
روميلا ٿاپر
روميلا ٿاپر (آرڪيالاجسٽ(Romila Thapar:: آثار قديمہ جي هن ماهر جو جنم هندستان جي هرياڻا رياست ۾ 1931ع ڌاري ٿيو. ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد گرئجوئيشن پنجاب يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ پي. ايڇ. ڊي جي سند اي. ايل بشامت جي نگرانيءَ ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ جي اداري ’اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز‘ مان 1958ع ڌاري ڪيائين. عملي زندگيءَ جي شروعات نئين دهليءَ ۾ جواهر لعل نهرو يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر طور پڙهائڻ سان ڪيائين. تحقيق جي حوالي سان سندس اهم ڪم اشوڪا راڄ ۽ موريا سلطنت جي زوال جي سببن بابت کوجنا آهي، جنهن تي مشتمل ڪتاب: ‘Asoka and the Decline of the Mauryas’ عنوان سان 1963ع ۾ شايع ڪرايائين.
روميلا ٿاپر جي ڪتاب ‘A History of India’جو پهريون جلد تمام گهڻو مقبول ٿيو، جنهن ۾ هن آڳاٽي تاريخي دؤر کان وٺي انگريزن جي هندستان ۾ آمد، سورهين صديءَ تائين جو احوال ڏنو آهي. ساڳيءَ ريت اشوڪ اعظم ۽ موريا گهراڻي جي زوال پذيريءَ بابت لکيل ڪتاب ۾ مجموعي طور سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ اخلاقي حالتن ۽ اشوڪ جي سماجي ۽ سياسي تدبر جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو آهي.
روميلا ٿاپر جي ڪتاب ‘Ancient Indian Social History’ ۾ پهرئين هزاريي جي پڄاڻيءَ ۽ هندومت، ٻڌمت جي سماجي ۽ مذهبي طريقي ڪار جو تقابلي مطالعو ڏنو ويو آهي. هن پنھنجي تحقيقي تجزيي مطابق پهرئين هزاريي ۾ گنگا واديءَ طرف اسرندڙ تهذيبن جو حوالو ڏئي زرعي/ کيتي بنيادن تي ابتدائي ڳوٺاڻي زندگيءَ مان وڌندڙ شھري زندگي/سماج جي ترقياتي رٿن ۽ تبديلين تي تحقيقي نقطهء نگاھہ سان روشني وڌي آهي. روميلا ٿاپر ڪارنيل ۽ پينسلوينيا يونيورسٽيءَ ۾ مهمان پروفيسر طور وقت بہ وقت ليڪچر ڏيندي رهي آهي. 1983ع ۾ کيس انڊين هسٽري ڪانگريس جو صدر ڪيو ويو ۽ 1999ع ڌاري برٽش اڪيڊميءَ جي فيلوشپ ملي. ان کانسواءِ هوءَ ليڊي مارگريٽ هال، آڪسفورڊ ۽ لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ قائم اوريئنٽل اسڪول ۽ آفريڪي اڀياس جي اداري ‘School of Oriental and African Studies- SOAS’ جي اعزازي فيلو ۽ 2009ع ۾ آمريڪن اڪيڊمي آف آرٽس اينڊ سائنسز جي اعزازي ميمبر پڻ رهي آهي.
روميلا ٿاپر کي شڪاگو يونيورسٽيءَ پاران ڊاڪٽريٽ جي سند سان نوازيو ويو. 1991ع ۽ 2005ع ۾ روميلا ٿاپر کي ڀارت جي ممتاز اوارڊ ’پدم ڀوشن‘ لاءِ ٻہ ڀيرا نامزد ڪيو ويو، پر هن هندستان جي اڳوڻي صدر اي. پي. جي عبدالڪلام کي خط ۾ اهو چئي اوارڊ وٺڻ کان معذرت ڪئي تہ کيس رياستي اوارڊ بجاءِ ادبي اوارڊ يا پنھنجي شعبي آثارِ قديمہ سان لاڳاپيل ادارن پاران اوارڊ ڏنا ويندا تہ هوءَ خوشيءَ سان قبول ڪندي. هن 2008ع ۾ پيٽر برائون سان گڏ ’انساني اڀياس‘ تي تحقيق جي حوالي سان هڪ ملين آمريڪي ڊالر جو روڪ انعام مليو، جيڪو ’ڪلوج انعام‘ (Kluge Prize) نالي سان مشھور ۽ انتهائي اهميت وارو انعام ليکيو وڃي ٿو.
تاريخ جي حوالي سان هندستاني درسي ڪتابن ۾ روميلا ٿاپر جا مضمون شايع ٿيل آهن، جن مان انساني تھذيب جي قيام، اوسر، ثقافت، تاريخ ۽ زبان بابت ڪيتري اهم معلومات ملي ٿي. انهن مان ڪيترن ۾ آريائي، دراوڙي تهذيبون ۽ قديم سنڌو تھذيب بابت اشارا پڻ آهن.
روميلا ٿاپر جي ڇپيل تحقيقي ڪتابن جي فهرست هيٺينءَ ريت آهي:
1. A History of India: Volume 1, 1966; Penguin,
2. Asoka and the Decline of the Mauryas, 1961 (revision 1998); Oxford University Press.
3. Ancient Indian Social History: Some Interpretations, 1978
4. Cultural Pasts: Essays in Early Indian History, 2003; Oxford University Press.
5. Cultural Transaction and Early India: Tradition and Patronage, 1994.
6. Dissent in the Early Indian Tradition, 1979.
7. Early India: From Origins to AD 1300, 2002; Penguin.
8. Exile and the Kingdom: Some Thoughts on the Ramayana 1978, Original from the University of California
9. From Lineage to State: Social Formations of the Mid-First Millennium B.C. in the Ganges Valley, 1985.
10. History and Beyond, 2000, OUP
11. Interpreting Early India, 1993 (2nd edition 1999); Oxford University Press 1999.
12. India: Another Millennium? 2000.
13. India: Historical Beginnings and the Concept of the Aryan 2006.
14. Sakuntala: Texts, Readings, Histories, 2002; Anthem
15. Somanatha: The Many Voices of History, 2005; Verso
16. The Past and Prejudice (Patel Memorial Lectures), 1971
17. The Mauryas Revisited 1987 K.P. Bagchi & Co.
ان کانسواءِ سندس ڪيترا تحقيقي مضمون ۽ ڪالم مختلف رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن، جن مان هيٺين تمام گهڻي مقبوليت ماڻي.
1. India before and after the Mauryan Empire", in The Cambridge Encyclopedia of Archaeology, 1980.
2. "Imagined Religious Communities? Ancient History and the Modern Search for a Hindu Identity", Modern Asian Studies 1989 23(2): 209-231.
3. “Somanatha and Mahmud”, Frontline, Volume 16 - Issue 8, 10-23 April 1999.