
روشن علي شاهه روشن
روشن علي شاھہ ’روشن‘: سيد روشن علي شاھہ ’روشن‘، سيد سعيد علي شاھہ ’خادم‘ جو فرزند هو. هن جوڻالي، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ 1937ع ڌاري جنم ورتو. شاعري سندس خانداني ورثو آهي. سندس والد سيد سعيد علي شاھہ ’خادم‘ پنھنجي دور جو نامور صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس وڏو ڀاءُ سيد معصوم علي شاھہ ’نماڻو‘ بہ سٺو شاعر هو، جڏهن تہ سندس ننڍو ڀاءُ سيد راشد علي شاھہ معروف راشد مورائي سنڌ جي قومي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو.
سيد روشن علي شاھہ جي تعليم مئٽرڪ تائين هئي، پر ذهين هو، انگريزيءَ تي ايتري دسترس هئس، جو انگريزيءَ ۾ روزانہ ڊائري لکندو هو. هن مختلف نوڪريون ڪيون. پهرين ڳوٺ سڌار کاتي ٽنڊي ڄام ۾ رهيو، ان بعد پليجاڻي، کنڊو وغيرہ يونين ڪائونسلن جو سيڪريٽري رهيو. نوان جتوئيءَ جي جتوئي برادران غلام مصطفيٰ خان جتوئي ۽ غلام مجتبيٰ خان جتوئيءَ سان گِهرا تعلقات هئس، انهن کيس ايڪسائيز ۾ ملازمت ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پر هن آزاد خيال انسان، رشوت واري کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ بدران ٽيوب ويل آپريٽريءَ جي ملازمت قبول ڪئي. اتي بہ سندس دل نہ لڳي تہ استيعفا ڏئي ڇڏيائين. هن صوفيانه ۽ مذهبي شاعري گهڻي ڪئي آهي، سندس ڪجهہ ڪلام ۾ مجازي رنگ بہ ملي ٿو.
روشن علي شاھہ سير سفر جو ڏاڍو شوقين هو. حضرت قلندر لعل شھباز جو خاص عقيدتمند رهيو آهي. پاڻ هر سال قلندر جي ميلي بعد سيوهڻ مان لاهوت جي سفر تي فقيرن جي ٽولي سان نڪرندو هو. هن لاهوت جا 45 سفر پيادل جبل مان هلندي ڪيا ۽ ڪجهہ سفر ڪراچيءَ کان سواريءَ رستي ڪيا. ان ڪري کيس سيد روشن علي شاھہ ’روشن‘ لاهوتي بہ سڏيو ويندو آهي. هن ڪيترا منظوم ’لاهوت ناما‘ لکيا آهن، جيڪي سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتاب ’عشق نسورو نور‘ (2012ع) ۾ موجود آهن. هن نعت، نوحي، ڪافي ۽ بيت جي صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي. شادي ڪيائين، پر اولاد ڪونه ٿيس. 2000ع ۾ موري ۾ وفات ڪيائين. کيس وصيت موجب والد سيد سعيد علي شاھہ ’خادم‘ جي پيرانديءَ، جوڻالي ۾ دفنايو ويو.