا وائليٽ شعاعن جو تعداد ڏسڻ ۾ ايندڙ روشنيءَ کان وڌيڪ ٿئي ٿو. جيڪڏهن سفيد روشنيءَ کي هڪ اسپيڪٽرم ۾ الڳ الڳ وکيريو وڃي ته اهڙي هر هڪ لهري ڊيگهه هڪ مختلف رنگ سان ميل کائيندڙ هوندي. جڏهن روشني ساڳي لهري ڊيگهه ۽ درجي (Phase) واري هجي ته ان کي مربوط (Coherent) سڏجي ٿو. جديد دور ۾ روشنيءَ جو هڪ اهم استعمال اهو به رهيو آهي ته ان کي مربوط روشنيءَ ۾ آندو ويو آهي.
روشني توانائيءَ جي ننڍڙن جزن جي ٺهيل ٿئي ٿي، جن کي فوٽان (Photon) چئجي ٿو. اهڙا ڪيترائي فوٽان تڏهن پيدا ٿين ٿا، جڏهن ڪنهن جسم مان ائٽم ٽپي وڃن ٿا. ائٽمن اندر اليڪٽرانن کي گرمي مشتعل ڪري ٿي ته اهي وڌيڪ گرمي حاصل ڪن ٿا. اهڙي واڌو توانائي فوٽان جي صورت ۾ خارج ٿئي ٿي. ڪو جسم جيترو وڌيڪ گرم ٿئي ٿو، اهو اوترا وڌيڪ فوٽان پيدا ڪري ٿو.
روشني هڪ لهر جي صورت ۾ سفر ڪري ٿي، آوازي يا آبي لهرن جي ابتڙ روشنيءَ کي پنهنجي توانائي کڻڻ لاءِ نه ته ڪنهن جسم جي ۽ نه ڪنهن مادي جي ضرورت پوي ٿي، مطلب ته روشني ڪنهن خال يا خلا مان سفر ڪري سگهي ٿي. يعني هڪ اهڙي هنڌ تان، جيڪو هوا کان بلڪل وانجهيل هجي. (جڏهن ته آواز کي سفر ڪرڻ لاءِ ڪنهن نهري جسم، پاڻيٺ يا گئس جي گهرج ٿئي ٿي). روشنيءَ جي توانائيءَ کان سواءِ ڪا به شيءِ تيزيءَ سان سفر ڪري نه ٿي سگهي. روشني ڪنهن خالي هنڌ تان 186,400 ميل (300,000 ڪلوميٽر) في سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪري ٿي.
روشني سڌين ليڪن جي صورت ۾ سفر ڪري ٿي، جن کي لهرون (Waves) سڏجي ٿو. اهڙيون لهرون ور وڪڙن ۽ ڪنڊن کان ڦري نه ٿيون سگهن. لهرون جڏهن ڪنهن غير شفاف جسم کي لڳن ٿيون، تڏهن ان جسم جي ٻئي پاسي تائين رسي نه ٿيون سگهن. پاڇا، اهڙي هنڌ تي روشنيءَ جي نه پهچڻ سبب پيدا ٿين ٿا.
جڏهن ڪنهن مادي سان روشني اچي لڳي ٿي يا ان تي پوي ٿي ته ان جي فوٽانن جي توانائي، اهڙي مادي جي ايٽمن کي متاثر ڪري ٿي. اهڙا ڪجهه مادا جهڙوڪ: ڪنهن ڌاتوءَ جا ائٽم، جيئن ته ڪجهه فوٽان جذب ڪري ڇڏين ٿا، ان ڪري روشني انهن مان ٽپي نه ٿي سگهي. اهڙا مادا يا جسم غير شفاف ٿين ٿا، جڏهن ته ڪجهه مادا يا جسم جهڙوڪ: شيشي جا ائٽم، جيئن ته فوٽان جذب ڪري نه ٿا سگهن، ان ڪري انهن مان روشني پار پئجي وڃي ٿي. اهڙا جسم شفاف ٿين ٿا.
روشنيءَ جا ڪرڻا جسمن کان موٽ (Reflect) به کائين ٿا. چنڊ ان سبب چمڪي ٿو، جو اهو سج جي روشنيءَ کي موٽائي ٿو. آرسي، روشنيءَ کي هڪ طرف موٽ کارائي ٿي. روشني ڪن جسمن مان آهستي سفر ڪري ٿي. رفتار جي اهڙي تبديليءَ سبب روشنيءَ جا ڪِرڻا پنهنجو طرف بدلائي ڇڏين ٿا ۽ روشنيءَ جي اهڙي طرف جي تبديليءَ کي مڙڻ (Refraction) سڏجي ٿو. روشنيءَ جي مڙڻ سبب شيون اصل حالت بجاءِ وڌيڪ ويجهو نظر اچن ٿيون. روشنيءَ جي پاڻيءَ ۽ هوا مان سفر ڪرڻ جي رفتار ۾ فرق ٿئي ٿو، جنهن جو مقصد توهان کي ڪنهن مٿاڇري تان پاڻيءَ جي ڪنهن تلاءَ جي اونهائي 13 فوٽن بجاءِ 10 فوٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. شيشو به هڪ اهڙو مادو آهي، جيڪو روشنيءَ کي موڙي ڇڏي ٿو، جنهنڪري عينڪن جا شيشا ۽ ٻين قسمن جا ڪاوا ٺاهيا وڃن ٿا.
ليزر (Laser) هڪ اهڙي روشني پيدا ڪري ٿو، طاقتور ۽ يڪجاءِ ٿئي ٿي. ٻين ذريعن رستي پيدا ٿيندڙ روشنيءَ جي ابتڙ ليزر روشني پکڙجي نه ٿي، جنهنڪري ليزر- روشنيءَ کي نه رڳو هڪ هنڌ ٽڪ ٻڌائي بيهاري سگهجي ٿو، پر ان تي پري کان بلڪل ٺيڪ طرح ضابطو به رکي سگهجي ٿو.
زمين کان چنڊ جو مفاصلو 239,000 ميل آهي، جنهن جي روشني اسان کي هڪدم ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ اهو ڏسون ٿا ته روشني هڪ هنڌان ٻئي هنڌ هڪدم پهچي وڃي ٿي. جڏهن اسان ڪمري ۾ بلب جو بٽڻ هيٺ ڪندا آهيون ته هڪدم بلب ٻري، روشني ڪمري جي هر ڪنڊ تائين پکيڙي ڇڏي ٿو. جڏهن ته اسان جو تنتي سرشتو ايترو ڍرو آهي، جو اهو بلب مان روشنيءَ جي ڌارائن کي بلب مان ظاهر ٿيڻ ۽ ڪمري کي روشن ڪرڻ واري عرصي جو اندازو لڳائي نه ٿو سگهي.
جڏهن اسان خلا جي وسعتن جو ذڪر ڪريون ٿا ته ان نسبت سان روشني به ڍري محسوس ٿئي ٿي، جڏهن خلاباز چنڊ تي رسيا هئا ته سندن آواز (ريڊيو ويوز/ ريڊيائي لهرون، جيڪي روشنيءَ جي رفتار سان سفر ڪن ٿيون) کي اسان تائين پهچڻ ۾ هڪ سيڪنڊ جيترو وقت لڳو هو. سج مان خارج ٿيندڙ روشنيءَ کي ڌرتيءَ جي مٿاڇري تائين پهچڻ ۾ ساڍا اٺ منٽ لڳن ٿا. سج جي ويجهن ستارن جي روشنيءَ کي اسان تائين پهچڻ ۾ ساڍا چار سال لڳي وڃن ٿا، جڏهن ته ڏورانهين ڪهڪشائن جي روشنيءَ کي اسان تائين پهچڻ ۾ اربين سال لڳي وڃن ٿا.
روشني هڪ سال ۾ جيترو سفر پورو ڪري ٿي، ان کي نوري سال (Light Year) سڏجي ٿو. نوري سال اهو بنيادي ايڪو آهي، جنهن رستي فلڪياتدان، آڪاس منڊل جي مختلف جسمن جي مفاصلن جون ماپون وٺن ٿا. روشنيءَ جي رفتار ۾ ٿيندڙ دير جو اندازو اسان ڌرتيءَ تي ٽيليفون جي ڪال مان لڳائي سگهندا آهيون، ڇو ته انهن هنڌن تان ايندڙ فون جو آواز (calls)، جيڪو خلائي اپگرهن رستي پهچي ٿو، ان ۾ ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ جي وچ ۾ اڌ سيڪنڊ جيتري دير لڳي سگهي ٿي.
جيتوڻيڪ روشنيءَ جي رفتار جون ڪيتريون خاصيتون آهن ۽ اهي ادراڪ جي ابتڙ محسوس ٿين ٿيون، پر اهي برحق آهن. روشنيءَ جي رفتار کان تيز ڪا به شيءِ سفر ڪري نه ٿي سگهي. جيئن ئي ڪو جسم يا فرد روشنيءَ جي رفتار سان هلي ٿو ته ان لاءِ وقت ڍرو ٿي وڃي ٿو. روشنيءَ جي ان خاصيت جي ڪري ٻٽو اثر (Twin Effect) پيدا ٿئي ٿو، جنهن جو مثال اهڙن جاڙن ڀائرن جو آهي، جيڪي هن ڌرتيءَ جا واسي آهن، انهن مان هڪ ڀاءُ آڪاس جي ڪنهن پرانهين ستاري ڏانهن روشنيءَ جي رفتار سان سفر ڪري ٿو، هو جڏهن سفر تان واپس اچي ٿو ته پنهنجي ٻئي ڀاءُ کان ننڍو هجي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس سفر دوران وقت ڍرو ٿي ويو هو. وقت جي اهڙي اثر کي ٽائيم ڊائليشن (Time Dilation) چئجي ٿو. جنهن سان اها ڳالهه سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي ته ڀلي اسان ڪيتري به تيز رفتاريءَ سان هلون، پر وقت جي رفتار ساڳي رهي ٿي.
روشنيءَ جي سائنسي سڀاءَ جي اڀياس کي آپٽڪس (Optics) سڏجي ٿو، جنهن ۾ روشنيءَ جي ڪنهن آرسيءَ يا اهڙن ٻين جسمن سبب موٽ (Reflection) ڪنهن بلور يا منشور سبب ٿيندڙ موڙ (Refraction) ڪنهن غير شفاف جسم مان گذرڻ وقت پيدا ٿيندڙ ڊفريڪشن/ ٽٽڻ (Diffraction) ۽ ان سبب رڪاوٽ يا انٽرفيرينس (Interference) جي طريقي جو اڀياس اچي وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو