روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو

روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو

روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو

روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور انگريز ليکڪ ايڊور ڊگبن جي انگريزي ڪتاب The Decline and Fall of Roman Empire جي سنڌي ترجمي تي ٻن جلدن ۾ مشتمل آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو نامور اديب عنايت بلوچ ڪيو آهي. ڪتاب جو پهريون جلد ستاويهن بابن تي ۽ ڪتاب جو ٻيو جلد اٺاويهين باب کان ايڪهترهين باب تي مشتمل آهي. پهرئين جلد جو ‘ڇپائيندڙ پاران’ نوٽ ان وقت جي سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري سيد زوار نقويءَ ۽ ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي جو ‘پنھنجي پاران’ نوٽ سـنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمئن مخدوم جميل الزمان لکيو آهي. ڪتاب جو پهريون ڀاڱو 683 صفحن ۽ ٻيو ڀاڱو 635 صفحن تي مشتمل آهي. پهريون ڀاڱو 2010ع ۽ ٻيو ڀاڱو 2012ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو پاران ڇپجي پڌرا ٿيا. پهرئين جلد جي قيمت 535 ۽ ٻئي جلد جي قيمت 700 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو