ڊاڪٽر روشن گولاڻي

ڊاڪٽر روشن گولاڻي

روشن گولاڻي ڊاڪٽر

روشن گولاڻي،ڊاڪٽر: برک سنڌي اديب ڊاڪٽر روشن لکميچند گولاڻي 29 مئي 1972ع تي، احمد آباد (هندستان) ۾ سنڌ مان لڏي ويل هڪ سنڌي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. هن، ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد بي- اي(معاشيات) گجرات يونيورسٽي مان، ايم- اي (سنڌي) ممبئي يونيورسٽي مان ۽ ڊاڪٽريٽ (Ph.D) جي ڊگري مهارشي ديانند سرسوتي يونيورسٽي، اجمير مان حاصل ڪئي. علمي ادبي ميدان ۾ سندس سڃاڻپ شاعر، مترجم، ڪالم نگار ۽ ليکڪ طور رھي.ھُو سنڌي ساهتيه اڪيڊمي، گجرات جي ايڊوائيزري بورڊ جو ميمبر،سينٽر فار ڪلچرل رسورسز اينڊ ٽريننگ جي ريسرچ فيلو شپ ڪاميٽيءَ جو ميمبر، سنڌي اسٽڊيز، گجرات جي بورڊ جو ميمبر، سنڌي ٻولي(تحقيقي جرنل) جي ماهراڻي ڪاميٽيءَ جو ميمبر، سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي جي تحقيقي مخزن ’سنڌي ادب‘ جي ماهراڻي ڪاميٽيءَ جو ميمبر، سنڌ يونيورسٽي طرفان جاري ٿيندڙ’قليچ‘ تحقيقي جرنل جي ماهراڻي ڪاميٽيءَ جو ميمبر، ڀارتيه سنڌو سڀا جو ٽرسٽي، ’اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت پرچار سڀا‘ جو سيڪريٽري، اسٽيج گروپ (ثقافتي گروپ)، احمد آباد جو سيڪريٽري، آل انڊيا سنڌي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جو ائگزيڪيوٽو ميمبر ۽ سنڌي لوڪ ساهتيه- ڪلاڪيندر جو جنرل سيڪريٽري رھيو. سندس لکيل ۽ ڇپيل تصنيفن ۾: سنڌو ورثو(1994ع)، رنگ برنگي گل (ٻاراڻا نظم)، مٺڙي مٺڙي لات (ٻاراڻا نظم)، روشن آواز (گيت ۽ غزل، 2011ع)،روشن تارا (ٻاراڻا نظم، 2012ع)، لوڪ ادب تي ڪيل ڊاڪٽر ڄيٺي لعلواڻي جي تحقيق جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو (2014ع)، رنگ برنگي پوپٽ (ايڊٽ ڪيل، 2014ع)، ادبي تبصرا (ايڊٽ ڪيل)، سنگهه درشن(ترجمو)،سنڌي ادبي اخبار نويسي(2015ع)،روشن ٻاراڻا ٻول (ٻاراڻا نظم،2015ع)، ٻال گلشن (ٻاراڻا نظم،2017ع)، ادبي تنقيد (ايڊٽ ڪيل،2017ع)، مور نچي ٿو (ٻاراڻا نظم، 2018ع)،ڪاريون هاشيون (مختصر ڪهاڻيون-ترجمو، 2018ع)، ڪاغذ جي ٻيڙي (ٻاراڻا نظم،2018ع)، هيرو ٺڪر:ٻهومکي شخصيت (ترتيب 2019ع)، اندر ڀوڄواڻي ڪُل ڪلام (ترتيب، 2019ع)، پياس دل جي (غزل، 2020ع)، ۽ سنڌي ادب جا ٻھڪندڙ ستارا، باغ بهار (ٻاراڻو ادبي مخزن، 2020ع)۽ ”قلمڪار: ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي“ شامل آهن. کيس مختلف ڪتابن تي سنڌي ساهتيه اڪيڊمي، گجرات حڪومت طرفان اوارڊ پڻ مليا. ان کانسواءِ گجرات حڪومت طرفان يووا گورَو اوارڊ 2008ع، احمد آباد ميونسپل ڪارپوريشن پاران ناگرڪ سمان2013ع ۽ ساهتيه اڪيڊمي طرفان ٻال ساهتيه اوارڊ 2017ع پڻ مليو ھندستان جي شھر احمد آباد ۾ رھندڙڊاڪٽر روشن گولاڻي 26 آگسٽ 2024ع تي لاڏاڻو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.05.29  عيسوي

برک سنڌي اديب ڊاڪٽر روشن لکميچند گولاڻي 29 مئي 1972ع تي، احمد آباد (هندستان) ۾ سنڌ مان لڏي ويل هڪ سنڌي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پريتم ورياڻي
ضياء شڪيل احمد
حسن عابدي
مرتضيٰ سيال
سيد شاهه محمد شاهه
شمشاد احمد سومرو
پٺاڻ محمد اسماعيل
رياضت ٻرڙو
رزاق سروهي
سيد عبدالحسين موسوي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون