روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم

روشن ستارن جو علم

روشن ستارن جو علم/ جوتش وگيان/ علم نجوم (Astrology): هند ۽ سنڌ جي قديم رهاڪن جي باري ۾ لکيل آڳاٽن عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ انگريزي ڪتابن ۾ جن علمن ۾ سندن مهارت ۽ ڄاڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، تن ۾ رياضي ۽ علم فلڪيات (Astronomy)، جوتش وگيان (Astrology) کي سڀ کان وڌيڪ اهميت حاصل آهي. جتي فلڪيات ۽ آڪاس نروار (Astronomy) ڌرتيءَ جي ماحول کان ٻاهر آسماني جسمن (Celestial objects) سج، چنڊ، تارن ۽ گرهن وغيره جي طبعي حالتن، ڪيميائي جوڙجڪ، خاصيتن ۽ ارتقا وغيره جو علم آهي، اُتي جوتش وگيان (Astrology) انهن روشن جسمن يا ستارن (جوتش- جوت معنيٰ روشني ۽ وگيان معنيٰ علم يا سائنس) جو اهڙو علم آهي، جنهن جي مدد سان سج (وڏو روشن ستارو)، تارن، نکٽن (هڪ يا وڌيڪ تارن جي ميڙ: (Constellation، کير ڌارائن يا ڪهڪشائن (Galaxy/ Milky ways) گرهن يا سيارن (Planets) ۽ ڌرتيءَ جي چنڊ جي آسمان ۾ جاءِ يا بيهڪ، انهن جي ڦيرن ۽ اڀرڻ لهڻ جي وقتن، مندن موسمن جي مٿان اثرن، قدرتي حادثن، واقعن ۽ آفتن سان نسبت ۽ ڪائنات ۾ ٿيندڙ تبديلين جو اڀياس ڪيو وڃي ٿو. سڀ کان اهم ڳالهه ته انهن سڀني ڳالهين جو انساني زندگيءَ سان ڪهڙو ۽ ڪيترو تعلق آهي، ماڻهوءَ جي جنم، شاديءَ، روزگار يا موت سان ڪو رشتو آهي يا نه. اهي سمورا پهلو علم نجوم يا ستارن جي علم جي دائري ۾ اچن ٿا.
جيتوڻيڪ سموريءَ دنيا جي تاريخ کان اڳ ۽ قديم کان جديد ثقافتي نظامن ۾ انهيءَ علم بابت پنهنجا پنهنجا نظريا، فلسفا ۽ ديومالائي قصا مشهور آهن، پر انهن سڀني جي ڳوڙهي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪجهه مقامي تفاوتن ۽ اصطلاحن جي فرق کي ڇڏي، بنيادي طور منجهن تمام گهڻيون هڪجهڙايون موجود آهن، انهن مان بابلي، سميري، مايا، يوناني، رومي، چيني ۽ هند سنڌ جي روايتن، دنيا جي ثقافتي تاريخ تي چڱو اثر ڇڏيو آهي.
ڏهين يارهين صديءَ جو عالم ابو ريحان البيروني (1048- 937) طبعيات، ڪيميا، فلڪيات، قدرتي سائنس ۽ تاريخ جو ماهر هو. هن جا هند سنڌ جي باري ۾ ٻه ڪتاب اهم آهن: ’ڪتاب الهند‘ ۽ ’تاريخ الهند‘، جن ۾ هن، هِنَ خطي جي حوالي سان ٻن علمن جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي: هڪڙو علم هندسه يعني انگن جو علم يا حسابَ ۽ ٻيو علم نجوم يعني روشن ستارن جو علم، جنهن کي هو ’علم سڌنت‘ (سڌانت) ٿو سڏي، جنهن جي ڪيترين ئي شاخن جو ذڪر ڪيو اٿس، جن ۾ سوريه سڌانت (سج جو علم)، پلسا سڌانت (يوناني نالي پولس پٺيان)، روميڪا سڌانت (روم جو)، برهما سڌانت (جيڪو برهم گپتا ٺاهيو هو) شامل آهن. انهن ۾ زمين ۽ آسمان جي شڪل، تارن جي گردش، وقت جو حساب، گرهن جي بيهڪ، تارن جو ظاهر ۽ گم ٿيڻ، چنڊ جو اڀرڻ، چنڊ ۽ سج گرهڻ، تارن جا ميڙ يا نکٽ، جنترين ۽ ڪُنڊلين جو مواد، وقت جي تعين لاءِ شمسي، طلوعي، قمري ۽ منزلي پيمانا، سمنڊ ۾ وير جو چڙهڻ ۽ ٻيا ڪيترا موضوع بحث هيٺ آندا اٿس.
هندستاني عالمن جوتش وگيان يا روشن ستارن جي علم کي ٽن شاخن ۾ ورهايو آهي: سڌانت (Siddanta)، سمهيت (Samhita) ۽ هورا (Hora). ’سڌانت‘ ذريعي فلڪي جسمن جو اڀياس ڪيو ويندو آهي. ’سمهيت‘ ذريعي زلزلن، طوفانن، ٻوڏن، آتش فشانن جي ڦاٽڻ، برساتن، مندن ۽ موسمن وغيره بابت ڄاڻ حاصل ٿيندي آهي، جڏهن ته ’هورا‘ وري انسان جي روزاني زندگيءَ جي واقعن ۽ حادثن (جنم، شادي، روزگار، مال جي حصول، بيماري ۽ موت وغيره) جي وقت جي اڳڪٿي يا پيشن گوئي وغيره ڪري ٿو (ان سان لفظ Horoscope جو تعلق ظاهر ٿئي ٿو).
هندستاني عالم ان کي ’ويدڪ سائنس‘ ٿا چون ۽ وٽن جوتش وگيان هڪ عقيدي جو نظام آهي، جنهن موجب سمجهيو ويندو آهي ته دنيا ۾ انسان سان ٿيندڙ هر واقعي جو تعلق فلڪي واردات (astronomical phenomenon) سان آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هندو ڌرم ۾ جنم پتريون ۽ ڪُنڊليون وغيره وڏي اهميت رکن ٿيون. البيرونيءَ، هندستاني جوتش وگيان جي صرف هن پهلوءَ سان اختلاف ڪيو هو. ٻيءَ صورت ۾ ان کي هند سنڌ جو هڪ اهم علم قرار ڏنو هو.
يونان جي تهذيب ۾ اهو علم بابل کان آيو. ٻيءَ صدي عيسويءَ ۾ ٽولمي (Ptolemy) پنهنجي ڪتاب‘Almagest’ ۾ 48 نکٽن (Constellations) جو ذڪر ڪيو آهي. ٽولميءَ اهو حوالو هڪ يوناني ماهر (‘Eudoxus of Cnidus’ چوٿين صدي ق. م) وٽان کنيو هو، جنهن کي وري اهو بابل وارن کان مليو هو، جن جا ستارن ۽ نکٽن بابت ڪيٽالاگ ’ڪنجهي واري دؤر‘ (Bronze Age) جي وچ تائين موجود هئا، جن ۾ ڪيترائي سميري نالا به اچن ٿا. بابل مان اميصدُق نالي هڪ ٽِڪي (Venus tablet) 1700 ق. م جي لکيل ملي آهي، ان ۾ ٻه حوالا ملن ٿا، جيڪي هڪ اڪاد جي بادشاهه سارگن (2279- 2334 ق. م) ۽ ٻئي سميري بادشاهه لاگاش جي گُڊيا (2124- 2144 ق. م) جي دؤر جا آهن، جنهن ۾ لکيل آهي ته ڪيئن سندن خدا، خواب ۾ اچي هڪ نکٽ جو ڏس ڏنو هو، جيڪو هڪ مندر تعمير ڪرڻ لاءِ سڀاڳو چيو ويو. چوٿين صديءَ کان ڇهين صدي ق. م جي هڪ بابلي ڪتاب ۾ ڪن نکٽن جا نالا موجود آهن. ميسوپوٽيميا جي پهرئين ڄاتل گهراڻي جي دؤر (1651- 1950 ق. م) ۾ چٽي شاهدي ملي ٿي ته اُتي ستارن جو علم، هڪ باقاعدي منظم علم هو. سنڌ، بابل ۽ سمير جون تهذيبون همعصر هيون ۽ اهي هڪ ٻئي سان لاڳاپي ۾ به هيون. امڪان آهي ته ڪي ڏندڪٿائون، انهن روشن ستارن بابت به هونديون.
يونان جي فلسفي هيسئڊ وٽ به ‘Theogony’ نالي تحرير ۾ ڪن نکٽن جو ذڪر آهي ۽ عبراني بائبل ۾ به اهڙو حوالو موجود آهي. قديم يونان ۾ به اُن جا اهڃاڻ ملن ٿا. هڪ يوناني ڏندڪٿا موجب اڪثر تارا هڪ هنڌ بيٺل هئا، پر پنج اهڙا تارا هئا، جيڪي چُرندڙ ڦرندڙ هئا. انهن کي هنن ‘Planets’ سڏيو، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ’رولاڪ تارا‘ (Wandering Stars/ Stray Stars)، جن کي انساني اک به ڏسي سگهي. اهي عطارد (Mercury)، زهره (Venus)، مريخ (Mars)، مشتري (Jupiter) ۽ زحل (Saturn) سڏيا ويا، ٻه ٻيا روشن جسم سج (Sun) ۽ چنڊ (Moon) ملائي، انهن ستن کي ’هفتي جي ستن ڏينهن‘ سان نسبت ڏني وئي، جنهن ۾ سج جو ڏينهن Sunday، چنڊ جو ڏينهن Monday، مريخ جو ڏينهن Tuesday. (Mars کي جنگ جو ديوتا Tiwi به سڏيو ويو هو، ان ڪري Tiwis day ٺهيو، جيڪو ڦري Tuesday اچاريو ويو). Wednesday لاءِ ڪا نسبت نٿي ملي. مشتريءَ جو ڏينهن Thursday. (جپيٽر کي اسپيني ٻوليءَ ۾ Jovis، روميءَ ۾ Zeus، جرمنڪ نارس ٻوليءَ ۾ Thor چون، جيڪو گجگوڙ (Thunder) جي خدا جو ڏينهن سمجهيو ويو. Thorsday جو بعد ۾ اچار ٿورو تبديل ٿيو)، زهره جو ڏينهن Friday (جنهن کي اسپيني ٻوليءَ ۾ وينس جي نسبت سان Veirnes چوندا آهن) ۽ زحل (Saturn) جو ڏينهن Saturday وغيره. اهي سڀئي سيارا يوناني ۽ رومي (لاطيني) ديومالا ۾ سندن خدائن يا ديوتائن سان منسوب آهن.
ڏٺو وڃي ته اهڙا ئي ساڳيا تصور ٿوري گهڻي ڦير گهير سان هند ۽ سنڌ جي ديومالا جو به حصو آهن ۽ ڪيترائي يوناني ۽ لاطيني نالا هندو ڏندڪٿائن ۾ به ٿوريءَ ڦريل صورت ۾ ڏسي سگهجن ٿا. مثال طور: يوناني Jupiter جو مطلب آهي آسماني پيءُ يا ديوتائن جو پيءُ (Father of gods). ان کي لاطينيءَ ۾ زيوس (Zeus) چون، جيڪو وري هندن وٽ ’ديوس پتا‘ آهي، يعني ديوتا پيءُ. ’ديوس‘، ’زيوس‘ ۽ ’جيو‘ ۾ لساني هڪجهڙائي پڌري آهي.
چين ۾ زائو خاندانZhou dynasty) ، 256- 1046 ق. م) ۾ ستارن جو علم پڌرو ٿيو ۽ هئن (Han) دؤر (2 صدي ق. م کان 2 صدي عيسوي) ۾ اُن ترقي ڪئي ۽ چيني ثقافت جا سمورا روايتي عنصر ان ۾ شامل ٿيا، جن ۾ يِن- ينگ (Yin- Yang) فلسفو، پنجن عنصرن جو نظريو، آسمان، زمين، ڪنفيوشس جي اخلاقيات شامل ڪري، چيني فلسفي، طب، ڪيميا ۽ علم نجوم جا اصول طئي ڪيا ويا.
اسلامي عالمن، ستين صدي عيسويءَ ۾ اسڪندريه تي قبضي کان پوءِ ’علم نجوم‘ تي مهارت حاصل ڪئي. ٻئي عباسي خليفي المنصور (775- 754ع) بغداد جي شهر جو بنياد وڌو، جيڪو مختلف علمن جو مرڪز بڻيو ۽ اتي ’بيت الحڪمت‘ جي نالي هڪ لائبرري ۽ ترجمي جو ادارو قائم ڪيو ويو، جتي يوناني/ لاطينيءَ مان ايسٽرالاجيءَ جي متن جو عربي- فارسيءَ ۾ ترجمي جو انتطام ڪيو ويو. مترجمن: ماشاالله، سهل بن يشر انهن کي ترجمو ڪيو، جتان پوءِ وري يورپي ماهرن مواد کنيو، جن ۾ 13 صديءَ ۾ گيڊو بوناتي (Guido Bonatti) ۽ وليم لِلي (William Lilly) شامل هئا. عربي ڪتابن جا متن 12 صديءَ ۾ لاطيني ترجمن ذريعي يورپ پهتا، جن يورپ جي ’نئين سجاڳيءَ‘ لاءِ راهه هموار ڪئي.
عربن مان ستارن جي علم جي مشهور ماهرن (Astrologers) مان البُمسر (Albumasur) هڪ هو. الخوارزمي، فارسي رياضيدان هو، جيڪو فلڪيات ۽ علم نجوم جو ماهر هو ۽ ’الجبرا ۽ الگوريٿم جو ابو‘ سڏجي ٿو. عربن ڪيترن ئي ستارن ۽ سيارن جا عربي نالا رکيا، جيڪي اڄ به يورپ ۾ بدليل صورتن ۾ مروج آهن، پر پنهنجي اصل ڏانهن اشارو ڪن ٿا. مثلاً: الذيبده (Aldebaran)، الطير (Altair)، Belelgeuse، رِجل (Rigel) ۽ ويگا (Vega) عربي فارسي ٻولين جو عنصر رکن ٿا.
سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن روشن ستارن بابت هڪ ڪتاب سيد ارشاد علي شاهه جو ’روشنيءَ جون رمزون‘ نالي ملي ٿو، جنهن ۾ قرآني آيتن ۽ حديثن وغيره مان سج، چنڊ ۽ ستارن سيارن ۽ برجن جي باري ۾ ۽ سندن ڪارج ۽ اثر وغيره بابت بحث ڪيو ويو آهي ۽ وقت، ڏينهن، موسمن مندن ۽ سڀاڳ نڀاڳ جو بيان آهي.
هند سنڌ ۾ روشن ستارن جي علم يعني جوتش وگيان بابت البيرونيءَ ۽ ڪيترن ٻين سياحن ته ذڪر ڪيو آهي، پر سنڌ مان عرب دنيا ۾ لڏي ويل ڪيترن ئي اهڙن سنڌي عالمن جو ذڪر عربي تاريخن ۾ ملي ٿو، جيڪي ٻين علمن سان گڏ علم نجوم جي به ڄاڻ رکندا هئا. هن علم جا قديم اهڃاڻ موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي تهذيب ۾ پڻ ڳوليا وڃن ٿا. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب تي ڪم ڪندڙ عالمن ۾ هڪڙا اُهي آهن، جيڪي هتان جي تهذيب ۽ ٻوليءَ کي ’پروٽو دراوڙي‘ سمجهن ٿا ۽ ٻيا اُهي آهن، جيڪي ان کي ’پروٽو ويدڪ ۽ هند آريائي‘ قبول ڪن ٿا. سنڌو لکت جي ڀاڃ (decipherment) تي ڪم ڪندڙ مشهور سنڌالاجسٽ آسڪــو پـارپــولا پـنهـنجــي هـڪ تـازي 2010ع ۾ لکـيـل مـقـالــي ‘The Dravidian Solution to the Indus Script Problem’ ۾ ڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، جن مان ڪي مثال هتي ڏجن ٿا: هو لکي ٿو ته سنڌو لکتن ۾ مڇيءَ جو نشان گهڻين ئي شين تي ملي ٿو، جنهن جو هڪ مطلب ته خود مڇي به آهي، جنهن کي دراوڙي (تامل) ۾ مِين (miin) چيو وڃي ٿو، پر ساڳئي وقت اهو تاري جو به اهڃاڻ آهي، ڇو ته دراوڙيءَ ۾ ’مين‘ تاري کي به چوندا آهن (سون مين، سنڌي لفظ معنيٰ خيز آهي).
موهن جي دڙي جي هڪ مهر تي مڇيءَ جي نشانيءَ سان ست ليڪون يا ستن جو انگ آهي، ان مان هڪ انومان ٿو ڪڍي ته ان جو مطلب ’ستن تارن جو ميڙ‘ آهي، جيڪو دراصل ويدڪ توڙي دراوڙي ديومالا ۾ سپت رشي (Seven sages)، وڏي رڇ/ نکٽ (Ursa Major) جو اهڃاڻ آهي. قديم دراوڙي (تامل) ٻوليءَ ۾ ان کي ’اِز- مِين‘ (Ezu-miin) چوندا آهن. ٻئي طرف ستارن جي ويدڪ ڪئلينڊر ۾ ’ستن تارن جو ميڙ‘ پهريون نکٽ آهي، جيڪو نئين سال جي شروعات جي علامت آهي، جڏهن بسنتي وستو (بهار جي مند) شروع ٿيندي آهي ته ان مند (Vernal Equinox) ۾ ڏينهن ۽ رات هڪ جيترا ٿيندا آهن.
موهن جي دڙي جي هڪ ٻيءَ مهر ۾ هڪ مڇيءَ (تاري جو اهڃاڻ) کان اڳ ۾ ڇهه ليڪون يا انگ آهن. پرپولا موجب دراوڙي تامل ٻوليءَ ۾ ان جي پڙهڻي آهي ’ارُ- مِين‘ (Aru- miin) معنيٰ ڇهن تارن جو ميڙ. پرپولا ان کي ويدڪ ۽ دراوڙي ڏندڪٿا سان لاڳاپي ظاهر ڪرڻ لاءِ لکي ٿو ته قديم دراوڙي (تامل) ۾ جنگ ۽ پيار جو ديوتا ’مُرُڪَن‘ (Murukan) نالي هو، جنهن کي ’ارُ-مين ڪا تَلن‘ چيو ويو آهي، جنهن جي نسبت ستن تارن/ ڪتين واري نکٽ (Pleiades) جي محبوب پُٽ سان آهي، جيڪو ڄائو هو ته اُن جي جنم سان بسنت رت وارو نئون سال شروع ٿيو. هندو ديومالا ۾ ان سان هڪجهڙائي رکندڙ ’رُدرا‘ يا ’اسڪندا‘ جو ڪردار آهي، جنهن کي ’جنگ جو ديوتا‘ به چيو ويندو آهي؛ جنهن جي جنم سان پڻ تبديليءَ يا نواڻ جي علامت شامل آهي ۽ ان ۾ ڪرتڪاهه (Krattikah) يعني Pleiades (ستن تارن جو ميڙ يعني ڪُتيون) کي رُدرا جون مائون يا ديويون چيو ويو آهي، ان ڪري رُدرا جو انهن مائرن جي نسبت سان نالو (metronym)’ ڪارتڪيا‘ (Kaarttikya) آهي. مُرڪَن ۽ رُدرا کي ڳاڙهي رنگ ۽ اڀرندڙ سج سان به ڳنڍيندا آهن، جيڪو نئين سال جي علامت طور سڃاتو ويو آهي. پرپولا جو انومان آهي ته اهي ٻئي ڏندڪٿائون آڳاٽي سنڌو ماٿريءَ سان ڳنڍيل آهن، جنهن ۾ ’ستن تارن جو نکٽ‘ هڪ مُهر تي اڪريل آهي. هنن ڏندڪٿائن ۾ لفظ ’ڪتلن‘، ’ڪرتڪاهه‘ ۽ ’ڪرتڪيا‘ جو سنڌي لفظ ’ڪتي‘ يا ’ڪتين‘ سان تعلق ٿي سگهي ٿو.
آسڪو پرپولا جي اها پڙهڻي مڃجي يا نه، اهو ته هڪ ڌار سوال آهي، پر موهن جي دڙي واريءَ سنڌ ۾ جيڪڏهن انهن روشن تارن جا اهڃاڻ ملي پيا ته اهو علم سموري دنيا کي هتان منتقل ٿيڻ جي پڪ ٿيندي.
قديم هند ۽ سنڌ ۾ روشن ستارن ۽ نکٽن جي استعمال جا مثال في الحال ويدن ۽ هندو ڌرمي ڪتابن مان وٺڻا پون ٿا، ڇاڪاڻ جو اهي ئي آڳاٽي ۾ آڳاٽا لکيل ذريعا آهن (ويد سنڌوءَ ڪناري لکيا ويا هئا.)
قديم جوتش وگيان (علم نجوم) جون روايتون، تارن ۽ ستارن جو مختصر احوال: سنڌ جي زرعي سماج ۾ مندن ۽ موسمن سان ستارن جي لاڳاپي جا اڃا تائين آثار ملن ٿا. جيئن ڏينهن جي وقت سج جي پاڇولن مان وقت جو اندازو لڳايو ويندو هو ۽ آهي، تيئن رات جو ’وقت‘ ۽ ’ڏِسيون‘ يا طرف به تارن ۽ نکٽن مان معلوم ڪيا ويندا هئا. جيئن ’وهائو‘ تارو/ قطب تارو صبح ۽ اتر طرف جو اهڃاڻ سمجهيو ويندو آهي، هاڻي جيڪڏهن سنڌ جي آسمان ۾ نظر ايندڙ روشن ستارن، نکٽن ۽ کيرڌارائن جو بيان ڪجي ته ان ۾ هند جي ديومالا به سلهاڙي پئي آهي. (نکٽ/ نکشتر اهڙي هڪ تاري يا تارن جي ميڙ کي چئبو آهي، جيڪي مندائتا هوندا آهن ۽ مندن سان ڦرندا آهن).
(1) وڇون، سنسڪرت: ورشچڪ، عربي: عقرب: انهن تارن کي ’وڇون يا ڀَٽون تارا‘ پڻ سڏيو ويندو آهي. جوتش وگيان موجب انهن تارن کي منفي اثرن وارا تارا يا خراب تارا سمجهيو وڃي ٿو. جوتش وگيان جي روشنيءَ ۾ اِهي جڏهن چنڊ جي مختلف تاريخن ۾ ظاهر ٿيندا آهن، تڏهن ڪنهن چڱي ڪم جي شروعات نه ڪئي ويندي آهي. عام طور ٿر ۾ ائين چيو ويندو آهي ته ”وِڇونئڙو لڳو آهي، تنهنڪري ڪنهن سُٺي/ شُڀ ڪم جي شروعات نه ڪريو.“
آسمان ۾ اهي تارا چنڊ کان کاٻي يا ڏکڻ طرف ٿيندا آهن. وڇون (ورشچڪ) يا عقرب، ڪل 9 تارن جو ميڙ آهي، جن کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، مثلاً: ٽي تارا مُک (منهن)، ٽي تارا پيٽ ۽ ٽي تارا پُڇ ٿين ٿا.
(2) ٽيڙو يا شروڻ: ٽن تارن جو هي ميڙ، اڪثر آسمان ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هندو ڌرم ۾ هي ديوتائي حيثيت رکي ٿو. تارن جي ميڙ سان هڪ روايت به منسوب ڪيل آهي. شروڻ، راجا دسرٿ جي ڀيڻ ۽ شري رامچندر جي پُڦيءَ جو پٽ هو، جنهن پنهنجي نابين پيءُ ماءُ کي ڪنواٺيءَ تي کڻي سمورا ’تيرٿ آسٿان‘ گهمايا هئا. سندس موت به پنهنجي مامي راجا دسرٿ هٿان ٿيو هو. ان لاءِ اها به روايت ٻڌائي ٿي وڃي ته هڪ ڀيري راجا دسرٿ شڪار ڪري رهيو هو ته ان وقت شروڻ پنهنجي نابين پيءُ ماءُ کي کڻي انهيءَ جهنگ مان اچي لنگهائو ٿيو. پيءُ ماءُ کي اُڃ لڳي، ۽ انهن شروڻ کان پاڻيءَ جي طلب ڪئي. شروڻ ڀر واري نديءَ مان جڏهن پاڻي ڀرڻ لاءِ ويو، ته راجا دسرت سمجهيو ته ڪو جانور نديءَ تي پاڻي پي رهيو آهي، تنهنڪري جتان آواز ٻُڌڻ ۾ آيو، ان طرف هڪ تير ڪشي هنيائين، امالڪ هڪ انسان جي درد ڀري دانهن جو آواز کيس ٻُڌڻ ۾ آيو، جڏهن راجا دسرٿ ان طرف ويو ته ڏٺائين ته هن جنهن کي جانور سمجهي تير هنيو هو، سو ته سندس ڀاڻيجو شروڻ هو. راجا کانئس پنهنجي ڀُل جي معافي گهري ورتي، شروڻ کيس معاف ڪيو، پر چيائين ته هو سندس ماءُ پيءُ کي پاڻي پياري، ايتري چوڻ کان پوءِ شروڻ پساهه پورا ڪيا. راجا دسرٿ جڏهن شروڻ جي نابين پيءَ ماءُ کي پاڻي پيارڻ ويو ته کين سموري ڳالهه ڪري ٻڌايائين، جن کيس سراپ (بد دعا) ڏنو ته ”جيئن اسين پنهنجي اولاد جي سِڪ ۾ تڙپي مرون پيا، تيئن تون به پنهنجي اولاد جي سِڪ ۾ تڙپي مرندين.“ نابينن جو سراپ نه گُٿو ۽ راجا دسرٿ پنهنجي پٽ رامچندر، لڇمڻ ۽ رام جي پتني سيتا جي بنواس واري وڇوڙي ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿيو. هندو ڌرم جي عقيدي موجب شروڻ تمام وڏو ڌرماتما هو ۽ سندس پيءُ ماءُ به ڌرماتما هئا. سندس موت تي ڀڳوان وشنوءَ کيس وردان (اعزاز) ڏنو ته شروڻ ۽ سندس ماءُ پيءُ آسمان ۾ هميشه تاري جي روپ ۾ جرڪندا رهندا ۽ جيستائين هيءَ ڌرتي رهندي، تيستائين شروڻ جي پوڄا ڪئي ويندي.“ انهيءَ روايت موجب وچيون تارو ’شروڻ‘ آهي، جيڪو تمام روشن آهي ۽ پاسن وارا تارا سندس پيءُ ماءُ آهن، جن جي روشني مڌم آهي.
شروڻ تارو ۽ پاسن جا ٻه تارا (پيءُ ماءُ) سال جا ٻارهن ئي مهينا آسمان ۾ موجود هوندا آهن. شروڻ تاري جي اوڀر طرف ڇهه تارا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، اهي سندس پٽ ۽ زال جا تارا سڏجن ٿا.
هي تارو/ نکٽ موسمن جي ڦيرگهير سبب ڪڏهن آسمان جي وچ ۾ ته ڪڏهن مختلف طرفن ۾ ڏٺو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح ان جي اُڀرڻ لهڻ جو وقت به موسم جي ماتحت آهي. سنڌ جا ماڻهو ان کان پوريءَ طرح واقف آهن.
شاهه لطيف جو بيت آهي:
ڪتين ڪر موڙيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئي،
راڻو رات نه آئيو، ويل ٽري ويئي،
کوءِ ساکاڻي راتڙي، جا پرينءَ ري پيئي،
مون کي ڏنءَ ڏيئي، ڍولو ڍٽ قراريو.
(3) هرڻ: مرگهه شال: عام طور تي ٽن روشن تارن جي هن ميڙ کي ’هرڻ تارا‘ چيو وڃي ٿو، جيڪي ٽيڙوءَ کان ڌار شڪل ۾ آسمان ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
هندو ڌرم ۾ ’هرڻ‘ يا ’مرگهه شال‘ بابت هڪ روايت به موجود آهي. ننگرپارڪر جي ڪارونجهر ۾ واقع هندن جو تيرٿ ’ساڙڌرو‘ آهي، جنهن جاءِ تي شِوَ ديوتا تپسيا ڪئي هئي. اُن جاءِ تي مهاشوراتڙيءَ جي ڏينهن هڪ ڀيل جاتيءَ جي ماڻهوءَ هٿان هرڻيءَ جو موت/ شڪار ٿيو هو. جيئن ته ان هرڻيءَ جو موت پاڪ يا پوتر اسٿان تي ٿيو، تنهنڪري ان هرڻيءَ کي مڪتي (نجات) ملي ۽ کيس ايتري ته مهانتا ملي، جو ان آسمان ۾ وڃي ٽن تارن جي شڪل اختيار ڪئي. ائين پڻ چيو وڃي ٿو ته جنهن شخص انهيءَ هرڻيءَ جو شڪار ڪيو هو، انهيءَ به مرڻ کانپوءِ هڪ تاري جي حيثيت اختيار ڪئي.
هرڻ تارا سال جا ٽي مهينا غائب هوندا آهن. اُهي مهينا: فبروري، مارچ ۽ اپريل آهن، باقي نوَ (9) مهينا اهي آسمان ۾ موجود هوندا آهن.
(4) لُڌو: هن تاري کي ’لوڌي تارو‘ به چيو وڃي ٿو. هي تارو به هرڻ تارن جي آسپاس نظر ايندو آهي ۽ هرڻ تارن کان مٿئين پاسي روشن تارو آهي. هن تاري بابت سنڌ ۾ عام ڄاڻ آهي. جيئن شاهه لطيف جو بيت آهي ته:
تارا تيليءَ رُوءِ، لُڌا لالن! اُڀرين،
جهڙي تو صبوح، تهڙي صافي سڄڻين!
اونهاري جي موسم ۾ هي تارو رات جي پهرئين پهر ۾ اُڀرندو آهي ۽ ٽئين پهر ۾ لهي ويندو آهي. سياري ۾ اهي ٻئي پهر ۾ اُڀري ٿو، تان جو چوٿين پهر تائين آسمان ۾ هوندو آهي.
’لُڌو تارو‘ هرڻ جي ٽن تارن جي بلڪل مٿئين پاسي هڪ روشن تارو آهي ۽ سال جا ٻارهن مهينا، آسمان ۾ موجود هوندو آهي.
(5) ڪتيون (Pleiades): ’ڪتيون‘ دراصل ٻارهن (12) تارن جي ميڙ کي چئبو آهي، جن مان روايت آهي ته هر هڪ تارو سال جي هر هڪ مهيني ۾ غائب ٿي ويندو آهي. باقي سال ۾ اهي يارهن (11) تارا ڏسبا آهن، انهن کي ’ڪرتيون‘ ۽ ’ڪرتڪيون‘ پڻ چيو وڃي ٿو. ڪتين جي ميڙ کي عربيءَ ۾ ’ثريا‘ چيو ويندو آهي. ڪتي، سنڌي سال جي اٺين مهيني جو نالو به آهي. عام چوڻي آهي ته ڪتي، وڇونءَ جي مڱ آهي، ان ڪري ٻئي ساڳئي وقت آسمان ۾ نه هوندا آهن. ڪتي لهي ته وڇون اُڀري، وڇون لهي ته ڪتي اُڀري.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪتيءَ کي ’ستن ننڍن تارن جي ميڙ‘ وارو نکٽ سڏيو آهي. ’ڪتيءَ لٿي‘ اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب پوئين رات، اسر جو آهي.
روايت آهي ته هڪ عظيم رشيءَ پنهنجي ٻارهن شاگردن کي ڪارتڪ مهيني ۾ سندن فڪر، فهم، عمل ۽ ڀڳتيءَ کان متاثر ٿي، امر وردان (هميشه قائم رهڻ وارو اعزاز) ڏنو هو، تنهنڪري انهن تارن جي صورت اختيار ڪري آسمان ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي ورتي.
ويدڪ ۽ ديومالائي قصن ۾ ڪتين (Pleiades) کي ڪرتيڪا (Krttikaah) چيو ويو آهي، جيڪي رُدرا يا جنگ جي ديوتا سڪندا جون مائرون سمجهيون وڃن ٿيون، تنهنڪري انهيءَ ديوتا جو مادري نالو ڪارتڪيا (Kaarttikeya) به چيو ويو آهي. لفظ ’ڪتيون‘ جو تعلق ڪيترو انهيءَ ڳالهه سان آهي، اهو هڪ ڌار سوال آهي.
جوتش وگيان ۽ سناتن ڌرم ۾ انهن کي مهان رُشين جي حيثيت ڏني وڃي ٿي. سنڌ جي آسمان ۾ انهن کي ڏسي شاعرن تشبيهه طور استعمال ڪيو آهي. شاهه لطيف جو به هڪ بيت آهي ته:
کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائين ناز نظر،
سورج شاخون ڪڍيون، ڪُوماڻو قمر،
تارا، ’ڪتيون‘ تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،
جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.
(سُر کنڀات)
ڪتين وارا اهي تارا سج لهڻ کان پنج ڪلاڪ پوءِ يعني ٻئي پهر ۾ اڀرندا آهن ۽ سال جا ٻارهن ئي مهينا آسمان ۾ ڏٺا ويندا آهن.
اونهاري جي موسم ۾ ڪتيون ٻئي پهر کان چوٿين پهر تائين آسمان ۾ موجود هونديون آهن ۽ سياري جي موسم ۾ جڏهن اُتر کان ڏکڻ طرف هوائون لڳڻ شروع ٿينديون آهن، تڏهن اِهي تارا تيز رفتاريءَ سان اڀرن ٿا ۽ تيز رفتاريءَ سان ڌرتيءَ جي گردش موجب لهي وڃن ٿا. ڪتيءَ واري فصل کي ’ڪتيارو‘ به چوندا آهن. ڪتي، هندو عورتن جي هڪ رسم به آهي.
(6) وهائو تارو، ڌرُو تارو، قطب تارو: هن تاري کي وڏي اهميت حاصل آهـي. هي تارو جيئن ته پرهه ڦٽيءَ مهل اتر طرف اڀرندو آهي، ان ڪـــري ان کي مسافرن جو ’سونهون تارو‘ به چوندا آهن. سنڌ جا آڳاٽا سيلاني هن تاري جي مدد سان کليي سمنڊ ۾ سفر جي ڏسا جو تعين ڪندا هئا. ٻين قومن وٽ به ساڳيو تصور آهي.
هندو ديومالا ۾ هن تاري لاءِ روايت آهي ته پاتال لوڪ، جنهن کي موجوده وقت ۾ ’ولايت‘ چيو وڃي ٿو، اتي هڪ دروپد نالي راجا راڄ ڪندو هو، جيڪو تمام وڏو ڌرماتما هو. ٻيءَ روايت موجب دروپد نالي راجا پانچال ديس جو راجا هو، جنهن جي رياست قديم هند سنڌ جي ڪنهن خطي ۾ هئي. سندس ڌيءُ جو نالو به دروپدي هو، جيڪا پانڊون جي ڀاريا/ ڀارجا/ زال هئي. راجا دروپد پنهنجي وقت جو وڏو ڌرماتما ٿي گذريو آهي، جنهنڪري کيس ’ڌرو‘ تاري سان مشابهت ڏني وڃي ٿي.
هي تارو، آسمان ۾ هڪ جاءِ تي بيٺل نظر ايندو آهي ۽ آسمان ۾ اتر طرف هوندو آهي. ٽين روايت موجب راجا دروپد شِوَ جي تپسيا ڪئي هئي، جنهنڪري شِوَ سندس تپسيا کان خوش ٿي، کيس وردان ڏنو هو، جنهنڪري هن تاري جي روپ ۾ امرتا/ جاوداني ماڻي. چوٿين روايت موجب شِوَ جي ارڌانگني (شوَ جي جسم جو اڌ حصو رکندڙ شڪتي/ طاقت) ۽ پتني پاروتي، راجا دروپد جي گهر دروپديءَ جي نالي سان جنم ورتو هو، جنهنڪري به سندس مان مٿانهون ٿيو ۽ تاري جي شڪل اختيار ڪيائين.
وهائو تاري، قطب تاري، يا ڌرو تاري جي ڀرسان ’ساتيرا‘ ٿين ٿا، جيڪي اصل ۾ ستن (7) تارن جو ميڙ آهن. اهي ساتيرا، هندن جي عقيدي موجب راجا دروپد جا نوڪر چاڪر سمجهيا وڃن ٿا.
(8) ساتيرا: ڌرُو تاري جي بلڪل اوڀر طرف گڏجي هڪ جهَڪي يا مڌم روشنيءَ واري تاري جي صورت ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جنهن کي ’ستي انوشيا‘ چيو وڃي ٿو. هندن جي ڌرم موجب هيءَ ناري ’پتي ورتا‘، ’ستي‘ (سچي) ۽ ’پتي ڌرم‘ تي هلندڙ هئي. سيتا، ستي، لڪشمي، پاروتي ۽ ڪيترين ديوين جي ڪردار وانگر ستي انوشيا جو ڪردار به تمام مهان هو، جنهنڪري کيس ايشور جو وردان حاصل ٿيو ۽ تاري وانگر چمڪي پئي.
(9) ريونتي جو تارو: ريونتي شروڻ جي زال هئي.
اهڙي نموني سان سندس چار پٽ به تارا ليکيا ويا آهن، جيڪي هن ريت آهن:
(10) ڌنشڪ، (11) سٿ ڀيشيا، (12) پوروا ڀدراپد، (13) اترا ڀدراپد.
(14) شني- ڇنڇرSaturn) : گرهه يا سيارو): هي تارو ٻاروهي موجود هوندو آهي، مختلف موسن جي ڦيرگهير سبب جڳهه مٽائيندو آهي، جوتش وگيان موجب هن کي هڪ گرهه جي حيثيت حاصل آهي ۽ هندو ڌرم ۾ هن جي پوڄا به ڪئي وڃي ٿي.
مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته يوناني ڏند ڪٿا ۾ به هن جي ساڳي حيثيت آهي. سنڌيءَ ۾ ڇنڇر (۽ انگريزيءَ ۾ Saturday) هن سان منسوب ڏينهن آهي.
(15) سوانتي: وڪرمي ڪئلينڊر موجب اسو مهينو ۽ انگريزي سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهينن جي وچ واري عرصي ۾ هي تارو آسمان ۾ اڀرندو آهي يا ڏٺو وڃي ٿو ۽ آسمان ۾ اولهه طرف هوندو آهي. جوتش وگيان موجب هي هڪ نکٽ (سنسڪرت: نکشتر) آهي، جيڪو مخصوص مدي (Period) سان تعلق رکندڙ هوندو آهي. هن تاري جو رنگ ڳاڙهسرو ٿئي ٿو. اڪثر سج لهڻ کان پوءِ هڪ يا ٻن ڪلاڪن جي وقفي بعد ڏٺو ويندو آهي، جنهن بعد لهي ويندو آهي. هن کي ’برساتي تارو‘ پڻ چوندا آهن.
(16) سج: هيءُ پڻ هڪ روشن ستارو آهي، جنهن کي عربي ءَ ۾ ’الشمس‘ چيو وڃي ٿو، ان ڪري ان جي چوڌاري ڦرندڙ سمورن گرهن ۽ سندن چنڊن جي سرشتي کي نظام شمسي چيو ويندو آهي. هندو ڌرم ۾ سج کي تمام وڏو ديوتائي مرتبو حاصل آهي. سنسڪرت ۾ سج کي ’سوريه‘ چيو ويندو آهي. سج کي نارائڻ يا وشنوءَ جو اوتار يا هڪ روپ سمجهيو ويندو آهي. لعلڙي پٿر، سندس نالي سان منسوب ڪري پائبو آهي. سج لاءِ آچر يا ’آڏت وار‘ جو ڏينهن مقرر آهي (انگريزيءَ ۾ Sun+day). قديم سنڌيءَ ۾ ’آڏت‘ سج کي چئبو هو.
جيرام داس دولترام به ’اڏت‘، ’اڏتوار‘ بابت لکيو آهي ته: ’آچر‘/ اديتوار (اڏتوار) لفظ گهٽ ۾ گهٽ ستين صديءَ وقت ته چالو هوندو هو ۽ عربي دؤر کان به آڳاٽو ٿو ڀانئجي. ٻن هزارن سالن کن جي هڪ پراچين پراڪرت (پالي) جي پستڪ ۾ ’آديتوار‘ کي ’آدچَوار‘ ڪري لکيو اٿن.
شاهه لطيف به سُر ڪارايل ۾ لفظ ’اڏت‘، سج جي معنيٰ ۾ ڪم آندو آهي:
آڏو ’اَڏت‘ اڀريو، وهاڻيءَ وانءُ ڀؤنر،
چيتاريج چت ۾، ڪنڌيءَ پاسي ڪؤنر،
متان مارينئي تؤنر، تو لنؤ لڳو جن سين.
(داستانبيت 21)
(17) چنڊ: هر هڪ گرهه کي هڪ يا وڌيڪ چنڊ هوندا آهن. زمين جو هڪ ئي چنڊ آهي. عربيءَ ۾ چنڊ کي ’القمر‘ چون. هندو ڌرم موجب چنڊ کي سج کانپوءِ وڏي اهميت حاصل آهي ۽ هن کي پڻ ديوتا جو درجو ڏنو وڃي ٿو.
چنڊ لاءِ سومر يا سوموار جو ڏينهن مقرر آهي. چنڊ جي شاعرن وٽ وڏي اهميت آهي ۽ محبوب جي حسن سان تشبيهه لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي:
سهسين سِجن اڀري، چوراسي چنڊن،
بالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانيان.
(شاهه)
هن جي نالي سان سفيد پکراج، چندرڪانت مڻي، موتي منسوب ڪري پاتا وڃن ٿا.
چنڊ سان گڏ ٻه وڏا تارا: (18) ’روهڻ/ روهڻي‘ ۽ (19) ’هست‘ ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
(20) کٽ: چئن تارن جو ميڙ، جنهن کي کٽ چئبو آهي. هن کي ’پرينءَ جي کٽ‘ پڻ چيو ويندو آهي. ’اوپرا کٽ‘ به چئجي ٿو. هن کٽ جا تارا ٻاروهي ئي موجود رهن ٿا ۽ اُهي آسمان جي اڪثر اوڀر ۽ وچ واري مرڪز ۾ نظر اچن ٿا.
(21) مگسر: هي تارو برسات جي موسم ۾ اوڀر طرف اڀرندو آهي. هي هڪ نکٽ (نکشتر) پڻ آهي يعني مندائتو اڀري ٿو. هي تارو چار مهينا آسمان ۾ هوندو آهي، پر چئني مهينن ۾ الڳ الڳ وقت تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هي تارو پنهنجي چئن مهينن دوران پهرئين مهيني جي پهرئين پهر ۾، ٻئي مهيني جي ٻئي پهر ۾، ٽئين مهيني جي ٽئين پهر ۾ ۽ چوٿين مهيني جي چوٿين پهر ۾ اُڀرندو آهي. ساڳيءَ ريت پهرئين مهيني ۾ چارئي پهر رات جو موجود هوندو آهي. ٻئي مهيني ۾ ٽي پهر ڏٺو وڃي ٿو. ٽئين مهيني ۾ ٻه پهر ۽ چوٿين مهيني ۾ هڪ پهر آسمان تي موجود هوندو آهي.
(22) برهسپتي (مشتري: Jupiter): نظام شمسيءَ جو هي وڏي ۾ وڏو گرهه آهي. يوناني ڏندڪٿا ۾ جوپيٽر (Jupiter) يا زيوس (Zeus) ديوتا گجگوڙ جو ديوتا مڃيو وڃي ٿو. ان ڪري ان سان منسوب ڏينهن کي گجگوڙ جو ڏينهن يا Thursday نالو ڏنو ويو آهي. هي هندو ڌرم جو تمام وڏو ۽ اولين گرو (استاد) ۽ ’ديوس‘ چيو ويو آهي.
هن کي ’گرو تارو‘ پڻ چيو ويندو آهي. آسمان جي اتر طرف ۽ ڌرُو تاري کان مٿئين پاسي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هي هڪ گرهه يا سيارو پڻ آهي. وسپت يا خميس جو ڏينهن سندس نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي، جنهن کي سنسڪرت ۽ هنديءَ ۾ ’برهسپت وار‘ چيو وڃي ٿو. هن جي نالي سان منسوب پٿر پکراج پاتو وڃي ٿو.
(23) شڪر (زهره: Venus): هي ’شُڪر گرهه‘ سڏبو آهي. هن تاري کي ديويءَ جو درجو به حاصل آهي. هي تمام روشن ستارو آهي، ان ڪري سونهن ۽ پيار جي علامت سمجهيو ويندو آهي. يوناني ڏندڪٿا ۾ وينس ديوي ۽ ايفروڊائيٽ کي هن سان منسوب ڪندا آهن.
هي هڪ گرهه يا سيارو پڻ آهي. هي آسمان ۾ اولهه طرف ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هن لاءِ جمعي جو ڏينهن خاص مقرر آهي، جنهن کي هندو سنڌي توڙي هندستان وارا ’شڪر وار‘ چوندا آهن.
هن جي نالي منسوب پٿر هيرو ۽ سفيد زرڪون آهن.
(24) ٻُڌ (عطارد: Mercury): هي سج کي سڀ کان ويجهو گرهه آهي. هن جي نالي سان منسوب ٻڌر يعني اربعا جو ڏينهن آهي. هندو ڌرم ۾ هن کي به ديوتا مڃيو ويو آهي. هي تارو ۽ منگل تارو چنڊ جي ڀرسان هوندا آهن ۽ چنڊ جي اترئين پاسي ڏٺا وڃن ٿا.
عطارد کي ستارن جي علم ۾ توڙي نظام شمسيءَ ۾ هڪ گرهه يا سياري جي حيثيت حاصل آهي. پنو يا هِرت نيل مڻي سندس نالي سان منسوب پٿر آهن.
(25) منگل (مريخ: Mars): سج کان چوٿين نمبر تي ويجهو گرهه آهي. يوناني ڏند ڪٿا ۾ هن کي جنگ جو ديوتا پڻ چيو ويندو آهي. ان ڪري ’جنگي هنر‘ (Martial Parts) هن سان منسوب آهن. مارچ جو مهينو به ان سان منسوب آهي.
هن جي نالي تي اڱاري جو ڏينهن مقرر آهي. هندو ڌرم ۾ هن کي ديوتا چيو وڃي ٿو. قديم رومي پڻ هن کي جنگ جو ديوتا مڃيندا هئا. هي تارو به ٻڌ تاري سان گڏ چنڊ جي اترئين حصي ۾ هوندو آهي. هن سان منسوب پٿر ’لعل عقيق‘ آهي.
(26) اَشون: هي نکٽ (نکشتر) به آهي، هن جو به ڦيرو مدي موجب مقرر ٿيندو آهي. هي تارو اوڀر کان اڀري ٿو ۽ اولهه طرف لهي ٿو. هي تارو چانڊوڪين راتين ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ ٻارهئي مهينا هوندو آهي.
اشون، هندو عقيدي موجب هڪ راجا ٿي گذريو آهي، جيڪو سورج ونشين مان هو، جنهن جي نالي تي هن تاري کي منسوب ڪيو ويو آهي. هي تارو صرف اونداهين راتين ۾ غائب يا گم هوندو آهي.
(27) ڀرڻ يا ڀرڻي: هي هڪ تارو به آهي ۽ سيارو به آهي. هي آسمان جي ڏکڻ طرف اڀري ٿو. سال جا 12 مهينا موجود هوندو آهي. موسمي تبديلين جي اثر هيٺ اڀري ٿو ۽ لهي ٿو. هي هڪ نکٽ (نکشتر) پڻ آهي.
(28) چترا: هي تارو جوتش ۾ نکٽ (نکشتر) به آهي. سياري جي موسم ۾ ڏسبو آهي. آسمان ۾ اتر طرف هوندو آهي. سياري کان سواءِ باقي مهينا گم هوندو آهي.
(29) مول: هي جوتش وگيان ۾ هڪ نکٽ (نکشتر) پڻ آهي. هي تارو آسمان ۾ ڏکڻ کان ڏسجي ٿو. هن تاري کي جوتش وگيان ۾ ’دئتيه‘ (دئيت) يا راڪشس (راڪاس واري) حيثيت آهي.
(30) پوروا کاڍا، (32) اتر کاڍا: هنن تارن بابت هندو عقيدي موجب روايت آهي ته اهي ٻئي ڀائر هئا، جيڪي ديوتائن جا ساٿاري هئا، يا ائين کڻي چئجي ته ديوتائن جا سهيوڳي هئا ۽ کين ديوتائي حيثيت حاصل آهي.
هي ٻئي تارا گڏ هوندا آهن، فرق صرف ايترو آهي ته ’پوروا کاڍا‘ ڏکڻ ۾ ۽ ’اترا کاڍا‘ اتر ۾ ساڳئي وقت ڏٺا وڃن ٿا.
(33) پورا ڦالڳني، (34) اترا ڦالڳني: هنن تارن بابت هندو ڌرم موجب اهي ٻئي ستيون (سچيون) پاڻ ۾ ڀيڻون هيون، جن جي مهانتا جي ڪري کين آسمان ۾ تارن جي حيثيت سان نوازيو ويو.
آسمان ۾ هي ٻئي تارا گڏ هوندا آهن، پورا ڦالڳني جي ڪشش اوڀر طرف ۽ اترا ڦالڳنيءَ جي ڪشش اتر طرف ٿئي ٿي. هي نکٽ (نکشتر) پڻ آهن. اهڙيءَ طرح جوتش و گيان جا ٻيا اهم تارا، جيڪي آسمان ۾ به ڏٺا وڃن ٿا، اهي هي آهن:
(35) آردرا، (36) پنر رس، (37) پُشـيه، (38) آسريشا، (39) مگهـا، (40) انوراڌا، (41) جيسٺا.
انهن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي تارا آهن، جن جو ذڪر جوتش وگيان ۾ ڪيل آهي.
ياد رهي ته ستارن جو هي علم جوتش وگيان موجب صرف ايشيا کنڊ ۾ لاڳو ٿئي ٿو، ڇو ته اهي ساڳيا ئي تارا مختلف کنڊن ۾ مختلف وقتن تي ڏٺا وڃن ٿا. عموماً تارن ۽ سيارن کي انسانن جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي، جيڪي هر ملڪ، مذهب ۽ ثقافت موجب هڪٻئي کان الڳ الڳ نالن طور سڃاتا وڃن ٿا. ساڳيءَ طرح ستارن ۽ گرهن جو علم هر ملڪ، مذهب ۽ ثقافت ۾ پنهنجي پنهنجي طريقي سان سمجهايل آهي.
پيشيور جوتشين ۽ نجومين طرفان انسان جي زندگيءَ بابت اڳڪٿيون ڪرڻ ۽ جوتش جي علم ذريعي جنتريون، ڪُنڊليون ۽ زائچا وغيره ٺاهي، انهن کي اهميت ڏيڻ جي سلسلي ۾ سائنسي يا مذهبي حوالن سان تنقيد پڻ ڪئي وڃي ٿي.
سائنسدان هن قسم جي عمل سبب ايسٽرالاجيءَ کي جڙتو سائنس (Pseudo Science) چون ٿا، جنهن جي ڪا سائنسي توجيهه ڪانهي ۽ انسانن جي حياتيءَ تي ستارن جي اثر جي سائنس ڪا به تصديق نٿي ڪري. جيتوڻيڪ سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ جو اثر گرڀ اندر ٻار تي پوڻ بابت به ماڻهن ۾ وهم ۽ ڀرم آهن، پر ان جي به ڪا تصديق ٿيل ناهي. آڳاٽي وقت ۾ ماڻهن جي خراب ذهني حالت يا چريائپ کي چنڊ جي اثر سان لاڳاپيLunacy چيو ويندو هو ۽ اهو انگريزي اصطلاح چريائپ لاءِ رائج آهي، پر سائنسي حوالي سان ان جو تعلق چنڊ سان ثابت ٿيل ڪونهي. هڪ مشهور مغربي ايسٽرالاجر ۽ سائنسدان جيوفري ڊينز (Geoffrey Deans) ۽ نفسيات دان ’ايون ڪيلي‘ (Ivan Kelly) گهڻن ئي ماڻهن تي مختلف قسم جا تجربا ڪري اهڙي اثر کي ڳوليو، پر اهو ثابت نه ٿيو.
اسلامي دنيا ۾ الفارابي، ابن الهيشم ۽ ابن سينا مذهبي بنياد تي ان علم جي نفي ڪئي. هنن جو چوڻ هو ته اسلامي عقيدي موجب علم نجوم ذريعي مستقبل بابت اڳڪٿي ڪرڻ جو مطلب خدا جي مرضيءَ بابت اڳواٽ معلوم ڪرڻ آهي، غيب جو علم صرف الله کي آهي، ان ڪري اهڙي ڪا ڳالهه درست نه آهي. ابن سينا پنهنجي ڪتاب ’رساله في ابطال احڪام النُجوم‘ ۾ گرهن کي خدا جي حڪم تي هلندڙ مڃي ٿو ۽ ان سان ڌرتيءَ تي موجود زندگيءَ تي اثر به پوي ٿو، پر اهو ڪهڙو ۽ ڪيترو اثر آهي. ان بابت انسان جي ڄاڻ محدود آهي. ابن قائم الجوزيه پنهنجي ڪتاب ۾ پڻ ستارن کي گرهن کان وڏو ڄاڻائي ٿو، پر انهن جي اثر جي ڪاٿي کي درست قرار نٿو ڏي.
عيسائي ڪئٿولڪ مذهب ۾ مستقبل جي اڳڪٿي ڪرڻ جا سمورا طريقا شيطان ۽ راڪاسن جو ڪم سڏيا ويا آهن. هارو اسڪوپ/ جنتري، هٿ جون ليڪون پڙهڻ، وهم وسوسا، سوڻ ساٺ ٻين انسانن کي گمراهه ڪرڻ ۽ مٿن برتري ۽ طاقت حاصل ڪرڻ جا طريقا سڏيا ويا آهن، جيڪي خدا جي اهميت، احترام ۽ خوف جي نفي ڪن ٿا. سينٽ آگسٽين (St. Augustine) ان علم کي ڪليسا سان ٽڪراءُ وارو سڏيو ۽ سوال ڪيو ته جيڪڏهن ٻار جي سرجڻ کان جنم جي تاريخ ۽ وقت سان علم نجوم جو ايترو تعلق آهي ته پوءِ آخر ڇو ٻه جاڙا ٻار جيڪي ساڳئي وقت ماءُ جي پيٽ ۾ سرجن ٿا، ساڳئي ڏينهن ۽ ساڳئي وقت جنم وٺن ٿا، انهن جي عادتن ڀاڳ، نڀاڳ ۾ فرق ڇو هوندو آهي!
عام مشاهدو به اهو آهي ته ڪيترائي هن دنيا ۾ اهڙا مثال موجود آهن ته ساڳئي ڏينهن ۽ ساڳئي وقت تي ڄاول هڪ شخص بادشاهه آهي ته ٻيو فقير. ته پوءِ نجومين يا جوتشين ۽ سندن جنترين ۽ horoscopes يا اڳڪٿين جي ڪهڙي حيثيت ٿي رهي!!


هن صفحي کي شيئر ڪريو