روم1

روم1

روم1

روم1

روم1

روم1

روم1

روم1

روم1

روم1 (شھر): لاطيني زبان ۾ روم، ’روما‘ جي نالي سان اچاريو ويندو آهي. هن شھر کي تاريخي حيثيت حاصل آهي. قديم دور ۾ رومي سلطنت جي شهنشاھہ آگسٽن ’روم‘ کي رومي سلطنت جي خوشحال راڄڌاني بنايو هو.
هوريس ۽ ورجل ليوي جهڙن لافاني شاعرن، ليکڪن، ۽ نيرو ۽ آگسٽن جهڙين وڏين شخصيتن جي ڪري هن شھر کي ’دائمي شھر‘ ڪوٺيو ويندو آهي. هي شهر، ٽائبر درياھہ سان لڳو لڳ اٽليءَ جي خطي Lazio ۽ وچ اولھہ اپٻيٽ تي واقع آهي.
موجودہ وقت ۾ روم اٽليءَ جي گاديءَ جو هنڌ آهي. 2.8 ملين جي آباديءَ سان، 1285.3 ڪلوميٽرن (496.3 چورس ميلن) جي ايراضيءَ تي پکڙيل هي شھر اٽليءَ جو وڌ مان وڌ آبادي رکندڙ شھر ليکيو وڃي ٿو.
روم جي تاريخ تقريباً پوڻا ٽي هزار سالن تي مشتمل آهي. 753 ق. م کان هن شھر ۾ آبادڪاريءَ جا آثار ملن ٿا. رومي شهنشاهيت، رومي جمهوريت ۽ رومي سلطنت جي ٽنهي وسيع دورن ۾ اسڪندريہ شھر کانپوءِ روم کي راڄڌانيءَ جي حيثيت حاصل رهي آهي.
پهرين ق. م کان ستين صدي عيسويءَ تائين هن شھر کي اولھہ جي ملڪن جي تھذيب جو بنياد ڪري مڃيو ويندو هو. بازنطيني حاڪميت جي زوال کانپوءِ 8 صدي عيسويءَ کان 1870ع تائين پاپائي رياست جي راڄڌاني مقرر ٿيو، 1871ع ۾ متحدہ اٽليءَ جي راڄڌاني ۽ 1946ع کان موجودہ وقت تائين جمهوريه اٽليءَ جي گاديءَ جو هنڌ آهي.
اليگزينڊر-IV ۽ لِيو ايڪس(Leox) جي حاڪميت دوران نئين جاڳرتا (Renaissance) جي اثر هيٺ فلورينس سان گڏ روم شھر بہ اٽليءَ جي مرڪزي حيثيت ۾ نمودار ٿيو. جديد طرز تعمير هيٺ تيار ڪيل سينٽ پيٽرز بيسيليڪا چرچ ۽ سِٽين چيپل کي دنيا جي مشھور نقاش مائيڪل اينجلو خوبصورت رنگن سان سينگاريو آهي. ان کانسواءِ روم ٻين مشھور مصورن ۽ عمارتسازن جھڙوڪ: برامانٽي (Bramante)، برنني (Bernini) ۽ رافيل جي رهائشگاھہ پڻ رهيو آهي، جن روم جي مخصوص تعميرات (Baroque Architecture) کي نئين سر اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
روم جي تاريخي مرڪز کي يونيسڪو طرفان ’ورلڊ هيريٽيج سائيٽ‘ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. قديم روم جا آثار ۽ يادگار ويٽيڪن (Vatican) ۽ ڪولوزيئم عجائب گهرن ۾ محفوظ آهن، جتي هر سال تقريباً 4.2 ملين سياح اهي ڏسڻ ايندا آهن. 1960ع ۾ روم کي اولمپڪ راندين جو ميزبان هئڻ جو اعزاز بہ حاصل رهيو آهي.
رومي تھذيب: تاريخ نويسن جي تحقيق مطابق ’يوناني‘ قوم کان پوءِ يورپ کنڊ ۾ ’رومن‘ قوم اڀري. سندن تاريخ ’روم‘ جي شھري آباديءَ کان شروع ٿئي ٿي، جيڪا آثار قديمہ جي آڌار ڇهين صدي ق. م کان آسپاس جي ڳوٺاڻي آبادي ۽ يونان مان لڏي آيل پناهگيرن ذريعي ٿئي ٿي. فرانس جو مشھور لسانيات جو ماهر ’ڊمزل‘ (Dumezil) روم جي شھري ادارن جو بنياد ’انڊو يورپين‘ يعني آريہ نوآبادڪاريءَ سان ڳنڍي ٿو. ’انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا‘ جا مصنف، مجموعي ثابتين جي آڌار تي روم جي ابتدا اٺين صدي ق. م پئلاٽائين (Palatine) پهاڙن تي ڏيکارين ٿا، جنهن ۾ پاڙيسري جابلو آباديون پڻ هيون. رومين جا اوائلي مذهبي ۽ سياسي لاڳاپا ٻين لاطيني قومن سان رهيا، جيڪي جيوپيٽر جي مندر ’مونٽي ڪيوو‘ ۽ ٻين تيرٿ گاهن تي قائم ڏسجن ٿا، ان کانپوءِ لاطيني قومن ’البا‘ جي تباهيءَ سبب ’رومين‘ کي ڪافي شھرت ملي. ان کانپوءِ ’ڊيانا‘ ديويءَ جو مندر روم ۾ ٺاهيو ويو.
مذهب کان وڌيڪ سياسي مصالحتي نظام حڪومت، فن عمارت سازي، قانون ۽ ادب جي ڪري، دنيا ۾ رومن تھذيب مشھور آهي. پهريون مشھور قيصر روم ’ٽرڪئينئس اول‘ (Traquinius) اٽڪل 600 ق. م ۾ ٿي گذريو. 510-534 ق. م دوران ٽرڪئينئس ٻيو تخت نشين هو. 508 ق. م ۾ روم ۽ ’ڪارٿيج‘ حڪومتن جي وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن ۾ روم سڀني لاطيني قبيلن جي نمائندگي ڪئي. 500 ق. م پهريون رومن ڊڪٽيٽر مقرر ٿيو. 484 ق. م ۾ ڪئسٽوريس (Castores) جو مندر تعمير ٿيو. 443ع ق. ۾ سينسر (Censor) ڊڪٽيٽر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ 431 ق. م واري الگائيڊس لڪ جي تاريخي لڙائيءَ ۾ رومن ڊڪٽيٽر ’پوسٽيومئن‘ ٽيوبرٽس ايڪوئي قبيلي کي شڪست ڏني. ’وولسي ۽ ايڪيوئي‘ قبيلا آهستي آهستي هٽندا ويا ۽ رومن نيون آباديون لاطيني شراڪت سان قائم ٿينديون رهيون.
پنھنجي عروج وقت رومي سلطنت برطانيا ۾ هيڊريان ڀت کان وٺي نار تائين پکڙيل هئي ۽ مانچسٽر (برطانيا)، اٿينس (يونان) جا علائقا پڻ رومي سلطنت هيٺ هئا ۽ چوٿين صديءَ ۾ اهي معاشي، سماجي ۽ خاص طور روحاني معاملن جي هڪ وڏي شاهي گهوٽالي جو شڪار ٿيا. اهو ئي وقت هو، جڏهن مختلف نوان مذهبي لاڙا ۽ فرقا هڪٻئي سامهون موجود هئا، جن مان گهڻي ڀاڱي ويجهي اوڀر ۽ ايران جي پرامن روايتن تي دارومدار رکندڙ هئا، جن ۾: يهوديت، ايمان بدران علم وسيلي نجات تي ايمان رکندڙ عيسائي فرقو (Gnosticism) ۽ زردتشت مذهب اهم هئا، پر انهيءَ روحاني ولولي ۽ عيسائي شهنشاھہ ڪانسٽنٽائن جي پٺڀرائيءَ سان سلطنت جو سرڪاري مذهب عيسائيت ٿيو.
رومي سلطنت 410ع ۾ اترينءَ ڪاھہ سبب ڊهي پٽ پئي، پر تاريخي مھم جو اهو احساس ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيو. رومي ڪڏهن بہ زوال پذير نہ ٿيا، جو رومي ثقافت، نظريا، رومي سامراجيت ۽ رومي عيسائيت اولھہ جي نظرين ۽ آدرشن جي بنياد طور هلندا پيا اچن. رومي سلطنت جي زوال کان پوءِ جرمن قبيلن کنڊر بڻيل پرڳڻن ۾ پنهنجا نوان گهر اڏيا، برطانيا جي ڪشادن سامونڊي ڪنارن تي، ويجهي اوڀر سان تعلق رکندڙ هڪ مذهب، مصر جي بنواس پڻي ۽ اٽليءَ سان تعلق رکندڙ هڪ تحريري ٻوليءَ سان اينگلو سيڪسن سامونڊي ڪنارن تي لٿل سمورن جلاوطنن سان گڏجي پنهنجو نئون نظام جوڙڻ شروع ڪيو.
رومي سلطنت: رومي سلطنت، دنيا جي قديم ۽ عظيم سلطنتن مان هڪ آهي. قديم تاريخي دور ۾ هن سلطنت جي مجموعي پکيڙ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي اولھہ کان ويندي اوڀر جي شامي ريگستان (Syrian Desert) ۽ ڏکڻ طرف کان ٿيندي اسڪاٽلينڊ جي هيٺاهين علائقن ۽ درياهي ڇوڙ تي مشتمل هئي.
رومي سلطنت جي قيام دوران اسريل موروثي روايتن، يادگار عمارتن، ادب، ثقافت، آگسٽس ۽ نيرو جهڙن لازوال ڪردارن سان گڏ ڳچ تاريخي واقعا ۽ انهن بابت غير رسمي شاهديون جهجهي انداز ۾ ملن ٿيون.
اوائلي دور ۾ روم انفرادي طور جداگانه ننڍين ننڍين رياستن تي مشتمل هو، بعد ۾ هڪٻئي تي غلبو حاصل ڪرڻ جي چاھہ، سخت فوجي قاعدن، مسلسل جهيڙن ۽ جنگي حالتن سندن عزم ۽ ارادن کي اڃا مضبوط ڪيو ۽ کين ان ڳالھہ جو اندازو پڻ ٿيو تہ ٻين علائقن تي فتح حاصل ڪرڻ جي نتيجي ۾ سندن معيشت ۽ طاقت ۾ واڌارو ايندو پي ويو.
ان ڪري رومين پهرئين دور ۾ ٽن پاسن کان سمنڊ ۾ گهيريل ٻيٽ سِسلي (Sicily) تي رهندڙ ڪارٿين قبيلي کي شڪست ڏئي، انهن تي فتح حاصل ڪري رومي سلطنت جو بنياد وڌو. رومين طرفان اها پهرين پيونڪ جنگ (Punic War) 264 ق. م کان 241 ق. م تائين جاري رهي. هيءَ جنگ فونيقي سلطنت خلاف اتر آفريڪا جي قديم شھر ڪارٿيج (جديد تيونس جي ڀرپاسي) وارن علائقن ۾ وڙهي وئي هئي. پهرين جنگ جي ڪاميابي، رومي سلطنت کي نہ صرف بحري، بلڪ زميني طاقت طور نروار پڻ ڪيو. رومي سلطنت کي پهرين اهم ۽ ڪارائتي حاصلات ٻي پيونڪ جنگ (2nd Punic War) جي ڪاميابيءَ (201- 218 ق. م) کان پوءِ ڏکڻ اسپين ۽ سمنڊ پار ائڊرياٽڪ (Adriatic) جي آخري سامونڊي علائقن تي فتح حاصل ڪرڻ کانپوءِ ٿي. ساڳيءَ ريت ٻي صديءَ ڌاري، گريس، مقدونيا (Macedonia)، تونيشيا (Tunisia) ۽ ننڍي کنڊ جي اولھہ وارن ننڍن علائقن جي فتح رومي سلطنت ۾ واڌارو آندو.
انهن قبضن ۽ فتحن روم کي محدود اطالوي طاقت مان ڀونوچ طاقت ۾ بدلائي ڇڏيو. جيتوڻيڪ ان وقت روم سلطنت جو واحد مرڪز هو، تنهن هوندي بہ پهرين صديءَ جي پوين ڏهاڪن تائين رومي سلطنت تي ڪنهن بہ بادشاھہ جي تسلط بجاءِ جمهوري بنيادن تي حڪومت سازيءَ جو تصور ملي ٿو.
ان ڏس ۾ سندن طاقت سينيٽ ۾ موجود شھري اڳواڻن ۾ ورهايل هئي، رومي سلطنت جي انتظام ڪاريءَ لاءِ هر سال چونڊن وسيلي ميجسٽريشن (Magistrate) جي چونڊ ڪئي ويندي هئي، جيڪي حڪومتي فيصلن تحت احڪامن تي عمل ڪندي سلطنت جون سموريون ذميواريون نڀائيندا هئا. ساڳيءَ ريت، سمنڊ پار فتح ڪيل علائقن کي صوبي جو درجو ڏئي انهن مٿان گورنر مقرر ڪيا ويندا هئا، جيڪي پڻ رومي سلطنت سان لاڳاپيل هوندا هئا.
رومي سلطنت جي جمهوري نظام ۾ تبديلي پهرين صدي ق. م جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ان وقت آئي، جڏهن طاقتور فوجي آمرن، روم جي جمهوري حڪومت کي ختم ڪري نئين سر پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. انهن مان سُلا (Sulla) جو نالو قابل ذڪر آهي، جنهن آمرانه نموني 82 ق. م کان 79 ق. م تائين رومي سلطنت تي حڪومت ڪئي. تنهن کان پوءِ پومپي (Pompey) ۽ جوليس سيزر (Julius Caeser) پڻ سندس روايت کي برقرار رکيو ۽ مختلف وقتن ۾ روم تي اڪيلي سر حڪومت ڪئي. سيزر 58 کان 51 ق. م دوران گئلڪ جنگ (Gallic War) ۾ گال (Gaul) کي فتح ڪيو ۽ 48 ق. م ڌاري فارسالس (Pharsalus) جنگ دوران پومپي کي شڪست ڏئي سڄي روم جو آمر ۽ غير تڪراري حڪمران مقرر ٿيو. بعد ۾ سندس مخالفن کيس 44 ق. م ۾ قتل ڪري ڇڏيو. سيزر جي موت کان پوءِ رومي سلطنت ۾ حڪومت جون ٻہ دعويدار ڌريون سامهون آيون. هڪ سيزر جو پٽ ڪري پاليل ڀائٽيو اوڪتاويان (Octavian/ Octavious) ۽ ٻيو مارڪ اينٽوني (Mark Antony). ابتدائي ڪجهہ عرصي اندازاً چوڏهن سالن تائين ٻنهي امن ۽ صلح پسنديءَ سان رومي سلطنت جون واڳون سنڀاليون، پر پوءِ سلطنت کي ٻن حصن ۾ ورهائي پنھنجي الڳ الڳ حڪومت قائم ڪيائون.
مارڪ اينٽوني اوڀر وارين رياستن کي ملائي حڪومت قائم ڪئي ۽ مصر جي راڻي قلوپطرا سان شادي ڪيائين. اينٽوني جي ڀيٽ ۾ اوڪتاويان (Octarian) اولھہ وارن ملڪن کي پنھنجي حڪومت هيٺ آندو.
31 ق. م ڌاري، اوڪتاويان پنھنجي طاقت ۽ سياسي بصيرت جي آڌار تي مارڪ اينٽوني ۽ قلوپطرا کي ايڪٽيئم (Actium) جي سامونڊي جنگ دوران يونان ۾ شڪست ڏني. هن شڪست کان پوءِ اينٽوني ۽ قلوپطرا خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ مصر روم جي صوبي جي حيثيت ۾ ظاهر ٿيو. چئن سالن کانپوءِ اوڪتاويان کي سمورن فوجي ضابطن ۽ اهم صوبن جي اختيارن سان گڏ روم جو پهريون آئيني شھري تسليم ڪيو ويو. بعد ۾ کيس آگسٽس جو لقب ڏئي رومي سلطنت جو پهريون شهنشاھہ مقرر ڪيو ويو. رومي سلطنت جي اولھہ ۾ سندس حاڪميت 476ع تائين، جڏهن تہ اوڀر ۾ بازنطيني سلطنت جي زوال ۽ ترڪي سلطنت جي قيام تائين قائم رهي.
پهرين صدي ق. م ڌاري آگسٽس جي حڪومت دوران رومي سلطنت، ننڍي کنڊ ۽ سائريا (پومپي جي فتح ڪيل رياستن)، جوليس سيزر جي فتح ڪيل علائقي گال (Gaul) ۽ خود آگسٽس جي فتح ڪيل رياست مصر (Egypt) تي مشتمل، ڀونوچ جي هر ڪنڊ تائين وسيع پئماني تي پکڙيل سلطنت هئي. آگسٽس، پنھنجي دؤر حڪومت ۾ سگهارا/ مضبوط سرحدي علائقا قائم ڪرڻ خاطر بالڪنز (Balkans) ۾ منظم حڪمت عملي جوڙي. مثال طور: هن پهرين دنيوب (Danube) تائين مڙني رياستن کي فتح ڪيو ۽ پوءِ جرمنيءَ ۾ ايلبي (Elbe) جي سرحدن تائين سلطنت جي پکيڙ لاءِ مھم جو آغاز ڪيائين. پر 9 صدي عيسويءَ ڌاري ٽيوٽوبرگ فاريسٽ (Teutoburg Forest) ۾ جرمن فوج طرفان سندس ٽن کان ڇھہ هزار سپاهين تي ٻَڌل ٽن ڊويزنن کي نيست و نابود ڪرڻ بعد هن حملي تان هٿ کڻي ڇڏيو ۽ رومي سلطنت سندس فتح ڪيل سرحدن تائين محدود ٿي وئي.
جيتوڻيڪ آگسٽس، پنھنجي وفات کان اڳ پنھنجي جانشينن کي سلطنت جون سرحدون وڌائڻ کان منع ڪيو هو، پر سندس وفات جي 5 سالن بعد رومي سلطنت جي سرحدن ۾ فطري ۽ حادثاتي طور آهستي آهستي واڌارو ايندو رهيو، خاص ڪري ڪلاڊيئس (Claudius) (68-54)، ٽريجن (Trajan) (117- 98) ۽ سيپٽيميئس سيورز (Septimius Severus) (211-193ع) جي بادشاهي دوران رومي سلطنت جي پکيڙ ۾ غير معمولي اضافو ٿيو. ٽريجن شهنشاھہ (117- 98) جي دؤر (117- 98ع) ۾ رومي سلطنت، اتر برطانيا کان ويندي ڏکڻ مصر ۽ ٽن پاسن کان گهيريل سامونڊي ٻيٽ لبيرين (Liberian) کان وٺي ڳاڙهي سمنڊ (Caspian Sea) تائين پکڙيل رهي.
ادب ۽ فن جي حوالي سان، آگسٽس جي دؤر کي رومي سلطنت جو سونهري دؤر ليکيو وڃي ٿو. هن نہ صرف پنھنجي دؤر جي شاعرن، اديبن، مصورن ۽ ليکڪن جي سرپرستيءَ کي پنھنجي فرض ۾ شامل ٿي سمجهيو بلڪ هوريس (Horrace)، ورجل (Virgil) ۽ لِيوي (Livy) جهڙن عظيم ڏاهن ۽ مدبرن سان سهڪار ۽ سندن حوصلي افزائي پڻ ڪندو رهيو. سندس دؤر ۾ عظيم ادبي فن پارو افسانوي ڪردارن جي دليريءَ وارن ڪارنامن تي مشتمل ورجل جو رزميه شاعريءَ جو نظم ’انائڊ‘ (Aeneid) هو، جنهن ۾ ورجل، روم جي تاريخ کي شاعريءَ وسيلي نهايت ئي موزون ۽ ماهرانه انداز ۾ پيش ڪيو. ان کانسواءِ سندس ٻيو اهم ڪارنامو روم شھر کي رومي سلطنت جي خوشحال راڄڌاني ٺاهڻ هو. روم شھر کان اڳ رومي سلطنت جي راڄڌانيءَ جو اعزاز سڪندريه شھر (Alexandria) کي حاصل هو، جيڪو ان وقت هزارن جي آباديءَ تي آڌاريل اولھہ دنيا جو وڏي ۾ وڏو شھر سمجهيو ويندو هو. هن، رياستن ۾ اَن (خوراڪ) جي فراهميءَ لاءِ آبي گذرگاهون ۽ ليپ جو بھترين نظام پڻ تعمير ڪرايو. آگسٽس کان پوءِ رومي ثقافت ۽ تھذيب ٻين شهنشاهن جھڙوڪ: سخت ۽ هٺيلي تبريس (Tiberius)، خودمختيار ۽ آمريت پسند ڪيليگولا (Caligula)، وهمي ڪلاڊيئس (Claudius) ۽ فن سان انتهائي محبت رکندڙ نيرو (Nero) جي حاڪميت هيٺ تمام تيزيءَ سان وڌي ۽ ويجهي.
رومي سلطنت جي قيام دوران روم ۽ اٽليءَ جي خوشحاليءَ جا آثار ان دؤر جي يادگارن ۾ اڄ تائين نمايان آهن، جن ۾ ان دؤر جي وڏن شهرن جي باقيات، پومپي (Pompeii) ۽ هرڪيو لينيم (Herculaneum) جي آرائشي حويلين جا آثار ڌاتوگريءَ ۽ حسين زيورن جي بناوت وغيرہ شامل آهي.
رومي سلطنت جا رهواسي، پنھنجي معاشي استحڪام لاءِ ڏورانهن علائقن ۾ سفر پڻ ڪندا رهيا، انهن تجارتي موقعا حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي ننڍيون ڪالونيون جوڙايون، جن مان ڏکڻ هندستان ۾ قائم آريڪا ميدو (Arikamedo) ڪالوني، ان جو بھترين مثال هئي.
ساڳئي وقت 2 صدي عيسويءَ دوران اسپين ۽ اتر آفريڪا (موجودہ تونيشيا: Modern Tunisia)، رومي سلطنت جا خوشحال ترين صوبا شمار ڪيا ويندا هئا.
117 کان 138 عيسويءَ جي وچ واري عرصي دوران هئڊران (Hadrian)، استحڪام ۽ مضبوطيءَ جي پاليسي اختيار ڪندي ٽريجن جا فتح ڪيل علائقا ڇڏي، باقي رومي سلطنت کي باربيرين (Barbarian) جي حملي کان بچائڻ خاطر اترئين برطانيا ۾ دفاعي ديوار تعمير ڪرائي.
مؤرخن جي اندازي موجب لڳ ڀڳ ٽين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري اندرين ۽ ٻاهرين مونجهارن ۽ انتشار سبب رومي سلطنت جي ساک ڪمزور ٿيڻ لڳي. ان کان سواءِ اوڀر طرف پاڙيسري فارس جي طاقتور ۽ نئين اڀرندڙ ’ساساني سلطنت‘ جي اؤسر پڻ رومي سلطنت جي زوال جو سبب بڻي. ٽين صدي عيسويءَ جي خراب حالتن کان پوءِ رومي سلطنت کي زوال پذير ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ٻن حڪمرانن ڊائيو ڪليٽائن (Diocletine) (305- 284ع) ۽ ڪونسٽينٽائين (337- 306ع) سهارو ڏنو ۽ رومي سلطنت کي ٻيهر منظم ڪرڻ جون ڪوششون ورتيون، پر کين ڪاميابي حاصل نہ ٿي سگهي.
ڪونسٽينٽائن، مذهبي حوالي سان اصلاحات ڪندي روم جي روايتي خدائن کي مسترد ڪري عيسائيت کي رومي سلطنت جي رياستي مذهب جو درجو ڏنو ۽ اوڀر ۾ بازنطين (Byzantium) کي رومي سلطنت جي نئين راڄڌاني مقرر ڪيو، اها سلطنت 395 عيسويءَ تائين جيئن جو تيئن برقرار رهي، پر پوءِ سرڪاري سطح تي اها سلطنت مختلف حصن ۾ ورهائجي وئي. اوڀر طرف وارا صوبا بازنطين سلطنت جي دائري ۾ اچي ويا، جيڪا 1453ع تائين قائم رهي ۽ ٻيا حصا اولھہ صوبن ۾ تقسيم ٿي ويا، جن تي 5 صديءَ ڌاري جرمن حملي آورن ڪاھہ ڪري فتح حاصل ڪئي.
رومي سلطنت جي پڇاڙي واري دؤر ۾، اولھہ ۾ قائم سلطنت جو آخري شهنشاھہ روميولس آگسٽيولس هو، جنهن جي 476ع ۾ استعيفا ڏيڻ کانپوءِ اٽليءَ جرمن سلطنت/ بادشاهت ۾ شامل ٿي ويو. 2000 سال قبل، تبرس/ تبر (Tiber) درياھہ جي ڪناري اُسريل رومي سلطنت جا آثار اڄ سوڌو يورپ جي ٻولي، ثقافت ۽ سياست تي نمايان آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو