رونالڊ ريگن

رونالڊ ريگن

رونالڊ ريگن

رونالڊ ريگن (Ronald Reagan): آمريڪا جو چاليهون صدر رونالڊ ريگن، 1911ع ۾ پيدا ٿيو. هن جو صدارتي دؤر ٻين آمريڪي صدرن کان مختلف ۽ منفرد هو. رونالڊ ريگن جي شروعاتي سڃاڻپ هالي ووڊ جي فلمن جي اداڪار ۽ ٽيليويزن جي ميزبان/ ڪمپيئر واري هئي. هن صدارتي عهدي جو نئون انداز متعارف ڪرايو. هن جي سياسي حيثيت جي ڪاميابيءَ جو بنياد سندس ذاتي وڻندڙ شخصيت ۽ سندس ’قدامت پسند گروپ‘ (Conservatives Group) سان واسطا هئا. هن جو خيال هو تہ آمريڪي قوم پنھنجي روايتي قدرن واري واٽ ڀٽڪي وئي هئي، ان ڪري ان کي ساڳين قدرن جو حامل هئڻ گهرجي. ماڻهو ريگن کي انهن قدرن جي شخصي ۽ نظرياتي علامت سمجهندا هئا. 1967ع ۾ آمريڪا جي ڳتيل آباديءَ واري رياست ڪيليفورنيا جي گورنر ٿيڻ کان اڳ هو ڪنهن بہ سرڪاري عهدي تي نہ رهيو هو ۽ جلد هڪ سنجيدو صدارتي اميدوار بڻجي ويو. رونالڊ ريگن، 1981ع کان 1989ع تائين آمريڪا جو صدر رهيو. سندس دؤر ۾ يو. ايس جي سرڪاري اقتصادي ۽ سماجي پاليسين ۾ وڏيون تبديليون آيون. هن جي انتظاميہ فرينڪلن، روز ويلٽ ۽ بن جانسن جي دؤر ۾ شروع ٿيل ڪيترن سماجي پروگرامن کي ختم يا گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ سندس دؤر ۾ ڪاروباري سرگرمين تي وڌل پابنديون ختم ڪيون ويون. هن آمريڪي سپريم ڪورٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورت جج مقرر ڪئي.
صدارتي عهدي تان فارغ ٿيڻ کانپوءِ رونالڊ ريگن، ڪيليفورنيا ۾ رهڻ لڳو ۽ ڪيترن معاملن ۾ ڪنزرويٽوِ گروپ جي حمايت ڪندو رهيو. هن پنھنجي سوانح عمري An American Life جي نالي سان لکي، جيڪا 1990ع ۾ ڇپي. هن بھترين قسم جي لائبرري بہ قائم ڪئي.
1994ع ۾ رونالڊ ريگن Alzhiemer نالي هڪ دماغي بيماريءَ جو شڪار ٿيو ۽ ٻئي سال ريگن ۽ سندس گهر واري نينسي ريگن اعلان ڪيو تہ هو گڏجي هڪ قومي ايسوسيئيشن نينسي ريگن انسٽيٽيوٽ کوليندا، جتي هن مرض جو علاج ۽ تحقيق ٿيندي.
رونالڊ ريگن 5 جون 2004ع تي گذاري ويو.


لفظ رونالڊ ريگنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو