روشن خياليءَ جو دور

روشن خياليءَ جو دور(Age of Enlightenment) : ’ارڙهين صديءَ جي فرينچ انقلاب کان اڳ يورپ ۽ آمريڪا جي بيٺڪن جي فڪري ۽ علمي لاڙن لاءِ استعمال ٿيندڙ هڪ اصطلاح‘. عام طور روشن خياليءَ مان مراد اهڙا اديب ۽ اهل قلم ورتا وڃن ٿا، جيڪي ان ڳالهه جا قائل هئا ته هو اونداهيءَ ۽ جهالت جي صدين مان نڪري، هڪ اهڙي نئين دؤر ۾ داخل ٿي رهيا آهن، جتي عقل، سائنس ۽ انسانيت جي احترام جي روشني پکڙيل آهي. روشن خياليءَ جي نقيبن جو واسطو سترهين صدي ۽ ان کان اڳ جي دؤر ۾ ڳولي سگهجي ٿو. انهن ۾ استدلال پسند فلسفي، ريني ڊيڪارٽ ۽ باروڪ اسپنوزا، سياسي فلاسافر ٿامس هوبز ۽ جان لاڪ ۽ فرانس جا مختلف تشڪيلي مفڪر جهڙوڪ: پيئري بائل شامل آهن. هن دؤر جي فلسفين ۽ دانشورن جي گڏيل خيالن ۽ عقيدن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم غالباً، انساني عقل جي سگهه تي اٽل يقين هو. آئيزڪ نيوٽن ’همه گير ڪشش ثقل‘ جي سگهه کي دريافت ڪري پنهنجي دؤر تي گهرا اثر مرتب ڪيا ته: جيڪڏهن انسانيت، ڪائنات ۽ خدا جي قانونن جي ڪُنجي دريافت ڪري سگهي ٿي ته پوءِ فطرت ۽ سماج جي تهه ۾ موجود قانون ڇو نٿا ڳولي سگهجن. ماڻهن ۾ اها سوچ پيدا ٿي ته منطق جي جائز استعمال سان هڪ جٽادار ترقي ممڪن آهي.
ارڙهين صديءَ جي ليکڪن کي جان لاڪ جي پيرويءَ ۾ ويساهه هو ته علم ’خلقي‘ نه، پر صرف تجربي ۽ مشاهدي جي پيداوار آهي، جنهن جي اڳواڻي عقل ڪري ٿو. مناسب تعليم ذريعي انسانيت ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي ۽ ان جي فطرت کي بهتر بنائي سگهجي ٿو. ارسطو ۽ بائيبل جي بدران فطرت جي مطالعي سان سچائيءَ جي ڳولا لاءِ وڌيڪ ڪوشش ڪئي وئي، جيتوڻيڪ انهن ڪليسا کي انسانذات کي ماضيءَ جو غلام بنائڻ جي مرڪزي سگهه مڃيو، پر روشن خياليءَ جي اڪثر مفڪرن مذهب کي مڪمل طور رد نه ڪيو. هنن وحدت الوجودي نظريي کي پنهنجو ڪيو ۽ خدا ۽ مستقبل جي زندگيءَ جي وجود کي ته تسليم ڪيو، پر ’مسيحي دينيات‘ جي پيچيدگين کي رد ڪري ڇڏيو. کين يقين هو ته انساني امنگن جو مرڪز مستقبل جي زندگي نه ٿيڻ گهرجي. دنياوي مسرتن کي مذهبي ڇوٽڪاري تي ترجيح ڏني وئي. سڀ کان وڌيڪ ڪڙي ۽ شديد تنقيد ڪليسا، ان جي دولت، سياسي سگهه ۽ عقلي ڦرمار تي ڪئي وئي.
روشن خيالي، طئي ٿيل نظرين جي مجموعي کان وڌيڪ سوچ جو هڪ انداز هو. جرمن فلسفي ايمانيوئل ڪانت مطابق هن دؤر جو نصب العين ’ڄاڻ جي جرئت‘ هئڻ گهرجي. ورثي ۾ ملندڙ سمورن نظرين ۽ قدرن جو نئين سر تجزيو ڪري مختلف رخن ۾ نوان نظريا دريافت ڪرڻ جي خواهش اُڀري آئي. ان ڪري ارڙهين صديءَ جي مفڪرن جي تحريرن ۾ اڪثر تضاد ملن ٿا.
روشن خياليءَ جا اڪثر مفڪر حقيقي معنيٰ ۾ فلسفي نه هئا. انهن پيروڪار بنائڻ جي خودآگاهه ڪوشش ۾ عوام تي اثر مرتب ڪيا. هو پاڻ کي ’انسانيت جا ساٿي‘ چوائڻ پسند ڪندا هئا ۽ عام راءِ کي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ لاءِ انهن پمفليٽن، بينام مقالن ۽ رسالن جو ڀرپور استعمال ڪيو. ڪيترن حوالن سان فلاسافرن جو وطن فرانس هو. اُتي ئي سياسي فلاسافر ۽ قانوندان چارلس ڊي مونٽيسڪو (تحريڪ جي ابتدائي بانين مان هڪ) موجود روايتن خلاف مختلف طنزيه لکڻيون شايع ڪرڻ شروع ڪيون. پئرس ۾ ئي ڊينس ديدرُوءِ ‘Encyclopedie’ (72-1751ع) جي اشاعت جي شروعات ڪئي. فرينچ دانشورن ۾ والٽيئر بنا شڪ شبهي جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ هو. هن پنهنجي ڪيريئر جي ابتدا ڊرامانگاري ۽ شاعريءَ سان ڪئي. هن ڪيترا هجويه نظم ۽ مختصر ناول لکي پنهنجي دؤر جي سائنس ۽ فلسفي کي مقبول بنايو. اهڙيءَ ريت جين جيڪس روسو جون ڪيتريون اڇُت تحريرون ملن ٿيون، جهڙوڪ: ’عمراني معاهدو‘ (Social Contract: 1762)، ’ايملي‘ (Emile: 1762) ۽ ’اعتراف‘ (Confessions: 1782). هنن تحريرن اُڻويهين صديءَ کي رومانيت جي تحريڪ ڏني.
روشن خيالي هڪ شهري ۽ قوميت مخالف تحريڪ به هئي. ان جا نمائندا مختلف ملڪن ۾ موجود هئا. جرمنيءَ ۾ ڪانت، انگلنڊ ۾ ڊيوڊ هيوم، اٽليءَ ۾ سيزر بيڪاريا، آمريڪي بيٺڪن ۾ ٿامس جيفرسن ۽ بينجمن فرينڪلن- سڀني جا فرينچ مفڪرن سان ويجها رابطا برقرار هئا. ارڙهين صديءَ جي پهرئين اڌ دوران روشن خياليءَ جي رهنمائن ڪافي ڏکين حالتن ۾ اڳتي وڌڻ جي جدوجهد جاري رکي. ڪيترن کي سندن تحريرن جي ڪري جيل وڃڻو پيو ۽ اڪثر لکڻين کي سرڪاري سينسرشپ جو شڪار بنجڻو پيو. پوءِ به ڪيترن حوالن سان صديءَ جي آخري ڏهاڪي، يورپ ۽ آمريڪا ۾ هن تحريڪ کي سوڀارو ڪيو. 1770ع جي ڏهائيءَ ۾ فلاسافرن جي ٻي ٽهي حڪومت کان وظيفن حاصل ڪرڻ سان گڏ دانشورانه ادارن تي قبضو حاصل ڪري رهي هئي. اخبارن ۽ رسالن جي بيپناهه واڌاري خيالن جي وسيع پئماني تي نشر و اشاعت کي ممڪن بنايو. سائنسي تجربا ۽ فلسفياڻه تحريرون سماج جي وسيع حصي ۾ فيشن بنجي ويون. جيتوڻيڪ اشرافيه (اميرن) ۽ مذهبي طبقي جي فردن به هن فيشن کي اختيار ڪيو. يورپي حڪمرانن جي هڪ وڏي تعداد هنن نظرين کي پنهنجو ڪيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ روشن خياليءَ جي لفظي ذخيري جو استعمال ڪيو. فلسفي بادشاهه جي تصور کي چاهيندڙ والٽيئر ۽ ٻيا مفڪر ماڻهن کي روشن خياليءَ لاءِ آماده ته ڪيو، پر هن روشن خيال حڪمرانن جي آجيان به ڪئي، جن ۾ پروشيا جو فريڊڪ ٻيو، روس جي ملڪه ڪيٿرائن ٻي ۽ آسٽريا جو جوزف ٻيو- مشهور آهن. پوءِ به لڳي ٿو ته زياده طرح حڪمرانن هن تحريڪ کي ڪافي حد تائين پنهنجن مقصدن لاءِ ڪتب آندو ۽ اُهي روشن خيال هئڻ کان وڌيڪ ڊڪٽيٽر هئا.
ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ روشن خيال فڪر جا لاڙا تبديل ٿيڻ لڳا. روسو جي اثر هيٺ جذبو به عقل جيترو محترم ليکيو ويو. 1770ع جي ڏهاڪي ۾ ليکڪن تنقيد جي ميدان کي وسعت ڏئي، اُن ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن کي به شامل ڪيو. ان حوالي سان آمريڪي انقلاب زبردست اهميت جو حامل هو.
يورپين جي نظر ۾ آزادي ۽ انقلابي جنگ جي اعلان ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڏنو ته پهريون ڀيرو ڪجهه فرد روشن خيال نظرين تي بحث کان اڳتي نڪري، اُنهن کي عملي صورت ڏئي رهيا آهن. آمريڪي انقلاب غالباً موجوده يورپي حڪومتن تي سخت تنقيدي حملا ڪيا.
عام طور چيو وڃي ٿو ته روشن خياليءَ جو دؤر 1789ع جي فرينچ انقلاب تي ختم ٿي ويو. حقيقت ۾ ڪن جي نظر ۾ هن دؤر جو سماجي ۽ سياسي خمير ئي انقلاب جو ذميوار بڻيو. مفڪرن جي اڪثر خيالن کي عملي روپ ڏيندڙ انقلاب پنهنجن تشدد آميز مرحلن ۾ هنن نظرين کي عارضي طور ڪيترن يورپي همعصرن جي نظر ۾ غير معتبر بنائي ڇڏيو، تڏهن به روشن خياليءَ اُڻويهين ۽ ويهين صديءَ لاءِ به هڪ پائيدار ورثو ڇڏيو آهي. هي ڪليسا جي زوال ۽ جديد سيڪيولرزم جي واڌويجهه ۾ هڪ بنيادي مرحلو هو. روشن خيالي پوري اُڻويهين صديءَ دوران سياسي ۽ سماجي لبرل ازم ۽ انسانيت پسندانه سُڌاري جو مثالي نمونو بنجي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو