رومانوي داستان

رومانوي داستان: لوڪ ادب قومن جو ’تهذيبي تشخص‘، عوامي امنگن جو آئينو ۽ ماضيءَ جو پڙاڏو چيو وڃي ٿو. رومانوي داستان، لوڪ ادب جي تاريخ جو اهم حصو آهن. رومانوي داستان مان مراد اهي محبت سان ڀرپور ڪهاڻيون، جن مخصوص حالتن ۾ جنم ورتو ۽ لوڪ ادب جي ذريعي نسل درنسل منتقل ٿينديون رهيون. هر ڪنهن لوڪ داستان ۾ سماجي پسمنظر، تاريخي پڙاڏو ۽ ڪنهن نه ڪنهن لافاني قدر، نظريي يا اصول جي جھلڪ ٿئي ٿي. ان ڪري رومانوي ڪهاڻين جا ڪردار، آدرشي ڪردار بڻجي ويندا آهن. اهي ڪردار عام ماڻهن جا هوندا آهن ۽ سندن اتساهه جو ڪارڻ ٿيندا آهن. رومانوي ڪهاڻين جي ڪردارن جي آدرشي حيثيت، سماجي جوڙجڪ ۽ سماجي پسمنظر مطابق ئي جڙندي آهي. انهن جي پڙهڻ سان اسان کي لاڳاپيل خطي جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي به خبر پوي ٿي. ان وقت جون سماجي حالتون، روايتون، معاشي ڍانچو، اخلاقي جوڙجڪ کان سواءِ انهن داستانن جو مقصد ماڻهن کي زندگيءَ ۾ جدوجهد، ايثار ۽ ٻين دائمي قدرن کان واقف ڪرڻ آهي.
سنڌي داستان گوئيءَ جي تاريخ به ايتري ئي پراڻي آهي، جيترو هن ڌرتي تي وسندڙ لوڪن جي تاريخ. جڏهن اسان رومانوي داستانن جو ذڪر ڪريون ٿا ته انهن جا اوائلي اهڃاڻ به لوڪ ادب جي زمري ۾ اچن ٿا. لوڪ ادب جي شروعات خود انسان جي شعور سان وابسته آهي، ان ڪري ان جي ابتدا جي ڪا مستند تاريخ ته موجود ناهي. البت اهي اهڃاڻ، جيڪي تاريخ ۾ رقم ٿي سگھيا آهن. لکت ۾ انهن جي شروعات به اتان کان ڏني وئي آهي. سنڌي رومانوي داستان جا اهم اهڃاڻ سومرا دؤر ۾ ’ڳاهه‘ جي صورت ۾ ملن ٿا. بنا ڪنهن شڪ شبهي جي انهن جي اهڙي صورت به موجود هئي، جيڪا ابتدائي طور ماڻهن جي دلين تي ئي اُڪريل هئي. هي داستان ڀٽن، ڀانن ۽ ٻين سگھڙن جي زباني هلندا رهيا، سومرا دؤر ۾ ’ڳاهه‘ مقبول ترين صنف هئي، جنهن ۾ ان دؤر جي رومانوي داستانن سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل راڻي ۽ ڏمڻ سوناري جي باري ۾ داستان گوئي هوندي هئي. سومرا دؤر سنڌي رومانوي داستانن جي حوالي سان انتهائي اهم دؤر آهي. هن دؤر ۾ سنڌ جي تاريخ جي تمام اهم رومانوي داستانن جا اهڃاڻ ملن ٿا. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهي رومانوي داستان جيڪي خاص اهميت رکن ٿا، سي هن ريت آهن: سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل راڻو، ڏمڻ سونارو، ليلا چنيسر، سهڻي ميهار، سيف الملوڪ، سورٺ ۽ راءِ ڏياچ، ڄام لاکو ۽ مهر راڻي، ڄام لاکو ۽ اوڏڻ، ڄام اوڍو ۽ هوٿل پري، نوري ۽ ڄام تماچي، دولهه دريا خان ۽ همون، ڄام جراڙ ۽ بوينا، سڏونت ۽ سارنگا ۽ ڀيريو گاروڙي.
مٿي بيان ڪيل رومانوي داستانن مان ڪجهه اهڙا داستان به آهن، جيڪي اڄ به عام ۽ خاص جي دلين تي اڪريل آهن. ان جو سبب اهو آهي ته انهن واقعن جو پس منظر، جاگرافي، اخلاقي قدر، ڪردار ۽ نصيحت آميز نقطا موجود آهن، جيڪي انساني زندگيءَ جي عظمتن کي واضح ڪن ٿا. سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن انهن اهم قصن کي تمثيل طور بيان ڪيو آهي ۽ پنهنجي قوم جي هر دؤر ۾ رهنمائي ڪئي آهي.


لفظ رومانوي داستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو