روشن محمد ’ذهين‘ ٺٽوي: روشن محمد ٺٽوي شاعر ۽ فاضل عالم شخص هو. ’ذهين‘ سندس تخلص هو. ٺٽي جو حاڪم مرزا غازي بيگ ’غازي‘، سخن سنج ۽ شاعرن جو قدردان هو. ’ذهين‘ ٺٽويءَ جو همعصر ۽ مداح هو. هن ’ذهين‘ بابت چيو آهي تہ:
بذهن حاصل است در بي نيازي،
وقار از درگر مرزا ئي غازي.
يعني تہ ”ذهين ٺٽوي بي نيازي ۽ بي پرواهيءَ واري حالت ۾ بہ مرزا غازيءَ جي درٻار ۾ عزت ۽ وقار وارو آهي.“
ذهين ٺٽويءَ کي مرزا غازي بيگ سان ايتري محبت هئي، جو جڏهن مرزا غازيءَ کي جوانيءَ ۾، 1021ھہ ڌاري قنڌار ۾ زهر ڏئي ماريو ويو، تہ ’ذهين‘ جي دل سندس ڏک ۾ هن فاني دنيا کان کٽي ٿي وئي ۽ هن فقيري اختيار ڪئي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين سير ۽ سياحت ڪندو رهيو. سندس وفات جي درست تاريخ هٿ اچي نہ سگهي آهي.