
روشن عطا
روشن عطا (اداڪارہ): سنڌي اردو ڊرامن ۽ فلمن جي اداڪار روشن عطا 1940ع ڌاري شھر سلطان ڪوٽ، ضلعي شڪارپور ۾ آغا دلمراد جي گهر ۾ جنم ورتو. جڏهن هن جي عمر ست سال هئي تہ سندس خاندان سعودي عرب لڏي ويو، جتي هوءَ ڇھہ سال رهي. روشن عطا زندگيءَ ۾ 6 حج ڪيا. سندس شادي 16 سالن جي عمر ۾، 1958ع ۾ پنھنجي ماسات عطا محمد سان ٿي، جيڪو ان وقت سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري هو. روشن عطا تي سندس والد ’شھزادي‘ نالو رکيو، جڏهن تہ والدہ مٿس روشن نالو رکيو هو. روشن عطا جي تعليم مئٽرڪ هئي. هن شروعاتي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي، بعد ۾ حيدرآباد مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. روشن عطا پنھنجي مڙس جي لاهور ۾ نوڪريءَ دوران 15 سال لاهور ۾ گذاريا. هن 1964ع ۾ پنھنجي فن جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪئي، جتي هوءَ برقعو پائي ايندي هئي، ڇو تہ سندس مائٽ سندس ريڊيو تي اچڻ جا مخالف هئا. هن اسٽيج ڊراما ڪيا، ڊراما لکيا ۽ ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي.
روشن عطا سوين سنڌي توڙي اردو ڊرامن ۾ پنھنجي فن جا جوهر ڏيکاريا. هن 20 کان وڌيڪ سنڌي فلمن ۾ بہ ڪم ڪيو. ريڊيو تي ڪم ڪرڻ بعد پهرين سنڌي فلم ’ڌرتي دل وارن جي‘ ۾ اداڪاري ڪيائين. هن سنڌي فلم ’فيصلو ضمير جو‘ ۾ نصرت ڀٽو جو ڪردار ادا ڪيو. روشن عطا کي وڌيڪ شھرت سنڌي فلم ’ممتا‘ کان ملي، جڏهن تہ پي. ٽي. وي ڊرامي ’بينسر ادل جي‘ ۽ ڪي. ٽي. اين جي ٽيلي فلم ’دريا پار‘ کيس شھرت جي بلنديءَ تي پهچائي ڇڏيو. روشن عطا جن سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو، تن ۾: ڌرتي لال ڪنوار، ڌرتي ۽ آڪاش، حاضر سائين، رت ۽ اجرڪ، اميد، ڦل ماڇي، طوفان، گهونگهٽ لاھہ ڪنوار ۽ مورک وغيرہ شامل آهن. روشن عطا جن ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي، تن ۾: گامون سچار، گهر ڀاتي، آس، زندگي، اولڙا، بري هن ڀنڀور ۾، جياپو، ماروي، جهنگل، تپش، چار مسافر ۽ سير سوا سير وغيرہ اچي وڃن ٿا. ڊرامن ۾ اڪثر هن جي جوڙي نور محمد لاشاريءَ سان مشھور رهي. هن ٻن اردو فلمن ’آسپاس‘ ۽ ’پئسا بولتا هي‘ ۾ بہ ڪم ڪيو. روشن عطا کي ڪي. ٽي. اين ٻہ مڃتا اوارڊ ۽ پي. ٽي. وي 4 اوارڊ ڏنا، کيس ڪي. ٽي. اين سيريل ’گنھگار‘ تي اوارڊ مليو ۽ پي. ٽي. وي جي ’سونيتي‘، ’جياپو‘ ۽ ’آس‘ ڊرامن تي اوارڊ ڏنا ويا، 2008ع ۾ کيس ڪي. ٽي. اين ۽ پي. ٽي. وي پاران لائيف اچيومينٽ اوارڊ ڏنا ويا.
روشن عطا ڪي. ٽي. اين تان آخري ڊرامي ’دل پرايو ديس‘ ۾ ڪم ڪيو، جڏهن تہ پي. ٽي. وي تان سندس آخري سنڌي ڊرامو ’ڪجل بنا نيڻ‘ ۽ آخري ڊرامو ’دشت آشنا‘ آهي.
روشن عطا پي. ٽي. وي تان پهريون ڊرامو 1972ع ۾ ’مونجهارن جو ماڳ‘ ڪيو هو. روشن عطا هڪ اهڙي فنڪار ۽ اداڪار هئي، جيڪا پنھنجي ڪردار ۾ گم ٿي ويندي هئي ۽ سندس هر ڪردار حقيقي ڪردار لڳندو هو. روشن عطا ڪجهہ سال اڳ ڊرامن جي دنيا کي خيرباد ڪيو، پر وري هوءَ ٻيهر ڊرامن جي دنيا ۾ اچي وئي.
روشن عطا ڪافي عرصي کان بيمار هئي. ڦڦڙن ۾ خرابيءَ سبب اسپتال ۾ داخل ٿي ۽ ڪوما ۾ هلي وئي. هن 30 مارچ 2011ع تي وفات ڪئي، کيس ڪراچيءَ جي ڊالميا قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪيو ويو.